junaid_hadi_channa

junaid_hadi_channa Well Come to My Accond

.آدمخورن جي اوطاقفليش فڪشن ڪھاڻي - حيدرآباد جي اسپتال جي مرده خاني جي  ٻاهران عجيب خاموشي هئي. اونهاري جي تپندڙ ۽ گهٽيل ...
16/07/2026

.آدمخورن جي اوطاق
فليش فڪشن ڪھاڻي -

حيدرآباد جي اسپتال جي مرده خاني جي ٻاهران عجيب خاموشي هئي. اونهاري جي تپندڙ ۽ گهٽيل رات هئي. اتي رڳو هڪ عجيب بوءِ هئي هڪ اهڙي بوءِ جيڪا انسان جي مري ويل ضمير مان نڪرندي آهي.
مرده خاني جي اندر لوھ جي ٿڌي بستر تي هڪ لاش پيل هو. اهو لاش ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو نہ پر هڪ 14 سالن جي معصوم نياڻيءَ جو هو جنهن جو نالو سسئي هو. هن جي اڃا رڳو راند روند جي عمر هئي پر سندس سڄو جسم چٿيل ۽ نيرو ٿي چڪو هو. هن جي چمڙي تي وحشيت ۽ درد جا اهڙا نشان هئا جيڪي ڏسي انسان جو روح ڪنبي وڃي.
ڊاڪٽر رحيم سڄي عمر لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪيا ھئا تنهن جا هٿ اڄ پهريون ڀيرو ڏڪي رهيا هئا. کيس سرڪاري وڏي آفيسر چيو : رحيم صاحب دير نہ ڪر رپورٽ ۾ لک ته هيءَ ڇوڪري طبعي موت دل جو سوراخ ھئڻ ڪري مري وئي آهي. سائين جن کي صبح جو سوير عرب شيخن سان گڏ شڪار تي نڪرڻو آهي. شيخ صاحب ناراض ٿيو تہ وڏو نقصان ٿيندو.

ڊاڪٽر حيران ٿي پڇيو پر هيءَ تہ ٻار آهي ۽ هن جا هڏا ٽٽل آهن هن جو ائين موت ڪيئن ٿيو؟
آفيسر مرڪيو ۽ چيو: توهان نٿا ڄاڻو؟ عرب شيخ هتي تلور جو شڪار ڪرڻ ايندا آهن. پر جڏهن انهن جو من ڀرجي ويندو آهي تہ کين هتي جي غريب هارين جون نياڻيون کپنديون آهن. هن سسئيءَ جي پيءُ کي وڏيري جي موت مار ڌمڪي ۽ ٻہ لک روپيا ملي چڪا آهن ۽ اسان جي وڏيري کي دبئي جو ويزا ۽ نوڪريون ملي چڪيون آهن. تنهنڪري خاموشيءَ سان صحيح ڪريو!
اسپتال جي پٺيان ديوار سان لڳي سسئيءُ جو پيءُ جمعو ويٺو هو. هن جي هٿن ۾ ڪپڙي ۾ ٻڌل نوان چمڪندڙ نوٽ هئا. پر اهي نوٽ هن کي ائين چڀي رهيا هئا ڄڻ جهنم جا ڪنڊا هجن.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن صحرا مان وڏيون ۽ چمڪندڙ گاڏيون هنن جي جهوپڙيءَ اڳيان اچي بيٺيون هيون تہ وڏيري جي منشيءَ چيو هو : جمعہ خان! تنهنجا ڀاڳ کلي ويا آهن. شيخ صاحب تنهنجي ڌيءُ کي پسند ڪيو آهي. رڳو ٻن راتين جي ڳالهه آهي تنهنجي غربت هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي.
جمعي کي ياد آيو تہ جڏهن سسئيءَ کي وٺي پئي ويا تہ هوءَ ڪيتري خوش هئي. هن سمجهيو ته شايد ڪنهن وڏي بنگلي ۾ مهماني آهي. هن پنهنجي پيءُ کي چيو هو: بابا آئون تنهنجي لاء موٽر سائيڪل وٺي ايندس.
سسئيءَ کي وڏيري جي اوطاق جي هڪ بند ۽ مهانگي ڪمري ۾ رکيو ويو. اتي اڇن جبن وارا شراب جي نشي ۾ ٻڏل عرب هئا. اهي عرب جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن پکيءَ کي بہ تڪليف ڏين تہ جيل هليا وڃن پر سنڌ جي هن بي وارث زمين تي اچي هو آدمخور بڻجي ويا. کين خبر هئي تہ هتي جي سردارن ۽ وڏيرن جي غيرت رڳو چند ريالن ۽ دبئي جي هوٽلن جي دعوتن جي محتاج آهي.

پهرين رات سسئيءَ درد کان رڙيون ڪيون پر ٻاهر عربي ميوزڪ جو آواز ايترو تيز هو جو ڪنهن نہ ٻڌو. ٻي رات سسئيءُ جو روح ساھ ڇڏي ويو پر انهن وحشين کي ڪو روڪڻ وارو نہ هو.

صبح جو سسئيءُ جو لاش هڪ ٻوريءَ ۾ بند ڪري اسپتال جي پٺيان اڇلايو ويو. وڏيري هٿ ٻڌي شيخ صاحب کي چيو سائين فڪر نہ ڪريو ائين سمجھو ڪو مڇر مري ويو آهي. توهان جو شڪار سٺو رهيو نہ؟ شيخ پنهنجي مهانگي گهڙي درست ڪندي چيوها تمام سٺو. ايندڙ سال اسان وڌيڪ ڪيمپون لڳائينداسين.

ڊاڪٽر رحيم هن رپورٽ تي صحيح ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن کي بہ پنهنجي نوڪري بچائڻي هئي.

جمعو هاري رات جو اونداهيءَ ۾ پنهنجي ڌيءُ جو لاش کڻي ڳوٺ پهتو. وڏيري جو حڪم هو تہ جنازو ۽ روئڻ پٽڻ نہ ٿئي خاموشيءَ سان مٽي ۾ دفن ڪجو. جمعي پنهنجي هٿن سان سسئيءُ جي قبر کوٽي. هن کي ڪفن بہ نصيب نہ ٿيو اهو لال جوڙو جيڪو هن کي وڏيري جي بنگلي وڃڻ مهل پارايو ويو هو اهو ئي هن جو ڪفن بڻيو...

قبر تي مٽي وجهندي جمعي اهي پئسا ڪڍيا ۽ سسئيءُ جي قبر جي مٽيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيا. هن روئيندي چيو سسئي مون کي معاف ڪجانءِ... مان سردارن جي سنڌ جو هڪ بکيو هاري هئس تنهنجي حفاظت نہ ڪري سگهيس.

ٻئي ڏينهن ڪراچي جي هڪ وڏي فائيو اسٽار هوٽل ۾ سنڌ جو اهو ئي وڏيرو انهن عربن سان گڏ ويٺي مهانگي شراب جا گلاس ٽڪرائي رهيو هو ۽ هو سڀاڻي دبئي جي فلائيٽ تي روانا ٿيڻ وارا هئا جتي وڏيري لاءِ شاهي دعوتون ۽ نوان سودا تيار هئا.

۽ سنڌ جي مٽي خاموش هئي ڇاڪاڻ تہ کيس اڳ ئي پنهنجي غريب نياڻين جو رت پيئڻ جي عادت ٿي چڪي هئي.

08/01/2026

Address

Satpuri

Telephone

+923022687392

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when junaid_hadi_channa posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category