Village Muhammad Raheem Laghari

Village Muhammad Raheem Laghari About village

آج پن اکرین سجن پنهنجا ساریا گلن تان گوژهن جون بوندون بس نہ کن سندي سك پرين، لوك ذني تان نه لهي.SHAH ABDUL LATIF
05/01/2025

آج پن اکرین سجن پنهنجا ساریا

گلن تان گوژهن جون بوندون بس نہ کن

سندي سك پرين، لوك ذني تان نه لهي.SHAH ABDUL LATIF

السلام علیکم سڀني دوستن, ويجھڙائي ۽ ڀر پاسي ۾ رھڻ وارن کي اطلاع ٿو ڪجي تـ اسان ڳوٺ ابوالحسن لغاري ۾ پلاٽنگ ڪري رھيا آھي...
05/01/2024

السلام علیکم
سڀني دوستن, ويجھڙائي ۽ ڀر پاسي ۾ رھڻ وارن کي اطلاع ٿو ڪجي تـ اسان ڳوٺ ابوالحسن لغاري ۾ پلاٽنگ ڪري رھيا آھيون تمام آسان قسطن ۾ تمام سستا پلاٽ ڏيئي رھيا آھيون ھن جديد دور ۾ جنهن ڀاء وٽ پنهنجي گھر لاء زمين نـ آهي انهن لاء ھي تمام سنھري موقعو آهي اچو ھن ھائوسنگ اسڪيم مان فائدو حاصل ڪريو ھن منھنگي دور ۾ گھر جي لاء زمين حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو آهي ھي پروگرام سڀني غريبن جي لاء آهي ڪنهن زات پات لاء نـ آهي ڪير بـ پلاٽ خريد ڪري سگهي ٿو صرف /150- رپيـ فوٽ 2 سالن جي آسان قسطن ۾ جيڪڏهن توھان وٽ گھر نـ آهي تـ اچو پنهنجو گھر ٺاھيو ۽ ويھو پيسا قسطن ۾ ڏيو دير نـ ڪيو متان ھي سنھري موقعو اوھان جي ھٿن مان نڪري وڃي
لوڪيشن-
ڳوٺ ابوالحسن لغاري سروي نمبر 51 ديھ ڊٺڙو U.C جعفر خان لغاري
ڳوٺ سومر خان لغاري کان 1/2 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي شاھو واھ واري رستي تي پنجين واٽر جي ڀر ۾ آهي پوء دير ڇاجي اچو جلدي ڪريو پنهنجو پلاٽ بڪ ڪرايو
وڌيڪ رابطي لاء عبدالجليل لغاري سان ھيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪندا.
03003614695

امداد علي لغاري ولد محمد صالم لغاري رھندڙ ڳوٺ محمد رحيم لغاري ضلعو سانگھڙ تعلقو سنجھورو  جنهن جي عمر 17 سال آهي کيس جگر ...
21/03/2023

امداد علي لغاري ولد محمد صالم لغاري رھندڙ ڳوٺ محمد رحيم لغاري ضلعو سانگھڙ تعلقو سنجھورو جنهن جي عمر 17 سال آهي کيس جگر جي تڪليف آهي ۽ غمبٽ ھاسپٽل طرفان ڄاڻايو ويو آهي تـ سندس جگر ختم ٿي چڪو آهي ۽ علاج لاء 2000000 لک کان 2500000 جي رقم گھربل آهي
ھي ھڪ يتيم مسقين غريب آھي ۽ سندس والد بـ فوت ٿي ويو آهي
تنهنڪري سڀني لغاري برادري اتحاد وارن کي اپيل آهي تـ مسقين جي مدد ڪئي وڃي جين ھو پنهنجي زندگي جي بھار ڏسي سگهي

سندس نمبر ھيٺ ڏجي ٿو
اميد اوھان الله واٽ سندس مدد ڪري سندس مسيحو ثابت ٿيندا
03402566023
سڀني وس وارن کي درخواست آهي تـ سندس مدد ڪندا ڏنل نمبر تي اوھان رابطو پڻ ڪري سگهو ٿا

ماڻهو پنهنجي تعريف پاڻ نـ ڪري پر اھڙو ڪارنامو ڪجي جو دنيا سندس تعريف ۾ لھي اچي ۽ اڄ ڪجھ اھڙو ئي واقعو بيان ڪرڻ وڃان ٿو ...
20/10/2022

