Sanghar ji Mausam

Sanghar ji Mausam Asgharaliwassan,. pk

17/11/2025

☀️ سانگهڙ جي موسم جي تازي خبر (نومبر 17، 2025) ☀️
​سانگهڙ واسين لاءِ اهم اڳڪٿي: سردي آھستي آھستي اچي رھي آھي!
​🌡️ موجوده ۽ ايندڙ موسم جو حال (10 ڏينهن)
​اڄ (17/11): 32^{\circ}\text{C} (وڌ ۾ وڌ) / 12^{\circ}\text{C} (گهٽ ۾ گهٽ)
​ايندڙ ڏينهن: گرمي پد گهڻو ڪري 32^{\circ}\text{C} جي آس پاس رهندو.
​سردي جو واڌارو: نومبر 25 کان پوءِ رات جو گرمي پد 11^{\circ}\text{C} تائين ٿي سگهي ٿو. ان جو مطلب آھي ته راتيون هاڻي ٿڌيون ٿينديون.
​🌧️ برسات جو حال:
​ايندڙ 10 ڏينهن ۾ سانگهڙ ۾ برسات جو ڪو به امڪان ناهي. موسم صاف ۽ سُڪي رهندي.
​💡 صلاح:
رات جي ٿڌ کان بچڻ لاءِ گرم ڪپڙن جي تياري ڪريو! سخت سردي ڊسمبر ۽ جنوري ۾ ٿيندي.
​ #سانگهڙ #سردي

Send a message to learn more

🚨ڳوٺاٺن جو دانهون اڃا تائين اڻ ٻڌيون🚨ڳوٺ عالي شاھ جيلاني ڳوٺ باقر شاھ جيلاني (ڳوٺ حافظ شاھ جيلاني)ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ...
27/09/2025

🚨ڳوٺاٺن جو دانهون اڃا تائين اڻ ٻڌيون🚨
ڳوٺ عالي شاھ جيلاني ڳوٺ باقر شاھ جيلاني
(ڳوٺ حافظ شاھ جيلاني)
ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي بار بار اجاگر ٿيڻ باوجود روڊ جهڙي سهولت کان محروم آهن هنن ڳوٺن کي رڳو اڍائي کان ٽي ڪلو ميٽر روڊ جي سخت ضرورت آهي جيڪو ڪنهن بہ وڏي خرچ کان سوا ٺهي سگهي ٿو پر افسوس
(ٽنڊو الهيار)انتظاميہ ۽ چونڊيل نمائيدن جي لا پرواهي سبب ڳوٺاڻن کي اڃا تائين روڊ جهڙي سهولت کان محروم رکيو ويو آهي روڊ نہ هوئڻ ڪري ڳوٺاڻن سان گڏ ايندڙ پري پري کان مريدن ۽ عقيدت مندن کي بہ تڪليف ٿئي ٿي اڄ سوشل ميڊيا تي هي تصوير ڏٺي سون جنهن ۾ سائين ضياء عباس شاھ رضوي سان گڏ ڳوٺ عالي شاھ جيلاني جي درگاھ جو گادي نشين پير سيد عبداللہ شاھ جيلاني آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ سيد برادري پنهنجو اعتماد ۽ ووٽ ساڳي قيادت کي ڏنو پر
👉سوال آهي ووٽ وٺڻ کان پوء بہ ڳوٺاڻن کي سندن بنيادي حق ڇو نٿو ملي
👉صرف 2 کان 3 ڪلو ميٽر روڊ ڏيڻ م بہ مشڪل ڇو بڻايو ويو آهي
ڳوٺاڻن جو مطالبو آهي تہ فوري طور روڊ ۽ ٻيون سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي هاڻ خاموش ويهڻ جو وقت گذري ويو آهي اسان کي پنهنجا حق گهرجن
#

📢مهرباني ڪري هي پوسٽ وڌيڪ کا وڌيڪ شيئر
ڪيو جيئن ڳوٺاڻن جو آواز اختيارين تائين پهچي

08/09/2025

اڄ برسات سسٽم ڪمزور ٿيندو ۽ رات کان سانگهڙ جي موسم صاف ٿيڻ جو امڪان🌺🌹

11/07/2025

15جولائي سانگهڙ ۾ برسات جو امڪان

29/06/2025

4جولائي برسات

28/06/2025

اڄ رات کان موسم صاف ٿيڻ جو امڪان

20/02/2025
19/02/2025

سنڌي قوم کي نياپو……

سنڌو درياھَ تي ڌاڙو ۽ سرسبز پاڪستان جي نالي تي،صوبن جون زمينون ڦَٻائڻ واري پروگرام تي عمل ڪندي، وزيراعلي پنجاب سان گڏ آرمي چيف جو افتتاحي تقريب ۾ موجود هجڻ ڪو معمولي عمل ڪونهي…
يقينن انهن سڀني منصوبن جو مڪمل ٿيڻ جو مطلب آ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تباهي… !
ڇو ته پنجاب وٽ پنهنجو پاڻي ته آھي ئي ڪونه……!
سندن اکيون صدين کان سنڌو درياھَ جي پاڻي تي کُتل آھن…
۽ صدين کانپوء صدرپاڪستان زرداري صاحب سندن خواهش پوري ڪري ڇڏي…!
هڪ صوبائي ۽ ننڍڙي تقريب ۾ آرمي چيف جي اچڻ جو مطلب، سنڌ ۽ سنڌي قوم کي نياپو ٿا سمجهون ته……
” سر سبز پاڪستان منصوبي ۽ سنڌو درياھَ جي ڌاڙي پويان اسانجو هٿ آ…! “
شايد اهيوئي سبب آ جو سنڌ جا وڏا ماڻھو، جن جون هزارين لکين ايڪڙ زمينون آھن پر، گنگ ٻوڙ لڳا وتن ۽ ڄڻ ته انهن جو ساھُ ٿو وڃي…!!؟
ان جو مطلب اهيو ٿيو ته، سردار ڀوتار سڳورا پنهنجي راڄ يا اسان جهڙي غريب عوام لاء صفا مڙس ماڻھو پر، انهن وڏن مَٿن وارن اڳيان ، پانچا پُسايو بيٺا آھن……!!؟
(مهر ڊٻائي)

19/02/2025

Address

Sanghar
Sanghar

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sanghar ji Mausam posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share