BBC Bakhar Jamali

BBC Bakhar Jamali Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from BBC Bakhar Jamali, Media/News Company, بکر جمالي, Bakhar Jamali, Sindh.

04/04/2025

پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت کان ڌار نه ٿيندي بلڪه ساڳئي پگهار تي ڪم ڪندي. حنيف عباسي

03/04/2025

هڪ دفعو ٽنڊو محمد خان ۾ سندس چونڊ تڪ جو پورو چڪر لڳرايوس ته عوام جي حالت ڏسي... پوءِ ڀلي زمينون وڪڻي ترقي جي ڳاله ڪري..

03/04/2025

منهنجي ڌرتيءَ جو گنهگار نه بخشيو ويندو،
ڪو به غاصب ڪوبه غدار نه بخشيو ويندو.

03/04/2025

چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک.
جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته سوال پڇڻ تي بوکلائجي ڇو ٿا وڃو.


02/04/2025

فقير مجاهد جمالي هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي.
سندس تعزيت جو سلسلو جاري..

02/04/2025

مير مظهر ٽالپر..
ميڊياجي مورچي تي شاندار جنگ وڙهندي....

02/04/2025

ڪينال سمورا نامنظور سنڌ جي ارڏي پٽ ڊاڪٽر طارق حسين سومرو کي چئن ڏينهن بعد اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو
ڪينال نامنظور جو نعرو هڻندڙ سنڌ جي ڳالھ ڪندڙ ڊاڪٽر طارق حسين سومرو صاحب مٿان تشدد ڪيو ويو آهي
ڊاڪٽر صاحب واضح ڪيو آهي ته لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۽ جميل سومرو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي
جس لهي جج صاحب جنهن ڊاڪٽر صاحب ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو، ۽ پوليس کي ذليل ڪيو

ڇا واقعي پيپلز پارٽي ڪينالن واري معاملي تي وفاقي حڪومت سان گڏ نه آهي؟اسان جا کوڙ سارا پڙهيل لکيل دوست جيڪي پنهنجي پاڻ کي...
01/04/2025

ڇا واقعي پيپلز پارٽي ڪينالن واري معاملي تي وفاقي حڪومت سان گڏ نه آهي؟
اسان جا کوڙ سارا پڙهيل لکيل دوست جيڪي پنهنجي پاڻ کي سنڌ پرست ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر اندران جنوني پيپلي آهن جيڪي اڄ به اهو ڀاشڻ ڏيڻ ۾ مشعول آهن ته ڪينال واري مسئلي تي پيپلز پارٽي ۽ سندس قيادت جو هٿ نه آهي انهن تي تنقيد نه ڪئي وڃي.
سنڌ جو سادو ۽ ساجهڙو ماڻهو به سمجهي ٿو ته ملڪ جوصدر، ٻن قوبن ۾ حڪومت، ٻن صوبن ۾ گورنر، ايوان بالا سينيٽ جو چيئرمين سميت سڀ آئيني عهدا رکندڙ پيپلز پارٽي کي اهم حڪمت عملي جي منصوبن بابت فيصله سازي ۾ ڪيئن نه شامل ڪيو ويو هوندو (ان ڳاله جي پرک لاءِ جولاءِ 2024 ۾ ٿيندڙ ايوان صد جا ميٽنگ منٽس موجود آهن). ان کانسواءِ سڀئي اخبارون ۽ ميڊيا رپورٽ پڻ موجود آهن. مزي جي ڳاله اها آهي ته اهي منٽس انفارميشن کاتي جي سرڪاري ويب سائٽ تي موجود آهن جن لاءِ چيو ٿو وڃي ته ان ۾ ڦير فار ڪئي وئي آهي ۽ ان تي صدر صاحب چپ ڪيو ويٺو آهي.
ڀلا جيڪڏهن هڪ گهڙي لاءِ مڃون ته توهان جي پارٽي اهڙي فيصله سازي ۾ شامل نه آهي ته اهي سڀ عهدا رکي انهن جو آچار وجهڻو آهي. جواب اهو آهي ته پاڪستان بچائڻ لاءِ انهن سان گڏ آهيون.
سنڌي ماڻهو جو موقف صاف آهي ته اهڙو پاڪستان ڪنهن کي کپي ٿو جنهن ۾ سنڌو درياه نه هجي.

بکر جمالي ۾ رٿيل والي بال ٽورنامينٽ ملتوي! فقير مُحب خان جمالي جي ننڍي ڀاءُ فقير مجاهد خان جمالي جي اوچتي لاڏاڻي سبب بکر...
01/04/2025

بکر جمالي ۾ رٿيل والي بال ٽورنامينٽ ملتوي!
فقير مُحب خان جمالي جي ننڍي ڀاءُ فقير مجاهد خان جمالي جي اوچتي لاڏاڻي سبب بکر جمالي لڳ ڳوٺ علي مراد جمالي ۾ رٿيل والي بال ٽورنامينٽ ملتوي ڪيو ويو آهي.
ٽورنامينٽ جي نين تاريخن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. پاران ٽورنامينٽ ڪميٽي.