ماڻهو پنهنجي تعريف پاڻ نـ ڪري پر اھڙو ڪارنامو ڪجي جو دنيا سندس تعريف ۾ لھي اچي ۽ اڄ ڪجھ اھڙو ئي واقعو بيان ڪرڻ وڃان ٿو جنهن کان اوھان سڀ واقف ھوندا ۽ ھئڻ بـ گھرجي

ھڪ غريب ۽ مزدور گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ شخصيت جيڪو اڄ غريبن ۽ مزدورن لاء ھڪ جيرو ڄاڳندو مثال آهي
آئون ڳالهه ڪيان ٿو

سائين عبدالڪريم لغاري صاحب

جي جيڪو پنهنجو سروس دوران انهن پوسٽن تي رھيو جيڪي ڪنهن تصور ئي نـ ڪيو ھونديون ۽ سندس تصور ۾ بـ نـ ھوندو .
اڪثر ماڻهو سائين جن جي باري ۾ خيال ڪندا آهن تـ سائين جو تعلق ڪنهن زميدار گھراڻي يا ڪنهن پڙھيل لکيل گھراڻي سان آهي آئون انهن کي ٻڌائيدو ھلان تـ سائين جن جو تعلق ھڪ غريب گھراڻي سان آهي ۽ سندس گھر ۾ ايتري تـ غربت ھوندي ھئي جو ٻـ ويلھا ماني بـ وڏي مشڪل سان کائيندا ھيا
سائين پاڻ ننڍ پڻ کان ئي ڪافي محنتي ھيا پر سندس محنت آڏو غربت ھڪ ديوار بڻيل ھئي. سائين جن غربت جي ھوندي بـ تعليم حاصل ڪئي ميٽرڪ انٽر ۽ ان کان پو economics ۾ ماسٽر ڪئي ۽ ڪجھ عرصو اسلام آباد ھليا ويا جتي ڪجھ وقت گورنمنٽ سروس ڏني ۽ ڪيترن ئي ڳوٺ جي ماڻهن کي پڻ روزگار سان لڳرايو ان کان ڪجھ عرصو بعد 17 گريڊ جي پوسٽ حاصل ڪري غريب جي گھر ۾ پيدا ٿي غريب ٿيڻ واري سوچ کي غلط ثابت ڪيو سائين جن ان کان پو پنهنجي منزل جي راھن ۾ گامزن ٿي ويا.۽ ڏينهن بـ ڏينهن ترقي جي چاڙھي چڙھندا ويا
اھا ڪيتري نـ اعزاز جي ڳالھ تـ اوھان جنهن اداري ۾ تعليم حاصل ڪيو ۽ ان جا ئي انچارج ٿي وڃو سائين Do, Edo, Sdo ۽ آخر ۾ 19 گريڊ جا پرنسپل جو عھد سنڀاليو ضلعي سانگھڙ جي GIBCECS ۾ پنهنجي خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳا سائين جن سان ڪافي ڪچھريون ٿينديون رھنديون ۽ سائين ڪافي خوش مزاج ۽ دوست طبيعت جا مالڪ آهن ۽ وڏي ڳالھ تـ سائين پنهنجي اولاد سان بـ ھڪ دوست وارو رشتو قائم ڪيو ويٺا آهن سائين جن ۽ سندس پٽ روز شام جو پنهنجي گھر آڏو بيٺڪ تي ڪچھري پڻ ڪندا آهن سائين جا واقعا ڪافي ٻڌا آهن ۽ انهن کي ٻڌي اکين مان لڙڪ تري ايندا آهن
سائين جن جي بچپن جو واقعو آهي تـ ھڪ دفعو ڳوٺ جي وڏيري ڪار ورتي ۽ سائين ھن گاڏي کي ھٿ لاٿو تـ وڏيري کيس ڌڪو ڏئي چيو ڇورا پري ٿي منهنجي گاڏي خراب ڪرين ٿو ۽ اڄ سائين جي پنهنجي در تي ڪار بيٺل آهي ۽ سائين ڪڏهن بـ ڳوٺاڻن کي گاڏي کان انڪار ناھي ڪيو
سائين جن پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي والد صاحب نالي ڳوٺ منظور ڪرايو ۽ پنهنجي ضاتي ورتل پلاٽن تي پڻ اسڪول قائم ڪرايا جين ڳوٺ جا غريب ٻار تعليم حاصل ڪري سگهن سائين جون ڳوٺ لاء ڪيتريون ئي خدمتون آهن سائين جن جي شخصيت ڪنهن تعريف جي محتاج ناهي آئون سائين کي واڌايون ڏيان ٿو تـ سائين جن اڄ پنهنجي سروس مڪمل ڪئي ۽ دل جي گھراين سان خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جين ھي عاجزاڻو سلام سائين کي قبول پوي الله تعالىٰ کان دعا آهي تـ سائين جن کي شاد و آباد رکي ۽ سائين جن جي منهن تي ھميشـ مرڪ رھي...
توھان جي خدمت ۾ سدا موجود وعلیکم السلام...!!!!!!

