12/07/2023
افسوس ڇا لکجي.....!
لفظ ئي کٽي پون ٿا ڇا لکون هن ظالم سماج تي
ڇا لکون هن سونهاري سنڌ تي جيڪا ڪنهن دور ۾ امن جي ڌرتي هئي پر الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي
ڇا ڪجي ڪئين هنن معصومن جي والدين سان تعزيت ڪجي
هاء افسوس او ظالمو ڪهڙو قصور هيو هنن معصومن جو
ڪهڙي ڏوه ۾ هي معصوم ڀاء ڀيڻ ڪٺا ويا
گهوٽڪي ۾ ڪالھ ڏينهن جو راند کيڏڻ دوران کنڀي گم ٿيل معصوم ڀاء ڀيڻ سلمان لغاري ۽ سندس ڀيڻ ڪلثوم لغاري جا لاش درگاهه نهرو شاهه قبرستان مان هٿ آيا آھن
الله جو قسم دل خون جا ڳوڙها روئي ٿي لکڻ کان پهرين هٿ ڏڪي پون ٿا
ماڻهو کي ته جانور جي ٻچڙي تي به رحم ايندو آھي پر هي الائي ڪهڙي قسم جا ظالم انسان هئا جن کي انسان جي معصوم گلن جهڙن ٻچڙن تي به رحم نه آيو
خدا جو ڪهر نازل ٿئي ڪو انهن ظالمن تي
مان وقت جي يزيد حڪمرانن کي به ٻڌائڻ ٿو چاهيان او ظالمو خدا را هنن معصومن جي خون سان انصاف ڪيو
ورنه خدا جو قسم سڀاڻي الله جي به هڪ عدالت لڳندي جنهن ۾ انصاف ٿيندو
توهانجا گريبان هوندا ۽ هنن معصومن جا هٿ هوندا
نوٽ جيڪڏهن هنن معصومن جا قاتل هٿ اچي وڃن ته انهن کي بجاء جيل موڪلڻ ۽ ڪيس هلائڻ جي سڌو گهوٽڪي جي چونڪ تي وٺي وڃي سرعام ڦاهي تي لٽڪايو وڃي...