Rite News

Rite News پاکستان و دنیا بہر سے تازہ ترین نیوز

پي ايس 30 خيرپور تي ننڍي چونڊ ۾ جي ڊي اي پاران حصو نه وٺڻ جو فيصلو، اسان موجوده پارليامينٽ کي نه ٿا مڃون: صدرالدين شاھه ...
06/07/2026

پي ايس 30 خيرپور تي ننڍي چونڊ ۾ جي ڊي اي پاران حصو نه وٺڻ جو فيصلو، اسان موجوده پارليامينٽ کي نه ٿا مڃون: صدرالدين شاھه راشدي

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پي ايس 30 گمبٽ-سوڀوديرو جي ضمني چونڊن لاءِ پنهنجي اميدوار جو اعلان ڪري ڇڏيو پارٽي قيادت پاران اسفن...
05/07/2026

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پي ايس 30 گمبٽ-سوڀوديرو جي ضمني چونڊن لاءِ پنهنجي اميدوار جو اعلان ڪري ڇڏيو پارٽي قيادت پاران اسفنديار کرل کي ضمني چونڊن لاءِ پيپلز پارٽي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي..

05/07/2026

ڪراچي ڊفينس فيز 6 ۾ پاڻي وارو ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ سبب
ڊرائيور فوت ٿي ويو، ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو

05/07/2026

بلاول ڀٽو اسڪردو پهتو، پ پ گلگت جي صدر امجد ايڊووڪيٽ پاران آجيان، مسافرن پ پ چيئرمين سان سيلفيون ڪڍرايون

پي ايس 30 (گمبٽ، صوڀوديرو) تان اهم اعلان!​جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) پاران ايندڙ چونڊن لاءِ پي ايس 30 تان مولانا محم...
05/07/2026

پي ايس 30 (گمبٽ، صوڀوديرو) تان اهم اعلان!
​جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) پاران ايندڙ چونڊن لاءِ پي ايس 30 تان مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو صاحب کي باضابطه طور اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.

بلاول ڀٽو جي دعوت تي مولانا فضل الرحمان جو ردعمل: "بلوچستان جو فيصلو مقامي جماعت ڪندي"​ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئ...
30/06/2026

بلاول ڀٽو جي دعوت تي مولانا فضل الرحمان جو ردعمل: "بلوچستان جو فيصلو مقامي جماعت ڪندي"
​ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران جمعيت علمائي اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي بلوچستان حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر دعوت ڏني وئي آهي، جنهن تي مولانا فضل الرحمان پنهنجو ردعمل ڏنو آهي.
​بلاول ڀٽو زرداري جو بيان:
​"مان مولانا فضل الرحمان صاحب کي هڪ ڀيرو ٻيهر بلوچستان حڪومت ۾ شموليت جي دعوت ڏيان ٿو."
​قائدِ جمعيت مولانا فضل الرحمان جو جواب:
​"هي بلوچستان جو مسئلو آهي، ان تي بلوچستان جي جماعت اتي جي زميني حقائق (گراؤنڊ) کي ڏسي فيصلو ڪندي. باقي مان بلاول ڀٽو جي ان ڳالهه جي خيرمقدم ڪريان ٿو."

بريڪنگ نيوز: سوڀوديرو ڀرسان افسوسناڪ واقعو، عزاداري دوران نوجوان فوت​سوڀوديرو (رپورٽر)سوڀوديرو ڀرسان پير حيات شاهه لڳ ڳو...
23/06/2026

بريڪنگ نيوز: سوڀوديرو ڀرسان افسوسناڪ واقعو، عزاداري دوران نوجوان فوت
​سوڀوديرو (رپورٽر)
سوڀوديرو ڀرسان پير حيات شاهه لڳ ڳوٺ محمد عالم تنيو ۾ هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي عزاداري دوران زنجير زني ڪندي هڪ نوجوان فوت ٿي ويو آهي.

پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويوصوبائي اسيمبلي جو ميمبر نعيم احمد کرل گذريل ڪجھ عرصي ک...
21/06/2026

پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو
صوبائي اسيمبلي جو ميمبر نعيم احمد کرل گذريل ڪجھ عرصي کان سخت بيمار هو ۽ مقامي توڙي اعليٰ اسپتالن ۾ زير علاج هو،

نعيم احمد کرل جي لاڏاڻي جي خبر پوندي ئي سڄي تڪ ۽ گمبٽ شهر ۾ سوڳ واري لهر پکڙجي وئي آهي. پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت، صوبائي وزيرن، ۽ علائقي جي سياسي توڙي سماجي شخصيتن پاران سندس وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

بريڪنگ نيوز: گمبٽ ويجهو هولناڪ حادثو، هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي فوت، گمس ۾ ايمرجنسي نافذ​گمبٽ (رپورٽر): گمبٽ ويجهو تيز رفتار و...
20/06/2026

بريڪنگ نيوز: گمبٽ ويجهو هولناڪ حادثو، هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي فوت، گمس ۾ ايمرجنسي نافذ
​گمبٽ (رپورٽر): گمبٽ ويجهو تيز رفتار ويگو گاڏي جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر، نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (گمس) اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
​📌 واقعي جا تفصيل:
​مليل ڄاڻ موجب، هي افسوسناڪ حادثو گمبٽ جي علائقي ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ تيز رفتار ويگو گاڏي موٽرسائيڪل کي چڪناچور ڪري ڇڏيو. حادثو ايترو شديد هو جو موٽرسائيڪل تي سوار سمورا پنج ئي ڄڻا ٿڏي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ويا.
​فوت ٿيلن جو تعلق گمبٽ جي پپري علائقي جي جوڳي برادري سان آهي ۽ اهي سڀ هڪ ئي گهر جا ڀاتي هئا.
​اسپتال ۾ ايمرجنسي: لاشن کي گمبٽ جي (گمس) اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي واقعي کانپوءِ ايمرجنسي نافذ ڪري سموري عملي کي الرٽ ڪيو ويو آهي.

Address

Sukkur

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Rite News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Rite News:

Shortcuts

Share