31/01/2026
تاريخ جو هڪ نہ وسرندڙ ڪردار
اتر پرديش جي گورکپور ضلعي جي بيهمائي ڳوٺ ۾ 10 آگسٽ 1963ع تي ملي ذات جي هڪ غريب خاندان ۾ ڄاول ڦولن ديوي جي زندگي ذات پات جي ظلم، ٺاڪر سردارن جي جبر ۽ اجتماعي زيادتيءَ خلاف بغاوت جي هڪ ڪهاڻي آهي.
ڦولن اڃان 11 سالن جي مس مس ٿي تہ هن جي شادي 40 ورهين مرد سان ڪرائي وئي بدلي ۾ سندس پيءُ کي هڪ ڳئون ۽ سائيڪل ملي.
ڦولڻ جي مڙس جون ٻہ شاديون پهريان هيون. انهن مارڪٽ ڪري ڦولن کي گهران ڪڍي ڇڏيو.
پوءِ هوءَ ٻن سردارن شري رام سنگهه ۽ لال رام—جي ور چڙهي. جن هن کي زيادتي جو نشانو بڻايو،ڳوٺاڻن آڏو اگهاڙو گهمايو، سخت توهين ڪئي. ڦولن پنهنجي ڪتاب ۾ لکرائي ٿي: “مان ته مري چڪي هيس، رڳو انتقام جي باهه زندهه هئي!” ڪيترن مهينن جي قيد کان پوءِ هڪ ڏينهن ڦولن ديوي انهن جي قيد مان ڀڃي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ سڌو وڃي جبلن ۾ پهتي جتي ڌاڙيل ڄڻ اڳ ۾ ان جي انتظار ۾ هئا. انهن وٽ پهچي هڪ ڌاڙيل ٽولي ۾ شامل ٿي، جن جي دهشت کان ٺڪر ۽ برهمڻ ڪنبندا هئا. ڦولن ٻڌايو: “انتقام جي باهه وسائڻ لاءِ پهرين مردن جهڙيون گاريون سکيم، پوءِ گھوڙيسواري، تلواربازي ۽ رائفل هلائڻ!”
ان کان پوءِ هڪڙو وقت اهو آيو جو ڦولن 22 ڌاڙيلن جي ٽولي جي اڳوڻي ڪرڻ لڳي هوءَ غريبن کي هٿ نه لڳائيندي، رڳو ظالم سردارن کي لٽيندي هئي جيڪي هيٺين ذات جي ڇوڪرين کي کنڀيندا ۽ انهن کي اڇوت سمجهندي انهن تي ظلم ڪندا هئا. هڪ ڀيري ته هڪ سردار جي حويلي لٽي غريبن ۾ ورهائي چيائين: “هي اوهان جو حق آهي، جيڪو چورن اوهان کان ڦريو هو!”
10 فيبروري 1981ع تي ڦولن انهن ٺڪر سردارن تي حملو ڪيو جن هن تي ۽ سندس خاندان تي ظلم ڪيا هئا. 24 ٺڪر سردار حويلين مان گهلي ڪڍيا، گنگا ڪناري قطار ۾ بيهاري مٿن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ شري رام به شامل هو!.
پوليس هر پاسي گهيرو ڪيو. اندرا گانڌي چيو: “جيڪڏهن گرفتار نه ٿئي ته صلح ڪر!” ڦولن 48 ڪلاڪن ۾ 30 پوليس چوڪين تي حملا ڪري سرڪاري مشينريءَ کي پڻ نشانو بڻايو.
جنهن کان پوءِ 1983ع ۾ ڀوپال ڀرسان خود سرينڊر ڪيو، 11 سال جيل ۾ رهي. 1994ع ۾ آزادي ملي ته سماجوادي پارٽيءَ مان 1996ع ۾ لوڪ سڀا چونڊي وئي.
1999ع ۾ دنيا جي 80 ملڪن دعوت ڏني، 20 ملڪن نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو.
ڦولن جي ديوي جي ڪتاب “منهنجي زندگي” جون 7 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون. انٽرويو ۾ چيائين: “مون ظالمن جو رت وهايو،