Mahaaz News HD

Mahaaz News HD MR News official

14/03/2026

رتوديرو رپورٽ)
رتوديرو جي وچ بازار ۾ جهيڙو 4 ڄڻا زخمي، سبزي مارڪيٽ ۾ مشروبات جي دڪان تي ٿيل جهيڙي ۾ چار ڄڻا محمد حسين بروهي، غلام حسين، عبدالخالق، هارون جمالي ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج لاء تعلقه اسپتال رتوديرو منتقل ڪيو ويو،

دڪاندار جاويد بروهي الزام هنيو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار ڄڻا ڦر ڪرڻ دڪان تي آيا اسان انهن کي سڃاتو ان بعد هنن ڌڪ هڻي اسان جي چئن ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا،

هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته بدامني جو نوٽيس وٺي ڏوهارين کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ۔

11/03/2026

رتوديرو رپورٽ:

رتوديرو کان پورهيو ڪري ڳوٺ ويندڙ ڳوٺاڻن کان روڪ رقم موبائل فون ڦر، مزاحمت ڪرڻ تي ڦورو پورهيت ڳوٺاڻن کي هٿيارن جا بٽ ۽ ڏنڊا هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، ڦر واقعي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڳوٺ وليداد گابر رهواسي پورهيت عبدالقدير ابڙو ۽ نياز حسين جوڻيجو رتوديرو کان مزدوري ڪري موٽرسائيڪل تي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته رتوديرو ٿاڻي جي حد محبوب شاھ پوليس پڪٽ وٽ 3 کان وڌيڪ اڻڄاتل فورون هٿيارن جي زور تي کيس روڪي هڪ ٽچ موبائل 15 هزار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ۽ موٽرسائيڪل نه ڏيڻ تي هٿياربند ڦورو ٻنهي ڳوٺاڻن تي تشدد ڪيو رڙيون ڪرڻ تي مقامي ڳوٺاڻا پهچي ويا جنهن بعد ڦورو فرار ٿي ويا

بدامني ۽ ڦر واقعي خلاف ڳوٺاڻن نياز حسين جوڻيجو، عبدالستار، عبدالحق، محرم علي، محمد سليم، محمد حنيف جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

مظاهرين جو چوڻ هو ته پڪٽ تي پوليس نه هئڻ ڪري ڏوهي وارڌاتن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان پورهيت آهيون ڳوٺ ويندي روز ڏوهارين هٿان ڦر جي ٿا وڃون

هنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته بدامني جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل روڪ رقم موبائل فون ۽ ٻيو سامان ريڪور ڪرائي ڏنو وڃي،

10/03/2026

رتوديرو رپورٽ)
رتوديرو: چار ڏينھن گذرڻ باوجود اسان جي گرفتار ٿيل ٻن نينگرن کي پوليس ظاهر نٿي ڪري، عورت جو قرآن پاڪ کڻي احتجاج،

زيورا خاتون جلباڻي رتوديرو نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاج بعد داهيندي االزام هنيو ته چار ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو، ڏوڪري،
رتوديرو ۽ نئون ديرو پوليس جي اٽالن ڳوٺ دوست محمد جلباڻي تي چڙهائي ڪري اسان جا ٻه معصوم نينگر جنهن ۾ منهنجو پٽ شرافت جلباڻي ۽ ڏير جو پٽ ماجد جلباڻي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي،

انهن مٿان ڪو به ڪيس ناهي پوليس چئن ڏينھن کان گرفتاري ظاهر نٿي ڪري اسان کي خدشو آهي ته انهن کي نقصان رسايو ويندو،

هن آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نيگرن کي آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،

08/03/2026

رتوديرو رپورٽ)
رتوديرو واسڻ عورتن جو پوليس جي مبينا ناانصافين خلاف قرآن پاڪ کڻي احتجاج،

رتوديرو نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي زيورا خاتون جلباڻي الزام هنيو ته لاڙڪاڻو، ڏوڪري، رتوديرو ۽ نئون ديرو پوليس جي اٽالن رات 11 وڳي ڳوٺ دوست محمد جلباڻي تي چڙهائي ڪري اسان جا ٻه معصوم نينگر منهنجو پٽ شرافت جلباڻي ۽ ڏير جو پٽ ماجد جلباڻي کي گم ڪري ڇڏيو آهي

اڳ پوليس منهنجي مڙس ميرحسن جلباڻي ۽ ڏير خدابخش جلباڻي کي پوليس فل فرائي ڪيو هو،

پوليس چيو تہ توهان هتان لڏي وڃو ان بعد اسان هتان لڏي وڃي دوست محمد جلباڻي جي ڳوٺ ۾ ويٺاسين پر پوليس رات چڙهائي ڪري ٻه نينگر کنڀيا آهن،

انهن مٿان ڪو به ڪيس ناهي پوليس گرفتاري ظاهر نٿي ڪري اسان کي خدشو آهي ته انهن کي نقصان رسايو ويندو،

هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نيگرن کي آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،

