06/08/2026
💔⚖️ شهيد عامر بليدي لاءِ انصاف ڪڏهن؟ ⚖️💔
اڄ شهيد عامر بليدي جي بيگناهه قتل کي لڳ ڀڳ ڇهه مهينا گذري چڪا آهن، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڃا تائين هن ڪيس ۾ ڪا به اهڙي سنجيده ۽ تسلي بخش ڪارروائي نظر نٿي اچي، جنهن سان مظلوم خاندان کي انصاف جي اميد ملي. 😢
هن ڊگهي عرصي دوران پوليس جي صرف هڪ وڏي ڪارروائي سامهون آئي، جڏهن جوابدارن جي ڳوٺ ۾ ڇاپو هڻي ٽي ڏينهن تائين آپريشن ڪيو ويو ۽ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.
ان کان پوءِ اڄ تائين باقي نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا نمايان ۽ نتيجا ڏيندڙ ڪارروائي نظر نه آئي. 💔
هن ڪيس جو سڀ کان حيرت انگيز ۽ قابلِ احترام پهلو هي آهي ته شهيد عامر بليدي جو خاندان، ايترو وڏو ڏک ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ باوجود، قانون کي هٿ ۾ نه کنيو آهي.
هنن صبر ڪيو...
هنن عدالتن جا در کڙڪايا...
هنن پوليس تي اعتماد رکيو...
۽ اڄ به قانون کان انصاف جي اميد رکن ٿا. 🙏⚖️
پر سوال اڄ به ساڳيو آهي...
❓ ڇا هن صبر جو ڪو اجر ملندو؟
❓ ڇا هن خاندان کي انصاف ملندو؟
❓ يا وقت گذرندو رهندو ۽ قاتل قانون جي گرفت کان ٻاهر رهندا؟
اسان هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو رينج، ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ، ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي اپيل ٿا ڪريون ته هن ڪيس کي ترجيحي بنيادن تي ڏسي، باقي جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي.
مظلوم خاندان جو صبر ڪمزوري نه، پر قانون تي اعتماد جي علامت آهي. ان اعتماد کي ٽٽڻ نه ڏيو.
⚖️ انصاف ۾ دير، مظلوم جي درد کي وڌيڪ وڌائي ٿي.