Raja Rizwan Official

Raja Rizwan Official Rj ( Radio Jocky )
Hot Fm 105.2 Sanghar

اولياء الله ۽ سنڌ جي ماڳن شاعرن فنڪارن جو تعارف ملي ويندو۔

ھي درگاھ ڪھڙي بزرگ جي آھي ♥️ ڪنھن ڪنھن ھن بزرگ جي حاضري ڏني آھي ؟
11/06/2026

ھي درگاھ ڪھڙي بزرگ جي آھي ♥️
ڪنھن ڪنھن ھن بزرگ جي حاضري ڏني آھي ؟

حضرت  سيدنا اصحابي اسماعيل رضي الله تعالي عنه ڀريا سٽي نوشھرو فيروز ♥️
11/06/2026

حضرت سيدنا اصحابي اسماعيل رضي الله تعالي عنه ڀريا سٽي نوشھرو فيروز ♥️

مٽي جي ڍير مٿان ھي درگاھ ڪھڙي بزرگ جي آھي ؟اوھان مان ڪنھن ڪنھن ھن بزرگ جي حاضري ڀري آھي ♥️
11/06/2026

مٽي جي ڍير مٿان ھي درگاھ ڪھڙي بزرگ جي آھي ؟
اوھان مان ڪنھن ڪنھن ھن بزرگ جي حاضري ڀري آھي ♥️

خوش خير محمد ھيسباڻي مشهور صوفي ۽ عوامي شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ ٽالپرن جي دور ۾ 1224هه/ 1809ع ڌاري ڳوٺ گل محمد هيسبا...
10/06/2026

خوش خير محمد ھيسباڻي
مشهور صوفي ۽ عوامي شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ ٽالپرن جي دور ۾ 1224هه/ 1809ع ڌاري ڳوٺ گل محمد هيسباڻيءَ (تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور) ۾ جنم ورتو هو. هو رئيس غلام قادر هيسباڻيءَ جو فرزند هو. سندس وڏا اصل ساهيوال جا ويٺل هئا ۽ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي سان گڏ سنڌ ۾ آيا. خوش خير محمد هيسباڻيءَ شروعاتي تعليم ڀؤنرن جي ڳوٺ ۾ آخوند علي بخش گاڏهيءَ جي مدرسي ۾ ورتي، ان مدرسي ۾ هن قرآن شريف ۽ ڪجهه فارسيءَ جا ڪتاب پڙهيا. ويهن سالن کان پوءِ ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ لڏي آيو ۽ مولوي محمد قدوس وٽ تعليم مڪمل ڪيائين. خوش خير محمد هيسباڻي، نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ پير شهاب الدين جي فرزند پير عبدالحئيءَ جو طالب هو. ڪن سوانح نگارن موجب، خير محمد جي وڏن جي نوشهري فيروز جي نقشبندي پير شهاب الدين جي درگاهه سان عقيدت هئي ۽ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو پير شهاب الدين جي فرزند پير عبدالحئي سان گهرو تعلق هو ۽ ڪي لکن ٿا ته خير محمد هيسباڻيءَ جو ان درگاهه سان تعلق عثمان فقير سانگيءَ جي اثر هيٺ ٿيو. هن ڪيترين ڪافين ۾ پنهنجي مرشد عبدالحئي سان عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.

پير پٿورو:پير پٿورو، عمرڪوٽ ضلعي جو مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي ولادت 1210 هه مطابق 1795ع ۾ ٿي. هن بزرگ لاءِ چيو وڃ...
10/06/2026

پير پٿورو:

پير پٿورو، عمرڪوٽ ضلعي جو مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي ولادت 1210 هه مطابق 1795ع ۾ ٿي. هن بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿـو تـه اصـل ۾ ميـگهـواڙ قبـيـلـي سـان واسطـو رکـنـدو هـو. بعـد ۾ ابـراهيـم ناگوراڻي، جرڪس ڏناڻي ۽ ڇُٽي بخـاريءَ جهـڙن بزرگـن سان گڏجي ملتان ويو ۽ غوث بهاوالحق جو مُريد ٿي مسلمان ٿيو. روايتن موجب سندس نالو ”شيخ نعمت الله“ رکيو ويو، پر ”پير پٿوري“ جي نالي سان معروف ٿيو. هڪ روايت موجب ملتان مان واپسيءَ تي ماءُ ۽ پيءُ کي به مسلمان ڪيو هئائين. پير پٿوري جي اسلامي نالي جي تصديق عمرڪوٽ جو عالم مولانا مير محمد عنصري به ڪندو هو، جيڪو چوندو هو ته هن ’نگيرانِ سنڌ‘ (قلمي نسخو) ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته پير پٿوري جو اسلامي نالو ”شيخ نعمت -الله-“ هو. پير پٿوري عبادتن ۽ رياضتن سان وڏي منزل حاصل ڪئي ۽ غوثيه سلسلي جي بزرگن ۾ سندس وڏو مقام آهي. پير پٿوري جي وفات 1298هه مطابق 1881ع ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته پير پٿوري جي وفات بعد سندس قبر تي ڏيوَري ٺهرائي وئي هئي، پر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ اُن جي تعمير غير اسلامي قرار ڏئي اُن کي ڊهرائي قبر مٿان قبو ٺهرايو. اڳتي هلي پير پٿوري جي عقيدتمند مريدن ان مقبري کي عاليشان صورت ڏني ۽ درگاهه تي مسافرخانا به ٺهرايا. پير پٿوري جي مزار تي هر سال ٻه ميلا لڳندا آهن، هڪڙو چيٽي چنڊ تي ۽ ٻيو ڪتيءَ جي چنڊ تي. پير پٿوري جي ميلي ۾ هندو ۽ مسلمان عقيدتمند وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا آهن. ميلي جي نگراني بڪيرن جا پير ڪندا آهن ۽ ميلي جي آمدنيءَ جو ڪجهه حصو بڪيرن جي درگاهه کي ملندو آهي. پير پٿوري جي ماءُ ۽ پيءَ جون مزارون پڻ مقبري ويجهو ڏکڻ ۾ موجود آهن، جن جي قبرن جي چوڌاري ڪاٺ جا پينگها ٺهيل آهن.....

