Faqeer Abdul Fatah Official

Faqeer Abdul Fatah Official incharge social media team dargah bharchoondi shareef

27/08/2025

ڀالوا، مَائي مَاروي جو کُوھ🎪🏜
مُڪمل پَڙھجو، دِلچسپ معلومات،

عُمر ماروي لوڪ داستان ھڪ سچي ڪھاڻي تي مشتمل آھي، جنھن ۾ کوڙ پھلو بطور سبق سمجھي سگھجن ٿا...

ڀالوا ھي ننگر پارڪار تعلقي جو ھڪ علائقو آھي جتي مائي ماروي جو گھر ھيو..
اچو داستان طرف....
نالي عُمر ھڪ بادشاھ ٿي گذريو آھي جيڪو سومرو قبيلي سان تعلق رکي ٿو،
سندس جُوڙيل عمرڪوٽ جو جڳ مشھور قلعو اڄ به پنھنجي ھيبت، عبرت دٻدٻي سان موجود آھي،
انھي مُلڪ ۾ ريٻار قبيلي منجھ ھڪ عورت رھندي ھئي جنھنجو نالو مائي ماروي ھيو،
ماروي پنھنجي برادري جي ھڪ نوجوان نالي کيت سان مڱيل پڻ ھئي،
ريٻار قبيلو ھڪ مالوند مسڪين قبيلو ھيو جنھنجو گُذران فقط مال🐏🐐🐂، ڏُڌ سانگي سان ھيو،
ھڪ ڀيري ڪنھن شخص اچي عُمر بادشاھ جي دربار ۾ مائي ماروي جي حُسن جي ڏاڍي ھاڪ ھنئي، اُن تعريف عُمر بادشاھ تي گِھرو اثر ڪيو،
جنھن سببيان ھُو، پنھنجين خاص ساٿين سان لباس مٽائي، عُمرڪوٽ کان 170 ڪلوميٽر جي لڳ ڀڳ سفر ڪري، اچي ڀالوا پھتو،
ماروي جي ڳوٺ ٻاھريان جتي اڄ به ھي کوھ موجود آھي اتي اچي لڪي ويٺو،
ڪا ويرم گُذري، ته ماروي به اچي سھيلين سان پاڻي ڀرڻ لاءِ پھتي،
عُمر اٽڪل سان ٻاھر نڪري کوھ طرف اچي ماروي کان پئيڻ لاءِ پاڻي جي گُھر ڪئي،
جنھن تي ماروي کيس پاڻي ڏنو، ٻُڪ سان پاڻي پئيندي عُمر سندس حُسن، سُونھن جو مُشاھدو ڪري ورتو، ۽ ساٿين کي اشاري سان سڏرائي، ماروي کي اُٺن تي سوار ڪري کڻي اچي عُمرڪوٽ قلعي پُھتو،
جتي ھُن ماروي کي ساڻن نڪاح ڪرڻ ھي پيشڪش ڪئي،
ليڪن ماروي سخت خفگي سان اھا پيشڪش کيس ٺُڪرائي ڇڏي،
عُمر بادشاھ کڻي ته آيو، اھو طريقو ته سندس غلط ھو، پر ڪنھن پارين ھُو مُڙس ماڻھو به ھو، ڇو ته ھُن ماروي کي به اھا ڳالھ ڪئي ته ھو جيسين راضي خوشي نڪاح نه ڪندي ته زبردستي نڪاح به نه ڪندو ۽ نه وري ڪا بد اخلاقي جو مظاھرو ڪندو،
خير
ھِن مائي ماروي کي راضي ڪرڻ لاءِ مختلف حيلا ھلايا، جھڙوڪ، نوان بخمل، ريشمي ڪپڙا، ان سان گڏ سينگار جو سامان، آڏو آندو، ۽ پلنگ، مٺايون، عمدہ نفيس کاڌا پيتا، مال دولت مطلب سڀ ڪجھ آڏو رکيو،
پر ماروي انھن سڀين شين ڏانھن اک کڻي به نه ڏٺو، ڇو ته ھُو ھڪ غيرت مند نياڻي ھئي جنھن تي اڄ به ٿر وارا فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري ماروي جا ڳيچ. ڳائيندا آھن،
اگر ڏٺو وڃي ته ماروي نھايت مسڪين گھراڻي منجھان ھئي، ڪپڙا، زيور، کاڌا، مال دولت، عزت شھرت، سڀيئي سندس ضرورتون ھيون، پر غيرت، عزت حقيقي جو ڀرم رکيائين سڀ ٿُڏي ڇڏيائين،
شاھ ڀٽائي کيس ڏاڍو ڳايو آھي..
👇👇👇👇👇👇
آرَمَ ھَڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽَ چِيرَ؛
ٻانڌُوڻا ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ؛
مارُوءَ سين شَلَ ماڻِيان، کَٿِيُون جَھِڙيُون کِيرَ!
اَندَرُ اُڃَ اُڪِيرَ، مُون کي پِرينءَ پنوَھارَ جِي.
ترجمو،
مان ارمڪ (ريشمي ڪپڙا) ۽ پٽ پٽيھر ھرگز نہ پھرينديس. قيمتي پوتيون، بافتا ۽ آسماني رنگ جا نفيس لباس مان ٻن وجهان. شل مان ماروءَ سان (پنھنجي ورکيت سين) کير جھڙيون اڇيون ۽ اوجل کٿيون وڃي ماڻيان. مون کي پنھنجي اندر ۾ محبوب پنوھار جي پياس آهي.

