13/06/2025
پِير پاڳاري ۽ حُر جماعت جو ڏوھ! حيرت آھي تہ پير پاڳاري ھِڪ تمام سُٺو قدم کنيو آھي، پر سندس خلاف سوشل ميڊيا تي باھوڙ مَچي وئي آھي- آئون نہ تہ پير صاحب پاڳاري جو مُريد آھيان، ۽ نہ ئي وري حُر جماعت جو ماڻھو- اُن ھُوندي بہ مُون کي پير پاڳاري جي شخصيت ۽ حُر جماعت ۾ ھِڪ خاص دلچسپي ضرور رَھي آھي، جنھن جا کوڙ سارا سبب ٿِي سَگھن ٿا، پر ھِڪ اَھم ڪارڻ اُنھن جي طاقت ٻَڌي، جماعت جو نظم ضبط، ۽ وطن دوستي آھي- سَڀ کان پَھرين ڳالھ تہ ھِي پيري مُريدي، درگاهون ۽ ٻيو گھڻو ڪُجھ رُڳو سنڌ جو مسئلو ناھي- ھِي سَڄي پاڪستان، ۽ ننڍي کنڊ جو مسئلو آھي، جنھن ۾ خاص طور تي ڀارت، بنگلاديش، سريلنڪا، نيپال، ۽ ڀُوٽان بہ شامل آھن- اُن کانسواءِ افغانستان، ايران ۽ وچ ايشيا جي مُلڪن ۾ پِڻ پيري مُريدي ۽ درگاھون موجود آھن- صُوفي ۽ رُوحاني مسلڪ جا ماڻھو توھان کي تُرڪي، يُورپ، آمريڪا، ۽ ڪئناڊا ۾ بہ مِلندا، جَن کي ڌاڳا ٻَڌل ھُوندا آھن، ۽ جيڪي پَنھنجي پَنھنجي دُنيا ۾ مَگن ھُوندا آھن- ھِتي بَحث اُھو ناھي تہ ڇا غلط آھي، ۽ ڇا صَحيح آھي، پر اُھو تاثر ڏيڻ تہ رُڳو سنڌ جا ماڻھو پيري مُريديءَ ۾ وڪوڙيل آھن، اُھو بنھ غلط آھي- پير پاڳاري جي شخصيت جو ذاتي طور ڪمال اُھو آھي ته ھُو تمام وڏي طاقت ھُوندي بہ ھميشہ صبر ۽ تدبر کان ڪم وٺندا آھن- سانگھڙ ۾ ڪيترائي اھڙا واقعا ڪرايا ويا جو پير پاڳارو چاھي ھا تہ تمام وڏو ردِعمل اَچي ھا- اُنھن واقعن جو مُک ڪارڻ بہ پير پاڳاري کي چيڙائڻ ۽ مَڇرائڻ ھو، پر تاريخ ٻُڌائي ٿِي تہ پير ڳوٺ ضلعي خيرپور سان تعلق رکندڙ ھِن خاندان منجھان جنھن تي بہ پَڳ ايندي آھي، اُھو صبر، تحمل ۽ اَمُن جو مُجسم بڻجي ويندو آھي- پير پاڳاري کي ھِڪ سازش تحت سانگھڙ ۾ "مصروف" رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ھُن سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي علائقي جو زبردست دورو ڪري آصف زرداري ۽ سندس پويان موجود قوتن کي پيغام ڏنو تہ رُڳو سانگھڙ ئي نہ، سَڄي سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي علائقو بہ اسان جا آھن- پير پاڳاري جي اُن دوري سان سنڌين ۽ بلوچن ۾ موجود ماضيءَ جو تلخيون پِڻ ميسارجي ويون- تاريخ ٻُڌائي ٿِي تہ ھِي پاڳارو خاندان ۽ سندن جماعت اُن وقت پَنھنجي طاقت استعمال ڪندا آھن، جڏھن ڪو ٻاهريون حملي آور حملو ڪندو آھي- پوءِ ھِنن جي ويڙھ ڏسڻ وٽان ھُوندي آھي- سَڄي پاڪستان ۽ سَڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪا بہ اھڙي شخصيت ۽ جماعت ناھي، جنھن وٽ پير پاڳاري ۽ حُر جماعت جھڙي طاقت ھُجي- مشھور قصو آھي تہ 1965ع واري پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ ۾ پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ ڀارتي فوج گھڙي آئي ھُئي، پر سنڌ جي حدن ۾ ڀارتي فوج جو ڪو بہ اھلڪار داخل نه ٿِي سَگھيو ھو- اُن جي ڀيٽ ۾ حُر جماعت جا ھزارين ماڻھو ڀارت جي حدن ۾ گھڙي ويا ھُئا، ۽ اُنھن ڀارتي فوج کي ڀَڄائي ھِڪ اَھم قلعي تي قبضو ڪري ورتو ھو- شايد اُھو جيسلمير جو علائقو ھو- اُن وقت جھنڊو ڦڙڪائڻ جي رسم بہ ادا ڪئي وئي، پر ڪنھن وٽ بہ پاڪستان جو جھنڊو نه ھو، جنھن ڪري فقيرن وٽ موجود اجرڪن منجھان ھِڪ اجرڪ جو جھنڊو ڦڙڪايو ويو ھو- حُر جماعت جي ماڻھن جي خاص خُوبي ھر قسم جي نشي ۽ ڪرائيم کان پَري رَھڻ آھي- حُر جماعت جا ماڻھو ھر مُشڪل وقت ۾ ھِڪٻئي جي مدد ڪندا آھن- زراعت سان گڏ چوپايي مال جو واپار ڪندا آھن- اُنڪري اُنھن منجھ غُربت تمام گھٽ آھي- اُن حوالي سان اڳوڻي پير پاڳاري شاھ مردان شاھ جي ھِڪ خاص سوچ ھُئي، ۽ ھُو پَنھنجي مُريدن کي چوندو ھو ته اسان تاريخ ۾ ھميشہ وڙھيا آھيون، پر نتيجو اُھو مليو جو پاڪستان ٺَھڻ جي اَٺن ورھين کانپوءِ بہ اسان عذاب ۾ رَھياسين، ڇو ته 1954ع تائين ھزارين حُر مرد ۽ عورتون مَعصوم ٻَچڙن سَميت لوڙھن ۾ قيد ھُئا، جِتي اُنھن کي ڪنھن بہ قسم جي بُنيادي انساني سَھولت مُيسر نه ھُئي- تاريخ ٻُڌائي ٿِي تہ انگريزن وٽ ايترا جيل نہ ھُئا، جيترا حُر مرد، عورتون ۽ ٻارڙا ھُئا- اُھو ئي سبب آھي جو وڏن وڏن ميدانن ۾ وڏا وڏا لوڙھا ھڻي اُنھن کي کُليل آسمان ھيٺ ورھين جا ورھيه اندر واڙيو ويو- ڪيترن ئي وڏن ڳوٺن کي لوڙھا ھڻي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو- اُھو ئي سبب ھو جو اڳوڻو پير پاڳارو پَنھنجي ماڻھن کي چوندو ھو تہ بابا! سَڀ جھيڙا ڇَڏيو- توھان جو ڪنھن سان ڪُجھ بہ نہ وڃي- توھان پاڻ کي ٺاھيو- ٻارڙا پڙھايو- خاص طور تي نياڻيون پڙھايو- زراعت ڪريو، ۽ چوپايو مال ڌاريو- ھِڪٻئي جا ھَٿ مضبوط ڪريو- شاھ مردان شاھ کُليل نَموني ميڊيا سامُھون پِڻ اُھو چوندو ھو ته اسان کي جيترو وڙھڻو ھو- اسان اُن کان وڌيڪ وڙھياسين- ھاڻي ڪُجھ توھان بہ وڙھو- بَھرحال! حُر جماعت جي ھِڪ خاص خُوبي اُھا بہ آھي ته اُتي مردن ۽ عورتن جو ڪو بہ فرق ناھي- انگريزن سان ويڙھ ۾ سُورھيہ بادشاھ جي گوريلا ويڙھاڪن ۾ وڏو تعداد عورتن جو بہ ھو- اُھا ويڙھ رُڳو ننڍي کنڊ ئي نہ، پر دُنيا جي تاريخن جي تمام شاندار ويڙھ آھي، جنھن ۾ ھَٿين خالي مسڪين ماڻھن دُنيا جي تاريخ جي سَڀ کان وڏي سامراج کي ٽوٽا چَٻرايا- اُن ھُوندي بہ مُون کي جڏھن کان شعور آيو آھي تہ مُون ڏٺو آھي تہ ڪنھن نه ڪنھن بَھاني پير پاڳاري جي شخصيت ۽ حُر جماعت جي طاقت کي ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي- اَڄوڪي دور ۾ ڪُجھ نام نِھاد انقلابي ۽ سوشل ميڊيا جا پَھلوان اِيئن ڪُڏي ڪاھي پَوندا آھن، ڄَڻ تہ اڪيلو پير پاڳارو ڪا رُوحاني شخصيت آھي، يا وري اڪيلي حُر جماعت ڪا رُوحاني ۽ مَذھبي جماعت آھي- جڏھن ته اِيئن بلڪل بہ ناھي- حُر جماعت ۾ رُوحانيت ضرور آھي، پر ھِيءَ ڪا مَذھبي جماعت ناھي- اُن جي ڀيٽ ۾ ھِڪ عوامي ۽ قومي وطني جماعت آھي، جنھن جو بُنيادي اصول اَمُن جي پَرچار، انسانيت سان پيار، ايڪو اتحاد ۽ وقت اَچڻ تي ڀَرپور مزاحمت ڪرڻ آھي- ھِي ماڻھو ڏاڍا آرام سان رَھندا آھن، پر جڏھن وڙھندا آھن تہ دُنيا جي ڪا بہ فوج ھِنن جي سامُھون بيھي نہ سَگھندي آھي- اُھو ئي سبب آھي جو اڪثر مَذھبي جماعتون بہ ھِنن تي ڪاوڙيل ھُونديون آھن تہ ھِنن ۾ بي پَردگي آھي وغيره وغيرہ- ھاڻي وريام فقير خاصخيليءَ جو مُعاملو سامُھون آيو آھي تہ ھِڪ ڀيرو ٻيھر پير پاڳاري ۽ سندس جماعت خلاف باھوڙ مَچي وئي آھي، جنھن جو اُنھن تي ڪو بہ فرق ناھي پَوڻو- اُن ھُوندي بہ جنھن کان جيڪو پُڄي ٿو، اُھو ڪري ٿو- حقيقت ھِيءَ آھي تہ وريام فقير خلاف کوڙ شڪايتون ھُيون، جنھن مان ھِڪ تمام سَنجيدہ شڪايت جو پير پاڳاري نوٽيس ورتو، ۽ ھِڪ نھايت ئي غريب مسڪين خاندان سان انصاف ڪندي پَنھنجي طاقتور ترين خليفي/ وزير خلاف ڪارروائي ڪري کيس مَنصب تان ھَٽائي ڇَڏيو- اُھو بہ سَچ آھي تہ حُر جماعت جي خليفن مان رُڳو وريام فقير جو ظالمن، جابرن ۽ قبضا گيرن وارو ڪِردار ناھي- ٻيا خليفا بہ ظُلم جي انتھا ڪري ويٺل آھن- حُر جماعت جي ماڻھن کي جيترو خليفن تنگ ۽ بيزار ڪيو آھي، ايترو ڪنھن بہ نہ ڪيو آھي- ڪُجھ ماڻھو خود پاڳاري خاندان ۽ جماعت کي تباھ ڪرڻ جي چَڪر ۾ لڳل آھن، ۽ اُنھن جي "ڏور" وڏين طاقتن جي ھَٿن ۾ آھي، ڇو تہ اُھي قوتون پاڳاري خاندان ۽ حُر جماعت جي ماضيءَ جي تاريخ کان سَخت خوفزدہ آھن، ۽ اُنھن کي اَڄ بہ سُٺي نَموني خبر آھي تہ سنڌ ۾ سَڀ کان وڏي سياسي طاقت پير پاڳارو ۽ حُر جماعت آھي، جنھن کي ڪمزور ڪرڻ/ ٽوڙڻ ضروري آھي- سَوال ھِي آھي تہ جيڪڏھن پير پاڳارو پَنھنجي جماعت ۾ سُڌارا آڻڻ چاھي ٿو، ۽ سندس ۽ عام ماڻھن جي درميان خليفن جي قائم ٿيل رُڪ جي ديوار ڊاھڻ چاھي ٿو ته اُن ۾ خراب ڳالھ آخر ڪھڙي آھي...؟؟ ڇا حُر جماعت قاتلن، ڏوھارين ۽ ڌاڙيلن جي جماعت آھي...؟؟ ڇا ھِنن ماڻھن ڪرپشن ڪري سنڌ کي تباھ ڪيو آھي...؟؟ ڇا توھان کي ياد آھي تہ ھِي ماڻھو ڪڏھن سنڌ جي اَمُن سان کيڏيا آھن...؟؟ ھِن جماعت جي خاص خُوبي اُھا بہ آھي ته ھِي ماڻھو ھندو - مُسلم تفريق ۾ يقين نٿا رکن، ۽ سنڌ جي دائمي اَمُن ۽ ترقيءَ جا قائل آھن- پوءِ پير پاڳاري ۽ سندس جماعت خلاف ايتري باھوڙ ڇو...؟؟ ڇا پير پاڳاري ۽ حُر جماعت جو ڏوھ اُھو آھي جو اُھي زرداري - نواز سسٽم جو حصو نٿا بڻجن، جيڪو ھِڪ نھايت ئي ڪرپٽ، ظالماڻو، عوام دُشمن، غير قانوني، غير آئيني، استحصالي ۽ مافيائي سسٽم آھي، ۽ جنھن جي پويان مُلڪي اسٽبلشمينٽ موجود آھي- ڇا اُھو سَچ ناھي تہ پير پاڳاري تي گھڻو زور رکيو ويو ته توھان بہ اُن سسٽم جو حصو بڻجي وڃو ته توھان کي صُوبائي ۽ قومي سيٽون بہ ڏيون، ۽ صَلاحڪاريون ۽ وزارتون بہ ڏيون...؟؟ پير پاڳاري ته اَڃا تائين پَنھنجي فرزند راشد شاھ ۽ غُلام دستگير راڄڙ کي ايم پي اي طور حلف کڻڻ بہ نه ڏنو آھي، ۽ چَوي ٿو اُھي سِيٽون بہ وڃي توھان کڻو- اُن کان وڌيڪ ٻيو سَخت احتجاج ۽ ناراضگي ڪھڙي ٿِي سَگھي ٿِي...؟؟ باقي ڪُجھ حڪمت عمليون اھڙيون بہ ٿِي سَگھن ٿيون، جنھن سان تڪڙا ۽ جذباتي ماڻھو ناراض ٿيندا، پر جن بہ ماڻھن کي پاڳاري خاندان جي ھِڪ حد تائين سَھپ ۽ بَرداشت جي خبر آھي، ۽ جيڪي ماڻھو حُر جماعت جي مَزاحمتي تاريخ کان واقف آھن، اُنھن کي تمام سُٺي نَموني مَعلوم آھي تہ سنڌ جي دنگن ۽ ننگن تي مُشڪل کان مُشڪل وقت آيو تہ ھِي ماڻھو ئي توھان کي پَھرين مَحاذ تي وڙھندي نظر ايندا- مان ھِن موقعي تي پير پاڳاري کي گُذارش ٿو ڪريان تہ ھُو رُڳو وريام فقير ئي نہ، ٻين خليفن جي بہ خبر چار ضرور وٺي- اُنھن ماڻھن سان وڏا ظُلم ڪيا آھن، ۽ ڪروڙن اربن جُون ناجائز ملڪيتون ٺاهيون آھن- اُن لاءِ بَھتر کان بَھتر طريقو اُھو آھي تہ پير پاڳارو ايندڙ ڇَھن مهينن تائين کُليل ڪچهريون ڪري، ۽ جماعت جي ماڻھن جُون شڪايتون ٻُڌي- مان حلفيہ طور چَوان ٿو ته اُن صُورت ۾ اھڙا مُعاملا بہ سامُھون ايندا، جو پير پاڳاري کي سَڄي جماعت جي نئين سر تنظيم سازي ڪرڻي پَوندي، ۽ پوءِ پير پاڳاري جي اُھا شڪايت بہ ختم ٿِي ويندي ته مُنھنجي ۽ نوجوانن جي درميان ديوار کڙي ڪئي وئي آھي- مان تہ نوجوانن سان مِلڻ چاھيان ٿو، پر خليفا رُڪاوٽ بڻيل آھن- وقت اَچي ويو آھي تہ پير پاڳارو نوجوانن ۽ عوام سان رُوبرو مِلي ته جيئن نئون جَھان جُڙي سَگھي، ۽ نئين سنڌ ڏانھن وک وڌائي سَگھجي!