16/01/2026
غزل.
شخص هڪڙو سراپا وفا ٿي وڃي،
ڀَل زمانو سڄو بي وفا ٿي وڃي!
پاڻ توبہ ڪئي سين وري عشق کان،
معاملو جي رفع ۽ دفع ٿي وڃي!
هن هيڏِي فريبي دنيا ۾ ڀَلا،
ڪو تہ پنهنجو ٿيئي ۽ صفا ٿي وڃي!
وار ڇوڙي نہ اچجان تماشي اندر،
متان ڪا وري ٻِي خطا ٿي وڃي!
ايئن تہ ممڪن نہ آ ڪنهن بہ قيمت مٿي،
هوءَ اسان ڏي اچي ۽ خفا ٿي وڃي!
کپي ڇا ڀلا ٻيو اسان کي پرين.
چُمِي جي اوهان جي عطا ٿي وڃي!
اسلم ڪنڀر.