مانوارا........مخدوم جمل الزمان ايم اين اي ھالا.....ذوالفقار جمالي/ بکرجماليھڪڙي چٺي تنھنجي نانءُ..........................
26/10/2023

مانوارا........مخدوم جمل الزمان ايم اين اي ھالا.....
ذوالفقار جمالي/ بکرجمالي
ھڪڙي چٺي تنھنجي نانءُ..........................................
قلبہ سائين .......آئون توھانجو مريد ناھيان پر تنھن ھوندي بہ قبلہ سائين لکيو اٿم ان لاء جو توھان جا مريد حضرات ناراض ٿي پوندا ۽ آئون ھنن اٻوجھ ماڻھن جي دل آزاري ڪرڻ نہ ٿو چاھيان .....
جناب اعلا......
1965 ع کان حيدرآباد ضلعي جي سياست جي اڇي ڪاري ، مٺي ڪڙي جو مالڪ توھانجو خاندان رھيو آھي ۽ 2005 ع کان وٺي مٽياري ضلعي جي سڄي ترقي بہ توھان جي مھربانين سان ٿي آھي ۽ 2011 ع واري ٻوڏ ھجي يا 2012ع ۾ روھڙي ڪئنال جو ٽٽڻ .....۽ اڄ تائين توھان جيڪي ترقياتي ڪم ڪرايا آھن ھڪڙي دفعي مھرباني ڪري اچڻ جي زھمت ڪيو ۽ پنھنجي ڪرايل رڪارڊ ترقياتي ڪمن جو بہ حال ڏسي وڃو،
ٻين برادرين کي تہ ڇڏيو پر پنھنجن مريدن جو حال تہ اچي ڏسو، جنھن جي ڏن پٽ سان توھان جي عياشين جو سامان مھيا ٿو ٿئي ....
انھن مريدن ويچارن کي ايتري بہ جرئت ناھي جو توھان کان سوال ڪري سگھن ...!!!!!!!
ڇو تہ توھان جي خليفن انھن کي ايترو تہ قبر ۽ دوزخ جي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي جو ھاڻي انھن ويچارن تہ جيئڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي صرف آخرت جي ڇوٽڪاري جي لالچ ۾ ،پر انھن ويچارن کي ڪير اھيو بہ سمجھائڻ وارو ناھي تہ جيڪو مرشد ٻوڏ کان نہ ٿو بچائي سگھي اھو آخرت بہ ڪونہ ڇڏائيندو،
پر ڇا ڪجي سائين......!!!!!!!!؟؟؟؟؟
پير صاحب پاڳارو حڪومت ۾ نہ ھوندي بہ گادي جي خرچ تي ٽي لک ماڻھن کي عزت ڀريي طريقي سان رھائي سگھي ٿو ۽ ٽن وقتن جي ماني بہ آفر ڪري سگھي ٿو تہ ھڪ لک ماڻھن کي توھان بہ گادي ۽ حڪومت جي گڏيل پيسن مان ٻن وقتن جي ماني پھچائي سگھون ٿا آرام سان،
پر الاء ڇو گادي نشينن مان ۽ سردارن مان انسانيت موڪلائي وئي آھي، جيڪي اٻوجھ ماڻھون ٻارين ٻچين توھان سميت توھان جي خليفن جا بہ ھٿ ٿا چمن ھن ڏکيي وقت ۾ عزت ڀريي طريقي سان ٻن وقتن جي ماني ۽ ٽينٽ انھن ماڻھن جو بہ توھان تي بہ حق آھي ....
مانوار سائين..... آئون پنھنجي لاء توھان کي ڪونہ پيو چوان ، توڙي جو آئون بہ متاثر آھيان پر آئون مستحق ناھيان

پريس ڪلب مان نالو هٽائي ڪمدار ڪلب رکيو وڃي، پاران بکرجمالي جو عوام
26/10/2023

پريس ڪلب مان نالو هٽائي ڪمدار ڪلب رکيو وڃي، پاران بکرجمالي جو عوام

04/12/2022

چار ارب جي ڪرپشن ڪرڻ واري ڊي سي مٽياري جڏھن اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پيش ٿيو ته وڪيلن ان کرپشن جي اصل ۽ مک ڪردارن ھالا جي مخدومن جي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو ـ

چار ارب کی کرپشن کرنے والا ڈی۔سی۔مٹیاری جب حیدرآباد کی اینٹی کرپشن کی عدالت میں پیش ہوا تو وہاں وکیلوں نے کرپشن کہ اصل کردار ہالا کہ مخدوموں کو گرفتار کرنے کا مطالبہ کیا

Address

بکر جمالي, Bakhar Jamali
Sindh

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when BBC Bakhar Jamali posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share