22/06/2026
ڪراچي: ڪوڪين ڊيلر انمول عرف پنڪي جي ڪيس ۾ جج جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته:
"هڪ مهيني کان جيل ۾ قيد عورت جي گرفتاري به داخل نه ڪري سگهيا آهيو، پوءِ جاچ ڇا ڪندا؟"
تفصيلن موجب ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ ڪوڪين ڊيلر انمول عرف پنڪي خلاف داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. انمول پنڪي جي سهولتڪار عاقب ۽ غلام عباس کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران انڪشاف ٿيو ته ڪيس جي دستاويزي ڪارروائي ۾ اڃا تائين مرڪزي جوابدار انمول عرف پنڪي جو نالو ئي شامل نه ڪيو ويو آهي.
جوڊيشل مئجسٽريٽ نعيم اختر جاچ آفيسر تي سخت برهمي جو اظهار ڪندي چيو ته:
"توهان کي ايتري به توفيق نه ٿي آهي جو هڪ مهينو اڳ گرفتار ٿيل جوابدار جي گرفتاري داخل ڪري سگهو. جيڪو جاچ آفيسر جيل ۾ قيد جوابدار جي گرفتاري به داخل نه ڪري سگهي، اهو جاچ ڇا ڪندو؟"
ان تي سرڪاري وڪيل عدالت کي يقين ڏياريو ته جاچ آفيسر اڄ ئي هر صورت ۾ جوابدار جي باقاعده گرفتاري جو اندراج ڪري ڇڏيندو.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار عاقب جي نشاندهي تي واردات ۾ استعمال ٿيل موبائل فون هٿ ڪرڻو آهي، جڏهن ته نيٽ ورڪ جي ٻين فرار ساٿين جي گرفتاري به اڃا باقي آهي.
عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي ٻنهي جوابدارن، عاقب ۽ غلام عباس، جي جسماني ريمانڊ ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته جوابدارن خلاف ڪراچي جي گارڊن ٿاڻي ۽ بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ منشيات فروشي جا سنگين ڪيس داخل آهن.