Indus Digital

Indus Digital Indus Digital is your vibrant source for entertainment, trending news, and short videos with a special focus on Sindh.

From captivating stories and cultural highlights to health tips and current affairs — we bring you meaningful content, Stay Informed.

11/05/2026

منهنجا چاچا وڏا حرامي هن. 😄🫣

09/05/2026
09/05/2026

ميرپورخاص: معصوم نياڻي سان دوکو، 40 ورهين جو گهوٽ ڏسي 13 سالن جي ڪنوار بيهوش!

ميرپورخاص جي ڪچي آباديءَ ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي 13 سالن جي معصوم نينگري آمنا (ريحانا) جو نڪاح زبردستي 40 ورهين جي شخص سان پڙهايو پيو وڃي. نڪاح دوران پنهنجي عمر کان ٽي ڀيرا وڏي گهوٽ کي ڏسي معصوم نياڻي خوف ۽ ذهني دٻاءَ سبب بيهوش ٿي وئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

نينگريءَ جي والدين جو چوڻ آهي ته "ايجنٽ مولو" نوجوان گهوٽ جو چئي اسان سان دوکو ڪيو. ٻئي طرف، نڪاح پڙهائيندڙ مولوي جو اعتراف آهي ته نڪاح وقت ڪنوار کي سندس آڏو پيش ئي نه ڪيو ويو هو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ايڏي وڏي ظلم باوجود گهوٽ ڌر اڃا تائين نينگريءَ کي وٺي وڃڻ لاءِ ضد ڪري رهي آهي.

ڇا اسان جي سماج ۾ نياڻيون ائين ئي وڪامي ۽ بي رحميءَ جو شڪار ٿينديون رهنديون؟

09/05/2026

لاڙڪاڻي مان بلاول جي ڀيڻ.

09/05/2026

نوشهروفيروز ۾ پٺاڻن جي مبينا غنڊاگردي، معصوم عورتون انصاف لاءِ پريس ڪلب پهچي ويون.
45 لک روپيا ڀرڻ باوجود بليڪ ميلنگ ۽ گهر تي حملو، انتظاميا جي خاموشي سواليا نشان بڻيل.
ايس ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل ته فوري ڪاروائي ڪري نياڻين کي آپگهات کان بچايو وڃي.

ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ مائي سورٺ پاران پنهنجي معصوم پٽ سميت مذهب جي تبديلي سماجي ۽ مذهبي حلقن ۾ بحث کي جنم ڏنو آهي. هي واق...
07/05/2026

ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ مائي سورٺ پاران پنهنجي معصوم پٽ سميت مذهب جي تبديلي سماجي ۽ مذهبي حلقن ۾ بحث کي جنم ڏنو آهي. هي واقعو سنڌ ۾ عقيدن جي تبديليءَ جي تسلسل ۽ خانقاهي نظام جي اثر کي ظاهر ڪري ٿو، جتي اسلام جي دعوت کان متاثر ٿي ماڻهو پنهنجو مذهب مٽائين ٿا. اهڙن حساس معاملن ۾ مذهبي آزادي سان گڏوگڏ سماجي هم آهنگي کي برقرار رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

ابول غربت. انتظاميه ۽ صحت کاتي کي گهرجي ته هن نوجوان کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪري سندس علاج ڪرائي.
06/05/2026

ابول غربت.
انتظاميه ۽ صحت کاتي کي گهرجي ته هن نوجوان کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪري سندس علاج ڪرائي.

06/05/2026

حيدرآباد: گهر مان ناري جو گولي لڳل لاش هٿ، مڙس تي قتل جو شڪ
حيدرآباد جي اسلام آباد ڦاٽڪ واري علائقي ۾ هڪ گهر مان 25 سالن جي پرڻيل ناري، ماه نور، جو گولي لڳل لاش مليو آهي. اطلاع ملڻ تي ڦليلي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ايڌي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ناري جي وارثن پوليس کي ڏنل بيان ۾ الزام هنيو آهي ته ماه نور کي سندس مڙس مبينا طور گولي هڻي قتل ڪيو آهي. ٻئي طرف، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن.