اِيَّ نہ مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نہ مَٽِيان.
---
مارن جو اِهو دستور ناهي، جو سون جي لالچ تي پنھنجا سيڻ بدلائي ڇڏين. مان امر ڪوٽ ۾ اچي، اهڙي ڪڌي روش اختيار نہ ڪنديس. اَباڻن پکن لاءِ جا محبت اٿم، سا محل جي ماڙيءَ سان ھرگز نہ مٽينديس.
سبحانﷲ..
بھرحال قصو ڪُوتاھ،
عمر جا جڏنھن وس نه ھليا لاچار ٿي ته کوڙ ڏينھن بعد واپس کڻي اچي عزت سان سندس خاندان برادري ۾ اچي پھتو ۽ سڀن کي وڏي واقعي چيائين ته ماروي سان نڪاح ڪرڻ ٿي چاھيو پر ان جي مڪمل انڪار تي ساڳوئي پاڪدامني سان اوھان وٽ پھتي آھي، اُن غلط نا سمجھجو..
خير عمر بادشاھ تي واپس موٽي ويو،
پر سماج ڪٿي ٿو اھڙي داغ کي قبول ڪري، والدين تي رحم ڪندي قبوليو پر سندس مڱيندي، کيت ٺِپ انڪار ڪيو ته ھيترا ڏينھن بادشاھي محل ۾ رھي، ڪئين ٿي عزت بچائي سگھي،
پنچائت ڪٺ ۾ جڏنھن کيت انڪار ڪيو تڏنھن، غيرت، خودداري سان ڀريل مائي ماروي جوش منجھان اعلان ڪيو ته، سڀان ھن پنچائت جي سامھون باھ جو مُچ مچايو وڃي، آئون انھي باھ جي چخي منجھ گھڙندس، اگر سچي ھوندس ته جھان ڏسندو، اگر ڪُوڙي ھوندس ته مرجان سڙي رُک ٿيان باقي ان مھڻي سان نٿي جي سگھان،
خير
ٻي ڏينھن واقعي باھ جو آڙاھ ٻاريو ويو، روايت آھي ته ماروي نالو ڌڻي جو وٺي اُن آڙاھ ۾ ڪاھي پئي، ۽ 03 ڀيرا ان مچ باھ جي ۾ آئي ۽ وئي، پر سندس ھڪ وار کي به تئو ڪون آيس،
جنھنتي ماروي سَتي ثابت ٿي،
دوستو قصو مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪـئي پر الھي وڌي ويو حالانڪه کوڙ حقيقتون بيان ناھيان ڪري سگھيو،
پر ھاڻ سنگت ڪمينٽ ڏي ته اوھان ان قصي بابت ڇا ڄاڻو ٿا ۽ ھن ۾ ڪيترا سبق سماجي موجود آھن، ۽ ڪيترا سبق روحاني ڀريل آھن..
ڪجھ گھڙيون اسان به اتي ويھي سنگت سان رھاڻ ڪئي سي..
طالب دعا، فقیر عبدالفتاح قادری

04/01/2025

آج کی اہم بات،
مرید وہ ھے جو اپنے مرشد کامل کے سامنے اپنی تمام معلومات کو بھول جائے،
یعنی، مرید جب اپنے پیر کامل کے سامنے حاضر ھوتو مرشد کی کسی بات پر اعتراض نا کرے، نا ھی اپنے علم کو مرشد سے زیادہ جانے سمجھے، بارگاھ مرشد میں فقط صُورت مرشد کو نظر میں رکھے اور مرشد کی ہر بات کو اپنے اندر محفوظ کرتا رھے،
خانقاہوں سے وابسطہ احباب اس بات کو خوب سمجھ سکتے
Pir Sain Abdul Khaliq Official

21/12/2024
05/12/2024

کامیاب لوگ کون۔۔

الَّذِیۡنَ صَبَرُوۡا وَ عَلٰی رَبِّہِمۡ یَتَوَکَّلُوۡنَ ﴿۴۲﴾
ترجمہ،
جن لوگوں نے صبر کیا اور اپنے رب پر توکل کئے رکھتے ہیں،
سورہ نحل،
Pir Sain Abdul Khaliq Official

Address

Bharchundi Sharif
Raharki

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Faqeer Abdul Fatah Official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Faqeer Abdul Fatah Official:

Share