
22/03/2022
صحافي اتحاد جي ساٿي ڪامران حسن لانڊر سان سانگهڙ ٿااڻي جي ايس ايڇ او جي ڪيل بدتيزي ء گرفتاري جو ايس ايس پي سانگهڙ نوٽيس ورتو ڊي ايس پي آصف آرائين سانگهڙ پريس ڪلب پھچي صحافي اتحاد جي سرواڻ انجم آفتاب نظاماڻي پريس ڪلب جي صدر رضا خان سينيئر صحافي اسلم ميمڻ منور شاهين غلام مرتضا منگي اختر ماري آصف رضا زئي ثقلين ء ٻين صحافين کان معذرت ڪئي جڏهن ته ڊي ايس پي آصف آرائين ء ٻين صحافين کان واقعي تي معذرت ڪئي ڊي ايس پي ٻڌايو ته ايس ايس پي سانگهڙ هڪدم ايس ايڇ او ساگهڙ مقصود رضا منڱڻهار کي معطل ڪري پوليس لائين موڪلي ڇڏيو آھي واقعي تي اسان کي ڏک پهتو آھي