03/02/2025
چوهڙ جمالي //
چوهڙ جمالي پوليس پاران نوجوان غفور جمالي کي گم ڪرڻ خلاف جمالي برادري جو احتجاج
چوهڙ جمالي پوليس پاران هفتو اڳ نوجوان غفور جمالي کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ ۽ ڦر جي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ خلاف جمالي برادري جي علي محمد جمالي غلام رسول جمالي محمد خان جمالي نواز جمالي ۽ عورتن پاران چوهڙ جمالي پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي گم ڪيل نوجوان غفور جمالي جي والد علي محمد جمالي ٻڌايو ته چوهڙ جمالي پوليس هفتو اڳ بائي پاس تان حجام جي دڪان تان منهنجي پٽ کي گرفتار ڪري ڏينهن جو گم ڪري ڇڏيندا هئا رات جو کيس ٿاڻي تي ظاهر ڪيو ويندو هو جنهن کي ماني ۽ بسترا اسين ڏيندا هئاسين ڪلھ رات پوليس ايف آئي آر ڪٽي جاء واردات راڄن شاھ جي طاهراڻي موري ظاهر ڪئي آھي ايف آئي آر موجب پوليس هيڊ لائيٽس ذريعي جوابدارن کي سڃاتو اسان جي ڇوڪري جي گرفتاري به ايف آئي آر ۾ ظاهر نه ڪئي ويئي آھي اسان کي خدشو آھي ته چوهڙ جمالي پوليس اسان جي نوجوان کي گم ڪري ماري نه ڇڏي _ هن وڌيڪ چيو ته غفور کي جتان کنيو ويو اتي جا ماڻهو شاهد آھن ته پوليس کيس ڪيئن ۽ ڪٿان کنيو آھي هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي نوجوان کي پوليس کان بازياب ڪرائي ڪوڙو ڊرامون رچائيندڙ چوهڙ جمالي پوليس خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي