07/06/2023
اسان کي برادري جي ڪجهه شيطان ماڻهن کان تحفظ ڏنو وڃي ،اسان والدين جي رضامندي سان شادي ڪئي آهي، نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ خانواه جي پريمي جوڙي وسيم علي جروار ۽ سندس گهر واري صنم جروار هڪ بيان جاري ڪندي وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري کان نوٽيس وٺي تحفظ جي اپيل ڪئي آهي وڌيڪ ڳالهائيندي هنن چيو ته اسان رضامندي سان پنهنجي والدين جي اجازت سان تاريخ 13,3,2023تي هاء ڪورٽ سکر ۾ نڪاح ڪري شادي ڪئي آهي نڪاح نامي سميت ٻيا ثبوت پڻ موجود آهن جنهن بعد ڪجهه برادري جي شيطان صفت ماڻهن جنهن ۾ ڳوٺ سانول جروار جي رهواسي نواب علي جروار،حاجي قربان علي جروار،لاڙڪاڻي جي سڪندر علي جروار،عزيز جروار،ڪائونسلر اسلم جروار ۽ ان جا ڀائر اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيا آهن ۽ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڳوٺ ۾ اسان جي جڳهه کي تالا هڻي قبضو ڪيو اٿائون اسان کي جاني مالي نقصان پهچائڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان کي سخت خطرو آهي ،هوڏانهن نوجوان وسيم علي جروار جي سس ۽ ناري صنم خاتون جي والده خديجه خاتون چيو آهي ته مان راز خوشي سان پنهنجي نياڻي وسيم علي جروار کي ڏني آهي جن جو نڪاح سکر هاء ڪورٽ جي حڪم تي پڙهيو ويو آهي مٿين شرپسندن منهنجي جڳهه تي زبردستي قبضو ڪيو آهي مان بيواھ عورت آهيان هڪ پٽ آهي ان کي شرپسندن مان خطرو آهي ، اسان چيئرمين پيپلزپارٽي وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري، آء جي سنڌ پوليس،ڊي آئي جي ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ جروار برادري جي چڱن مڙسن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان کي برادري جي شيطان صفت ماڻهن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ منهنجي جڳهه تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي۔