ھي درگاھ ملان ڪاتيار جي آھي ♥️ مون ڪوشش ڪئي ھن بزرگ جي سوانح ملي سگھي پر مون کي ناھي ملي سگھي ،اوھان ٻڌايو ھي درگاھ ڪھڙي...
10/06/2026

ھي درگاھ ملان ڪاتيار جي آھي ♥️
مون ڪوشش ڪئي ھن بزرگ جي سوانح ملي سگھي پر مون کي ناھي ملي سگھي ،
اوھان ٻڌايو ھي درگاھ ڪھڙي شھر ۾ آھي ھن بزرگ جي ڪنھن ڪنھن حاضري ڀري آھي ؟

ھي درگاھ ڪھڙي بزرگ جي آھي ۽ ڪھڙي شھر ۾ آھي اوھان مان ڪنھن ڪنھن ھن بزرگ جي حاضري ڀري آھي ♥️
09/06/2026

ھي درگاھ ڪھڙي بزرگ جي آھي ۽ ڪھڙي شھر ۾ آھي
اوھان مان ڪنھن ڪنھن ھن بزرگ جي حاضري ڀري آھي ♥️

مائي سھڻي جي مزار سهڻي ميهار (Sohni Mehaar) جون مزارون سنڌ جي تاريخي شهر شهدادپور ۾ آهن. سهڻي جي مزار شهدادپور شاهپورچاڪ...
09/06/2026

مائي سھڻي جي مزار

سهڻي ميهار (Sohni Mehaar) جون مزارون سنڌ جي تاريخي شهر شهدادپور ۾ آهن. سهڻي جي مزار شهدادپور شاهپورچاڪر روڊ تي ايڊيشن سيشن جج شهدادپور جي ڪورٽ سامهون ويندڙ گهٽي ۾ آهي. هي علائقو سهڻي پاڙو سڏجي ٿو، محبتي ميهار جي مزار ڊپٽي گلي ويجهو، سيد الهه اوڀايو شاهه جي پاڙي ۾ هڪ بند گهٽي ۾ آهي. سهڻي جي مزار جي ته ساڃاهه وند ڌرين کي ڄاڻ آهي پر محبتي ميهار جي مزار بابت ٻاهر جي ته تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي پر شهدادپور جي شهر جي 60 سيڪڙو ماڻهن خاص طور نوجوان نسل کي خبر نه آهي ته مزار ڪٿي آهي. لطيف سائين جي سر سهڻي جي اها به خاصيت آهي ته اهو سر ڳايو وڃي ٿو. 1980ع کان اڳ سنڌ جي ڪجهه اديبن ۽ ساڃاهه وند ڌرين کانسواءِ باقي ماڻهن جي ذهن ۾ اهو هو ته سهڻي ميهار گجرات جا آهن. ليڪن 1980ع کانپوءِ سنڌ جي تاريخدانن، ليکڪن خاص طور لطيف جي رسالي جي پارکن تحقيقات ڪري اهو ثابت ڪيو ته لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل سهڻي ميهار گجرات ”پنجاب“ جي نه پر سنڌ جي آهي ۽ عشق محبت جا ٻئي لازوال ڪردار شهدادپور ۾ مدفون آهن

ھي مزار سسئي پنھل جي آھي ،اوھان مان ڪنھن ڪنھن ھن درگاھ جي حاضري ڀري آھي ؟
09/06/2026

ھي مزار سسئي پنھل جي آھي ،
اوھان مان ڪنھن ڪنھن ھن درگاھ جي حاضري ڀري آھي ؟

ھي درگاھ درويش وتايو فقير جي آھي ھن بزرگ جي ڪنھن ڪنھن حاضري ڀري آھي ؟
08/06/2026

ھي درگاھ درويش وتايو فقير جي آھي
ھن بزرگ جي ڪنھن ڪنھن حاضري ڀري آھي ؟

Address

Sanghar

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Raja Rizwan Official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Raja Rizwan Official:

Share