جناب ايگزيڪيوٽو انجنيئر صاحب وابڊا سانگھڙ    جناب اسسٽنٽ انجينئر سب ڊويزن جھول, وابڊا سانگھڙ         جناب اعليٰ       ...
23/08/2022

جناب ايگزيڪيوٽو انجنيئر صاحب وابڊا سانگھڙ
جناب اسسٽنٽ انجينئر سب ڊويزن جھول, وابڊا سانگھڙ

جناب اعليٰ

سائين جن جي خدمت ۾ درخواست آهي تـ اسان جو ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ جيڪو سب ڊويزن جھول وابڊا سنجھورو جي حد ۾ آهي. جنهن جو ٽرانسفارمر 15/08/2022 کان ويندي اڄ تائين بند آهي ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن ۽ مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي جنهن سان مختلف قسم جي بيمارين ۾ پڻ واڌ ٿئي پئي .
اسان سڀ ڳوٺاڻا رھندڙ ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ کان عرض ڪيون ٿا تـ مھرباني ڪري اسان کي ٽرانسفارمر جي سھولت مھيا ڪئي وڃي جين زندگي معمول جيان ھلي ڇاڪاڻ تـ بجلي نـ ھجڻ سان پيئڻ جو پاڻي پڻ بند آهي جنهن جي ڪري مختلف تڪليفن کي منهن ڏئي رھيا آهيون.
ان لاء اسان وس وارن ۽ اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪيون ٿا تـ جيترو جلدي ٿي سگهي اسان جي ڳوٺ جي بجلي بحال ڪئي وڃي ۽ ڳوٺاڻن جي ھن ازيت مان جان ڇڏائي وڃي. اميد تـ اسان جي درخواست تي دلي ھمدردي سان غور فرمائيندا ۽ اسان جي ھن مسئلي کي جلد مان جلد حل ڪندا ۽ ان عمل جي لاء اسان اوھان جا شڪر گذار رھندا سين.
عرضدار ڳوٺاڻا ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ ۽ ڳوٺ محمد رحيم لغاري تعلقو سنجھورو ضلعـ سانگھڙ .
عبدالڪريم لغاري, قيصر فقير لغاري,عبدالجليل لغاري, خضرحسين لغاري, عابدحسين لغاري, محمد جنيد لغاري, فخر حسين لغاري ۽ ٻيا سڀ ڳوٺاڻا.

12/05/2022

اسلام عليڪم ۔ اسان ڳوٺاڻن جو عاض آھي انھن دوستن کي جيڪي دوست ھن بي ڊي اليڪشن ٢٠٢٢۾ بيٺا آھن انھن کان اسان جا ھي ڳوٺ جي ماڻھن جي ڀلائي جي لاء ھي مطالبا آھن جيڪڏھن پورا ڪري سگھن ته پوء ووٽ وٺڻ لاءسدائين اسان وٽ اچن ۽ اسان سندن جئ ۾ جايون ڏينداسين۔مطالبا ھيٺ ڏجن ٿا جيڪي اسان لاء نھايت اھم آھن۔
١۔ھر گھر مان ھڪ نوجوان کي نوڪري ھن جي تعليم مطابق ڏيارين۔
٢۔نوجوانن لاء ھڪ پلي گرائونڊ جو ڳوٺ م بندوبست ڪن ۔
٣۔ ڳوٺ ۾ نوجوانن ۽ وڏن جي تفرئ لاء پارڪ جو بندوبست ڪن۔
٤۔ڳوٺ جي پاڻي جي نيڪاسي جو ڪم ڪن جيڪو نھايت اھم آھي۔۔۔
٥۔ھر غريب ڳوٺاڻي وٽ ڏک سک ۾ ملن ۽ ھن جي پنھنجي وس آھر مدد ڪن۔
٦ ۔اٺ ميل موري کان ڳوٺ تائين پڪي روڊ جي مرمت ڪرائين يا نئون منظور ڪرائين۔ پا ران سڀ ڳوٺاڻا۔ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ ۽ ڳوٺ محمد رحيم لغاري۔

