25/11/2025
سنڌي نوجوانن تي تنقيد ڇو؟
جڏهن موقعا ئي ناهن؟
سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ آخر ڪهڙا تفريحي ماڳ آهن؟
ڪو پارڪ؟ ڪو اسپورٽس زون؟ ڪو سينما گهر؟ ڪو ڪلچر سينٽر؟
ڪٿي نوجوان وڃي ويهن، فلم ڏسن، موسيقي ٻڌن يا صحتمند تفريح ڪن؟
نه ڪٿي به ڪجهه ناهي
ته پوءِ نوجوانن وٽ بچي ڇا ٿو؟
هڪ ڪپ چانهه، هڪ هوٽل، ۽ دوستن جو گڏ ويهڻ
۽ اسان ان کي به عيب بڻائي ڇڏيو
“سنڌي هوٽلائي آهن
ٻئي طرف ڏسو
پنجاب، ڪي پي ڪي، بلڪي پوري دنيا ۾
جم، ڪيفيز، سينما گهر، ريسٽورنٽ، اسپورٽس ڪلب، لائبريريون، آرٽ گيلريون،
اوپن ائير ڪنسرٽس، ڪامڊي شو، ڪلچرل نائيٽس عام شيون آهن
ها، پنجاب ۾ مجرا به هلندا آهن
پر ڇا ڪڏهن ڪنهن پنجابي کي چيو ويو؟
“توهان مُجرائي آهيو؟”
نه
ڇو؟
ڇاڪاڻته اُهي پنهنجي معاشري کي سٺين سرگرمين سان سڃاڻائين ٿا،
نه پنهنجي ماڻهن کي ليبل ڏين ٿا، نه پاڻ کي شرمائين ٿا
اسان وٽ ڇا آهي؟
نه اسپورٽس سيٽ اپ، نه اسٽڊي ڪيفي، نه ڪميونٽي هال،
نه ڪو هنڌ جتي نوجوان ويهي سکن ،
ڳالهائن يا پاڻ کي بهتر ڪرڻ لاءِ گڏ ٿين
۽ پوءِ الزام به نوجوانن تي
“سوچ خراب آهي”، “بگڙيل آهن”، “وقت ضايع ڪن ٿا
سوال سادو آهي
جڏهن ماحول ئي ناهي
ته نوجوان آخر وڃي ڪيڏانهن؟
ماحول ڏيو، دروازا کوليو
سٺو ماحول نوجوان پاڻ سڌاري ڇڏيندو
سنڌ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي
نوجوانن کي جيڪڏهن
سينما گهر
فيملي پارڪس
اسپورٽس ڪلب
ڪلچرل سينٽر
گيم زون
لائبريريون
ميوزڪ اسٽيڊيو
اسٽڊي ڪيفيز
ڏجن ته سڄاڳي،
ڪتابن، فلمن، سفرن، تخليق ۽ صلاحيت مان پيدا ٿيندي آهي
نه جهيڙن، ضد ۽ سياست مان
سنڌ تڏهن بدلجندي،
جڏهن سنڌي نوجوانن کي سهولتون، اعتماد ۽ بهتر مستقبل ڏنو ويندو
゚