10/03/2026
حيرت جي ڳالهه آهي!
جڏهن پيٽرول 150 رپيا هو ته سڄي ملڪ ۾ “مهانگائي مارچ” جا طوفان هئا،
جلسا، جلوس، تقريرون… ڄڻ ملڪ ۾ قيامت اچي وئي هجي.
هاڻي پيٽرول 350 رپيا ليٽر ٿي ويو آهي،
پر جيڪي مهانگائي تي انقلاب آڻيندا هئا سي اڄ اهڙي ننڊ ۾ آهن
جو شايد مهانگائي به انهن کان اجازت وٺي وڌي رهي آهي!
سوال صرف ايترو آهي:
ڇا مهانگائي جو درد به حڪومت ڏسي پيدا ٿيندو آهي؟
عوام سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي…
۽ ياد به رکي رهيو آهي.