02/03/2026
سڪرنڊ ۾ وارث سنجراڻي جي جڳھ تي مولا بخش زرداريءَ پاران قبضي وارو معاملو،
نوابشاهه ضلعي جي معزز شخصيت ڀاءُ عاشق حسين زرداري سماجي ذميواري جو بهترين مثال قائم ڪندي سوشل ميڊيا تي هلندڙ معاملي جو نوٽيس وٺڻ بعد شھري اتحاد جي اڳواڻي ۾ متاثر ڌُر سان ملاقات ڪئي مڪمل تفصيل ٻڌڻ بعد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيائين انشاءاللّٰه ايندڙ سومر تائين جڳھ جي مالڪ کي پنھنجو حق ڏياريو ويندو،
عاشق حسين زرداريءَ سان ملاقات ۾ سائين سانول ڪيريو ، ماما غلام مصطفي زرداري ، فقير وارث سنجراڻي ، رضا محمد چانڊيو ، سيد احسان علي شاهه ، نظام الدين سنجراڻي ،خالد حسين سنجراڻي ، جاويد سومرو ، ڏاڏو چانڊيو ، ۽ ٻي سنگت موجود ھئي، ھن معاملي ۾ سعودي عرب واسي حاجي عبدالعزيز گدارو، امتياز حسين راھو ۽ ماما غلام مصطفي زرداري جن جو پڻ نمايان ڪردار آھي،
سڪرنڊ واسين کي اميد تي لھڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪنداسين انشاءاللّٰه تمام جلد حق ٿيندو ۽ سڪرنڊ واسين جي بيچيني پڻ ختم ٿيندي،