14/10/2022
پريس ڪلب رتوديرو
رتوديرو لڳ يونين ڪائونسل وليداد ويسر ۾ جوڻيجا ھائوس تي پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري پارٽي جي معززين ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ڪري برسات سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺي ڳوٺاڻن کي مدد جو يقين ڏياريو هن چيو ته اسان پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي هدايتن تي مختلف علائقن جو دورو ڪري انگ اکر گڏ ڪري رهيا آهيون جنهن بعد متاثرن جي مدد ڪئي ويندي.