14/09/2025
کوھ ۾ گهوڙو ڪري پيو مالڪ ان کوھ مٿان بيهي ان کوھ مان گهوڙي کي ڪڍڻ جو طريقو سوچيندو رهيو جڏهن گهوڙي کي کوھ مان ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿيو ته پاڻ کي مطمين ڪرڻ لاء چيائين گهوڙو هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهي منهنجي ڪم جو به ناهي رهيو بس ڇڏي ٿو ڏيانس کوھ کي لٽي ٿو ڇڏيان
هن ٻين پاڙي وارن جي مدد سان گڏ کوھ لٽڻ شروع ڪيو ته گهوڙي وڏي دانهن ڪئي ۽ پاڻ مٿان ايندڙ ڪچري مٽي کي پٽ تي اڇلائيندو ان مٿان بهيندو ويو گهوڙو مٿي ٿيندو ويو نيٺ صفا مٿي ٿي آيو گهوڙو ٻاهر نڪري آيو ھي منظر ڏسي مالڪ سميت سڀ حيرت ۾ پئجي ويا
زندگي ۾ اسان سان پڻ ائين ئي ٿيندو آهي اسان جي مٿان ڪچرو اڇلايو ويندو آهي ڪردار ڪشي ڪئي ويندي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي
پر گند جي هن ڍير کان بچڻ لاء اهو طريقو ناهي جو ان گند جي ڍير ۾ دفن ٿي وڃو
پر اسان کي انهن بيڪار شين جو مقابلو ڪري اسان کي مٿي ۽ اڳتي اچڻ کپي
زندگي ۾ مشڪلاتون پٿر جيان هونديون آهن اهو اسان تي آهي ته يا اسان انهن پٿرن هيٺان دٻجي وڃو يا انهن پٿرن مٿان چڙهي ٻاهر نڪري اچون
ڪچرو اڇلائڻ وارا اڇلائيندا رهندا پر ڪامياب ماڻهو پنهنجي منزل ۽
رستن جو تعين پاڻ ڪندا آهن... ❤️🙏