07/03/2026

رتوديرو رپورٽ)
رتوديرو ڀرسان رٽائر پرائمري استاد کان هٿياربند هٿيارن جي زور تان موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا، واقعي خلاف احتجاج

پي ايس لاشاري ٿاڻي جي حد ڳوٺ وليداد گابر اسٽاپ وٽ ٻٽ لڳل ٻن اڻڄاتل هٿياربند فورون هٿيارن جي زور تي رٽائر پرائمري استاد الطاف حسين جوڻيجو کان يونين اسٽار 2017 ماڊل موٽر سائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا مزاحمت ڪرڻ تي کيس هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا،

متاثر ٿاڻي تي پهچي ڦر واقعي جي اين سي داخل ڪرائي ۽ هن جو چوڻ هو ته وليداد گابر وٽ پوليس پڪٽ قائم ھئي پر ڪافي وقت کان ان پڪٽ تي پوليس نه هجڻ ڪري ڏوھ وارداتون ٿين ٿا

هن وڌيڪ پوليس جي اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائل فون ريڪور ڪرائي ڏنيون وڃن

06/03/2026

لاڙڪاڻي ۾ شهري کان موبائيل فون ڦر ڪندي ڦورو پڪڙجي پيو شهرين طرفان ڦورو مٿان ٿڪن، بجن جو وسڪارو لائي پادريشن بعد پوليس حوالي ڪيو

04/03/2026

رتوديرو ڀرسان هٿياربند ڦورو ٻن نوجوان کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موبائل فونون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف متاثرن جو احتجاج

احتجاج بعد ميڊيا اڳيان داهيندي چيو ته ڳوٺ ميهر گهانگهرو رهواسين غلام رسول گهانگهرو ۽ شهباز علي چيو ته اسان ڳوٺ کان موٽر سائيڪل تي رتوديرو وڃي رهيا هئاسين ته بائي پاس ٻير هوٽل ڀرسان موٽر سائيڪل سوار ٻن اڻڄاتل هٿياربند ڦورون هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هڪ لک جي ماليت تائين جون 2 عدد ٽچ موبائلون روڪ رقم 37 هزار روپيا ڦر ڪيا ۽ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس کي بروقت اطلاع ڪرڻ بعد پوليس واقعي جي اڌ ڪلاڪ بعد پهتي، ڦر واقعي جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي،

متاثرن ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل موبائل فونون ۽ روڪ رقم ريڪور ڪرائي ڏني وڃي،

04/03/2026

رتوديرو رپورٽ)
رتوديرو ڀرسان وڏاٻوسڻ ۾ عيد تي راشن نه ملڻ تي معذور عبدالڪريم ٻوسڻ جو انوکو احتجاج، ڇت ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي علامتي ڦاهي ڏئي احتجاج رڪارڊ ڪرايو،

معذور جو چوڻ هو ته يونين ڪاؤنسل وڏاٻوسڻ ۾ عيد جي موقعي تي راشن جا ڪيترائي ڪٽا آيا آهن، پر سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو صرف پنهنجن من پسند ماڻهن ۾ ورهائي رهيا آهن مان معذورن جو ڪو حق ناهي جو مونکي نظر انداز ڪيو ويو آهي،

هن وڌيڪ چيو ته مان ٻن معصوم ٻارن جو پيءُ آهي، سندس ٻچڙا بک تي آهن ۽ ڪو به سندن مدد لاءِ تيار ناهي

معذور نوجوان اعلا اختيارين کان اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي ۽ فوري مدد فراهم ڪئي وڃي

04/03/2026

نئون ديرو / پٽ جي علاج ۾ سهائتا جي اپيل

نئون ديرو: نئون ديرو شهر جي گهاڙواهه سان ميمڻ پاڙي واسي نوجوان ذوهيب ميمڻ جي جسم ۽ هڏين ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ ڪري هلڻ گهمڻ کان لاچار ٿي بستري ڀيڙو ٿي ويو

نئون ديرو: پورهيت پٽ جو علاج ڪرائڻ جي وصيعت نه هجڻ ڪري گهر ڀاتي مايوسين جو شڪار بڻيل

نئون ديرو: نوجوان جي امڙ مائي ارشاد خاتون ميمڻ پنهنجي نياڻي سان گڏجي پٽ جي علاج لاءِ مسيحا جي منتظر آهي

14/10/2022

پريس ڪلب رتوديرو
رتوديرو لڳ يونين ڪائونسل وليداد ويسر ۾ جوڻيجا ھائوس تي پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري پارٽي جي معززين ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ڪري برسات سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺي ڳوٺاڻن کي مدد جو يقين ڏياريو هن چيو ته اسان پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي هدايتن تي مختلف علائقن جو دورو ڪري انگ اکر گڏ ڪري رهيا آهيون جنهن بعد متاثرن جي مدد ڪئي ويندي.

Address

Ratodero

Telephone

+923453510422

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mahaaz News HD posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Mahaaz News HD:

Share