21/10/2025
ماسترياڻي سان محبت 01
ڳوٺاڻو ماڻهو جڏهن شهر ۾ اچي ٿو ته اڪثر اندر ۾ خوف هوندو اٿس. دل ۾ اهو ڊپ ويٺو هوندو اٿس ته پڙهيل لکيل سماج آهي، ڪٿي ڪا ڪمي ڪوتاهي ٿي نه وڃي، متان عزت جو جنازو نه نڪري پوي. تنهن ڪري هو بنا ڳالهه ٻولهه جي رڳو پاڻ تائين محدود رهندو آهي، مگر ٻي پاسي جيڪر حقيقت کي ڏسجي ته آساني وارو ماحول ئي شھر جو آھي ٻھراڙي ته ان حوالي سان ڪافي سخت ھوندو آھي ..شھر ۾ انسان ڪنهن کي ڀر نه ڏيندو آهي. پر انسان ته آخرڪار انسان آهي، ڪڏهن نه ڪڏهن غفلت جو شڪار ضرور ٿي ويندو آهي.
جتي مان ڪم ڪندو هئس، اتي ئي اسان جي گيٽ جي سامهون ٻارن جو اسڪول هوندو هو. روز جو منظر اهو هوندو هو ته ڇوڪرا ڇوڪريون اسڪول اچن، پر تيار ئي ائين ٿين جيئن ڪو وڏو شاديءَ جو موک ڏسڻ وڃي رهيا هجن. ان جي خاص وجھ اھا ھئي ته ڇوڪريون گڏ پڙهڻندڙ ھيون ... ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئا ۽ ٻئي پاسي پڙهائڻ واريون به فقط ماسترياڻيون هونديون ھيون. انهن جو ته حال ئي الڳ هوندو هو ڄڻ ته صبح سوير ڪنهن بيوٽي پارلر تان فيشن ڪرائي، سينگار ڪري نڪتيون هجن.
ڪافي وقت تائين مان به فقط پري کان انهن حسنن جو ڏيک ڏسي پنهنجي روح کي خوش ڪندو رهيس. مگر وقت سان گڏ زندگي ۾ هڪ اهڙو موڙ آيو، جنهن سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو.
جمعي جو ڏينهن هو. مان وضو ڪري نماز لاءِ نڪتو. رستي سان ويس پئي ته سامهون ايندڙ ماسترياڻيون منهن ۾ آيون. باقي سڀ ته گذري ويون، پر هڪ... هڪڙي اهڙي هئي، جنهن جي نگاهه سڌي دل ۾ لهي ويئي.
هوءَ نقاب پوش نوجوان ڇوڪري هئي. صرف اکيون ظاهر هيون، پر اهي اکيون به قهر ڪندڙ هيون. جڏهن منهنجون اکيون سندس اکين سان مليون ته دل جي ڌڙڪن ٻهڻا ٿي وئي. مان پاڻ کي بچائڻ لاءِ “استغفراللّه” پڙهندي نماز جي صف ۾ وڃي بيٺس، پر نماز پڙهندي به سندس خيال ذهن مان لٿو ئي نه ٿي.
اکيون فقط اکين سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون. نقاب ۾ چهرو نه سڃاتم، مگر اکين جو انداز ايترو ته دلڪش هو، ڄڻ پهرين نظر ۾ ئي بنا لفظن جي چوندي وئي هجي محبت فقط توسان آھي ......
ھلندڙ ....
نوٽ: مزو اچي ته ڪمينٽ لائيق شيئر ضرور ڪجو ...