Sach Samachar News

Sach Samachar News Journalist
خبرن جي لاءِ رابطو نمبر☎️ 03003226242☎️

26/08/2026
25/08/2026

نيشنل پريس ڪلب
سڪرنڊ رپورٽ مور چانڊيو
سڪرنڊ لڳ راهب شاهه شاخ ۾ وهنجندي ڳوٺ باگو انڙ واسي 10 ورهين جو عبدالرحمان چانڊيو ولد عبدالستار چانڊيو ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاع تي همدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ڪيو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پهچندي ڪهرام مچي ويو.

25/08/2026

.
​وڊيو ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ھمراھ هٿن ۾ پابندي شده گٽڪي (Z-21) جا پيڪٽ کڻي بي خوف ٿي مسڪرائيندي وڊيو بڻائي رهيو آهي، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته کيس قانون جو ڪو به ڊپ ناهي. ضلعي اندر پوليس جي سرپرستي ۾ کليءَ عام مبينا منشيات ۽ گٽڪي جو ڪاروبار هلي رهيو آهي، جنهن مقامي پوليس انتظاميا جي ڪارڪردگيءَ تي سخت سواليه نشان بيٺا ڪري ڇڏيا آهن.
​سول سوسائٽي آءِ جي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان سخت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن بي باڪ عناصرن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن خلاف سخت ترين قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

25/08/2026

نيشنل پريس ڪلب
سڪرنڊ رپورٽ مور چانڊيو
سڪرنڊ ڀرسان 15 ورهين جي نوجوان مهراڻ مگسي مبينا طور گهرو اڻبڻت تان بندوق سان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.

24/08/2026

نيشنل پريس ڪلب
سڪرنڊ: رپورٽ مور چانڊيو
شھر جي دڪاندارن مبينا چورين ۽ ڌمڪين خلاف ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي مھراڻ ڪالوني جي ڪجھ ماڻھن خلاف ڪارروائي ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

دڪاندارن جو چوڻ آهي تہ علائقي ۾ روزانو چوريون ٿي رهيون آهن، جڏهن تہ کين مبينا طور سنگين ڌمڪيون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون. سندن الزام آهي تہ کين چيو وڃي ٿو تہ اسان وٽ ڇري آهي، پاڻ کي ڪٽي توهان تي الزام هڻنداسين. اهڙين ڌمڪين سبب هو سخت خوف ۾ مبتلا آهن.

دڪاندارن موجب پوليس وٽ دانھن کڻي وڃڻ باوجود کين چيو وڃي ٿو تہ هو پاڻ ئي اسان سان وڙهن ٿا دڪاندارن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي، ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Address

Sakrand

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sach Samachar News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share