MR-News

MR-News MR News(CEO) Rizwan Ali

12/07/2026

سنڌو تي پهريون حق پاڪستان جو آھي سنڌو تي
پهريون حق سنڌ جو آهي اسان سنڌو تي ڪنهن جو
قبصو برداشت نه ڪنداسين
اعجاز احمد لغاري جنرل سيڪريٽري پ پ ضلعو لاڙڪاڻو

06/07/2026

رتوديرو رپورٽ)
رتوديرو ڀرسان ڳوٺ جهنگل بوزدار ۾ 18 سالن جي شڪيله ڌي منظور علي بوزدار مبينا طور اتفاقي طور بندوق جو فائر لڳڻ سبب فوت ٿي وئي،

پوليس عورت جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،

پوليس پهچي واقعي جي حوالي سان مقتول عورت جي وارثن کان تفصيل ورتا ۔

مقتول عورت جي وارث امير علي بوزدار مطابق ته اگڻ ۾ لائسنس واري دونالي بندوق رکيل هئي منهنجي نياڻي اها کڻي ٻئي هنڌ رکي پئي ته اتفاقي طور فائر لڳڻ سبب فوت ٿي وئي آهي،

پوليس مطابق ته واقعي جي هر رخ سان جاچ ڪري رهيا آهيون ته عورت قتل ٿي آهي يا ھي اتفاقي واقعو آهي ۔

05/07/2026

قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري 5 جولاءِ 1977ع جي ڏهاڙي ملڪ ۾ جنرل ضياءُ الحق پاران مارشل لا نافظ ڪرڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران هر سال هن ڏهاڙي کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ تقريب ڪوٺائي شهيد قائدين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مختصر تقريب منعقد ڪري شهيد قائدين جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ضلعي چيئرمين اعجاز احمد لغاري جو چوڻ هو ته.....

03/07/2026

رتوديرو رپورٽ)
رتوديرو ۾ اهلسنت حر جماعت پاران ذڪر الله تعالي' ۽ شان استقامت دين اسلام، صبر ۽ شجاعت حضرت اعلي' مقام امام حسين عليه السلام ۽ جانثار ساٿي جلسه عام جو احتمام ڪيو ويو،

جلسه عام فقير بابو نوناري حر جي زيري نگراني ۽ برڪت علي جوڻيجو جي زيري شفقت هيٺ مسجد بيبي فضه رتوديرو نئون ديرو باء پاس چونڪ تي منعقد ڪيو ويو،

علاما مفتي دوست علي سڪندري جامع راشديا پير جو ڳوٺ، سيد فاروق احمد شاھ راشدي، مولانا شفيق احمد قادري ۽ ٻين علماء ڪرام دين اسلام جي سر بلندي خاطر جانين جو نظرانو ڏيندڙ حضرت اعلي' مقام امام حسين عليه السلام ۽ جانثار ساٿين جي قرباني تي روشني وڌي،

02/07/2026
28/06/2026

رتوديرو رپورٽ)
رتوديرو نئون ديرو باء پاس وٽ قلم ڌڻي کان اڻڄاتل هٿياربندن پاران ڦر جي ڪوشش، موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب صحافي ڪري سخت زخمي ٿي پيو،

نجي ٽي وي چينل جي صحافي همت علي جلباڻي کان باء پاس وٽ 125 موٽرسائيڪل تي سوار اڻڄاتل هٿياربندن پاران ڦر جي ڪوشش ڪئي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري ڪرڻ سبب هڪ ٻانهن ڀڄي پوڻ سان گڏ سخت زخمي ٿي پيو آهي،

مقامي ماڻهون بروقت پهچڻ سبب هٿياربند هوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا،

زخمي صحافي ٻڌايو ته 125 موٽرسائيڪل تي سوار ٻٽ لڳل اڻڄاتل هٿياربندن هٿيارن جي زور تي روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان بعد مون موٽرسائيڪل ڀڄايو ته موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ڪري زخمي ٿي پيس

صحافي برادري ۾ وڌندڙ بدامني تي تاء پکڙيل آهي هنن آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو سميت ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي،

25/06/2026

رتوديرو ۾ جميعت علماء اسلام پاران شان شهداء ڪربلا ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي

Address

Ratodero
.

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when MR-News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share