
17/06/2025
محرم الحرام جي عشري دوران شهر اندر صفائي سٿرائي۔ لائيٽنگ سميت ماتمي روٽن تي سمورا انتظام بهتر نموني سنڀالڻ لا چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي وائيس چيئرمين وسيم صديقي. سي ايم او عابد لطيف راجپوت جن آفيس انچارجن سان ميونسپل آفيس ۾ اهم ميٽنگ ڪئي وئي۔
جنهن ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر عديل مهر. اڪائونٽس آفيسر عابد ميمڻ سميت ايڊمن. سينيٽيشن۔ ڊرينيج۔ فوڊ سينيٽيشن. پمپنگ اسٽيشنز ء اينٽي انڪروئچمينٽ سميت سمورن برانچن جي انچارجن شرڪت ڪئي۔
ان سلسلي ۾ وائيس چيئرمين وسيم صديقي ۽ سي ايم او عابد لطيف راجپوت پاران سموري عملي کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران شهر اندر خصوصن محرم جي روٽن. ماتمي جلوسن سميت پاڙن ۾ ٿيندڙ مجلسن جي صفائي سٿرائي ۽ لائيٽنگ جا خاص انتظام ڪيا وڃن.
جڏهن ته شهر جي سمورين ڊرينيج لائينن جي ڊيسلٽنگ صفائي شروع ڪئي وڃي ته جيئن عزاداري ڪندڙ شهرين کي ڪنهن قسم جي تڪليف جو منهن ڏسڻو نه پوي۔