سڀني ڳوٺ وارن ڀاءرن ۽ دوستن کي دعوت ھجي پاران•صاحب عبدالڪريم لغاري
26/03/2022

سڀني ڳوٺ وارن ڀاءرن ۽ دوستن کي دعوت ھجي
پاران•صاحب عبدالڪريم لغاري

سڀني دوستن کي دعوت ڏجي ٿي اچڻ ن وساريندان 5 ڊسمبر آچر جي ڏينهن ھنڌ  ڳوٺ محمد رحيم لغاري
02/12/2021

سڀني دوستن کي دعوت ڏجي ٿي اچڻ ن وساريندان 5 ڊسمبر آچر جي ڏينهن ھنڌ
ڳوٺ محمد رحيم لغاري

اسان  # *صاحب عبدالڪريم لغاري* جا وڏا شڪر گذار آھيون جنهن ضلعي سانگھڙ  جي DC کي درخواست ڪري ھن تاريخي ماڳ جي وارثي ڪئي ...
23/11/2021

اسان # *صاحب عبدالڪريم لغاري*
جا وڏا شڪر گذار آھيون جنهن ضلعي سانگھڙ جي DC کي درخواست ڪري ھن تاريخي ماڳ جي وارثي ڪئي سائين جن
ان جي بقاء لاء ھڪ سٺو قدم کيون آ ۽ اسين سڀ ڳوٺاڻا سائين جا وڏا شڪر گذار آھيون
الله تعاليٰ اھڙي لازوال شخصيت کي ھميشـ شادآباد رکي

وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو ختم اونداھ ٿي وينديچٽي چانڊراڻ ۾ ملبوThe Struggle Of Abdul Karim Laghariھڪ غريب گھرا...
20/10/2021

وٺي ھر ھر جنم وربو
مٺا مھراڻ ۾ ملبو
ختم اونداھ ٿي ويندي
چٽي چانڊراڻ ۾ ملبو

The Struggle Of Abdul Karim Laghari

ھڪ غريب گھراڻي ۾ جنم وٺي ھر ان عھدي تي فائض رھيو جيڪي ڪنهن جي سوچ ۾ نـ ھوندا
سائين جن پنهنجي زندگي ۾ ھڪ وڏو مثال قائم ڪيو تـ
غريب جي گھر ۾ پيدا ٿيڻ ڪو ڏوھ
ڪونهي پر غريب ٿيڻ ھڪ ڏوھ آهي
سندس زندگي ھر غريب طبقي سان طعلق رڪندڙ لاء مثال آهي .
سائين جن پنهنجي زندگي جي مشڪل دور ۾
اھو درجو حاصل ڪيو
جيڪو اڄ جو امير ترين ماڻهو بـ حاصل نـ ٿو ڪري سگهي برحال سندس تاريخ ايتري وسيع ۽ ڏکايل آهي جو اڄ بـ اسان وٽ بيان ڪرڻ لاء لفظ ناھن
سائين جن پنهنجي لازوال جدوجهد سان پنهنجي غريب ۽ ھاري پيء جي ناء سان ھڪ ڳوٺ قائم ڪيو آ جيڪو ڳوٺ محمد رحيم لغاري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو
سائين جن پنهنجي اڻ کٽ ڪوششن سان پنهنجي ڳوٺ جو تعليمي نظام بـ بھتر بڻايو ۽ اڄ سندس ڳوٺ ۾ سندس ورتل پلاٽن تي اسڪولون پڻ قائم ٿيل آهن جتان ڳوٺ جا ھونھار شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري پنهنجي مستقبل کي سنواريندا آهن
سائين جن جو نالو ضلعي سانگھڙ جي بھترين آفيسرن جي لسٽ ۾ سرفرحست آھي سائين پنهنجي ھن سفر دوران Edo . Deo .Sdo بـ رھي چڪا آهن
سائين جن جي زندگي تي ڪيترا ڪتاب بـ لکھجي سگھن ٿا پر اھا حمت ڪو مرد مجاھد ئي ڪري سگهي ٿو
اسان جي اھا ئي دعا آهي تـ الله سائين اھڙي لازوال شخصيت کي ھميشـ شادوآباد رکي سندس ڪيتريون ئي خدمتون وسارڻ لائق ناھن .

Address

Sinjhoro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Village Muhammad Raheem Laghari posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category