22/08/2026
فيضان ميمڻ جي گهر جي اندر احاطي مان نئين CD گاڏي چوري ٿي وڃي ٿي.
گاڏي روڊ تي بيٺل نه هئي..؟
نه ڪنهن بازار مان کسجي وئي .؟
ڇا شريف ماڻهو جي گهر مان گاڏي چوري ٿيڻ به پوليس لاءِ ايترو معمولي معاملو آهي جو صرف NC داخل ڪري فائل بند ڪري ڇڏجي..!!
شاهپور چاڪر پوليس کي عوام کي ٻڌائڻو پوندو ته هن واردات بابت 15 ڏينهن ۾ عملي طور تي ڇا ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن پوليس جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ سنجيده قدم نه کڻندي ته پوءِ اهو سوال اٿندو رهندو ته...
شاهپور چاڪر ۾ پوليس موجود آهي، يا صرف ٿاڻو موجود آهي؟