06/05/2026

واه جو انبڙين جو مزو پئي وٺي.
ماين کي اهڙا خيال ڪٿان اچن ٿا.
توهان به انبڙيون کائو ٿا؟ ڪمينٽس ۾ ٻڌايو.

شهيد گلان ڀارو کي ڀيٽاڪڏهن نياڻيون هن ڌرتيءَ تي، آزاد جيئنديون؟نظمپيءُ پٽڪو لاهي، جڏهن پيرن تي رکيو،ڌيءَ جي لاهي عصمت، م...
06/05/2026

شهيد گلان ڀارو کي ڀيٽا

ڪڏهن نياڻيون هن ڌرتيءَ تي، آزاد جيئنديون؟
نظم

پيءُ پٽڪو لاهي، جڏهن پيرن تي رکيو،
ڌيءَ جي لاهي عصمت، موت جو گهيرو ڪيو.
ان پٽڪي جي ورن ۾، رت جو رنگ هيو،
پيار جي نالي تي، وحشت جو پيغام هيو.

جنهن عدالت جي در تي، هوءَ دانهين وئي،
موٽ ۾ کيس رڳو، پٿرن جي ڀت ملي.
قانون جي اکين تي، ڪاري پٽي هئي،
۽ گلان جي نصيب ۾، رڳو قبر لکي هئي.

"بابا! مان ته نياڻي آهيان، تنهنجو مانُ آهيان،
نه ڪارنهن جو داغ، نه ڪو گناهه آهيان."
پر رواج جي انڌي، قبيلي جي ريت ۾،
هر صدا دٻجي وئي، ان مٽيءَ جي پيٽ ۾.

هو غيرت جا دعويدار، هٿن ۾ بندوقون،
گلان جي رت سان، ڌوئين پيا پنهنجا رت ٻوڏيل هٿ.
موت قبول ڪيائين، پيءُ جي پٽڪي خاطر،
انسانيت شرمسار ٿي، ان وحشي رواج خاطر.

اي سنڌ جا وارثو! اڃا ڪيتريون گلان،
هن رت جي راند ۾، قربان ٿينديون؟
ڪڏهن ختم ٿيندو، هي ڪارنهن جو ڪارو تماشو،
ڪڏهن نياڻيون هن ڌرتيءَ تي، آزاد جيئنديون؟

سوشل ميڊيا ۽ اردو ميڊيا جي اوٽ ۾ هي همراهه لساني نفرت ۽ سنڌي دشمني تي ٻڌل پروپيگينڊا پکيڙي رهيو آهي. قانوني فرض جي نالي ...
06/05/2026

سوشل ميڊيا ۽ اردو ميڊيا جي اوٽ ۾ هي همراهه لساني نفرت ۽ سنڌي دشمني تي ٻڌل پروپيگينڊا پکيڙي رهيو آهي. قانوني فرض جي نالي تي سنڌين ۽ سنڌ جي سياسي سوچ کي نشانو بڻائڻ جو مقصد رڳو شهرين جي وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي. اهڙي قسم جي نسل پرستاڻي بيانبازي سنڌ جي امن کي باهه ڏيڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي. اسان کي گهرجي ته اهڙي نفرت انگيز مواد کي رد ڪريون ۽ سنڌ ۾ رهندڙن جي وچ ۾ نفرت جون ديوارون اڏيندڙن کي وائکو ڪريون. ياد رکو، تعصب پکيڙڻ ڪا به بهادري ناهي، پر سماجي بدامني جو ٻج پوکڻ آهي.

Address

Avari Tower, Raja Ghazanfer Ali Khan Road
Sadar
77550

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Indus Digital posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share