Hum SALU Waly

Hum SALU Waly Hum SALU Waly
(1)

23/01/2026

‏❤ 3 شعبان❤️
۔
ولادتِ باسعادت امام حسین علیہ السلام🫀

يونيورسٽيءَ وارن ڏهاڙن ۾"ماورا" منھنجي دوست هئياسين سنڌالاجيءَ ۾ ڇمڪڻيءَ جي وڻ هيٺان پيل بينچ تيوڃي ويھندا هئاسينسنجها ٽ...
12/01/2026

يونيورسٽيءَ وارن ڏهاڙن ۾
"ماورا" منھنجي دوست هئي
اسين سنڌالاجيءَ ۾
ڇمڪڻيءَ جي وڻ هيٺان پيل بينچ تي
وڃي ويھندا هئاسين
سنجها ٽاڻي بہ
فري پيرڊن دوران بہ

سامهون ڪئنٽين هوندي هئي
جتان چانهہ سموسا گُهرائيندا هئاسين

مان هن سان
پنهنجيءَ وڇڙي ويل محبوبا جَي محبتن
۽ مجبورين جي باري ۾
پيو ڳالهائيندو هوس
ڪڏهن ڪڏهن واقعا
ورجائي بہ ويندو هوس

هوءَ خاموش ۽ نِڀور ڪارين اکين سان
سگريٽ جا ڪَش هڻندَي
وڏيءَ ڳنڀيرتا مان
مون کي ٽِڪ ٻَڌي ڏسندِي
۽ ٻڌندي رهندي هئي

فائنل ييئر تائين ايندَي
اسين گهڻا ويجها ٿي چڪا هئاسين

هڪ ڏهاڙي
مون هن کي شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي
هن چيو هو:
نئين لباس پائڻ لاءِ
پراڻو لباس لاهڻو پوندو آهي.........................
انهيءَ پور مان
ٻاهر اچي مون پاڻ ڏٺو
مان اڃا ساڳي لباس ۾ هوس.

-- علي آڪاش


نثر •••••••!آئون شرم ڇو ڪيان...؟تون چوين ٿي ته ڪمزوري تنھنجو ڪنڌ سُڪائي ڇڏيو آھي ۽ وار ڇڻي رھيا ھِن ڇا ٿي ويو آھي ؟ پوءِ...
12/01/2026

نثر •••••••!
آئون شرم ڇو ڪيان...؟
تون چوين ٿي ته ڪمزوري تنھنجو ڪنڌ سُڪائي ڇڏيو آھي ۽ وار ڇڻي رھيا ھِن ڇا ٿي ويو آھي ؟
پوءِ ٻُڌ ،مون کان گھڻا سوال نه ڪر مونکان اھو نه پُڇندي ڪر ته تون گھڻين عورتن سان مليئين ۽ مون صرف تنھنجو انتظار ڪيو ۽ تنھنجي انتظار ۾ Ma******te ڪئي ۽ تنھنجي غير موجودگي ۾ فلپائني عورتن سان ويڊيو ڪال تي ڪچھريون ڪيم ،،،،
شرم ڪر.....
شرم آئون ڇو ڪيان؟ شرم اُنھن مائٽن کي ڪرڻ کپي جيڪي پنھنجيون 9سال جون نياڻيون نوي سال جي پوڙھن کي پرڻائي ۽ انھن گُلاب جي گُلن جھڙين نياڻين جون زندگيون عذاب ڪن ٿا ،
شرم ته اُنھن مائٽن کي ڪرڻ کپي جيڪي پنھنجن پُٽن کي پرڻائي ڪمائڻ لئه موڪلي صِرف پگھار واري ڏينھن پنھنجن پُٽن کان حال پُڇن ٿا ،
توکي خبر آھي گُرو رجنيش اوشو لکي ٿو ته مرد جڏھن عورت سان شدت سان عشق ڪري ٿو ته ھُو پاڻ کي عورت جيئان سينگاري ٿو ، آئون تنھنجي عشق ۾ بلڪل ائين پاڻ کي سينگاريان پيو ۽ ھا مونکي ليڪچر نه ڏي انسانيت انسانيت جا راڳ آلاپڻ مون اڳيان بند ڪر، پنھنجين خوبصورت اکين کي کول ۽ مون ڏانھن نھار جيئن آئون زندھ رھي سگھان! يار ڪجھ ته شرم ڪر !!!
شرم آئون ڇو ڪيان
شرم ته اُنھن مُلحدن کي ڪرڻ کپي جيڪي صرف ھڪڙو پاسو نھارن ٿا
شرم ته انھن مُلن کي ڪرڻ کپي جيڪي صرف فلسطينين جي شھيد ٿيڻ تي روئن ٿا نه نه نه بلڪل نه آئون ڪنھن انسان جي مرڻ جي حق ۾ ناھيان آئون چاھيان ٿو تہ دنيا جا تمام ماڻھو ھڪ ٻي جي ھٿان قتل نه ٿين ڇو ته مارڻ لئه خدا ڪافي آھي! ماڻھن کي کپي ته اُھي ڌرتي تي رحمدل ٿي ھلن ۽ ھڪ ٻي جو احساس ڪن ۽ خاموشي سان موسيقي ٻُڌن ۽ پنھنجي زمين تي صرف مُحبت پوکن ۽ اضافي غيرت کان پاسو ڪن ، پر منھنجي چاھڻ سان ڇا ماڻھو بدلجي ويندا نه بلڪل نه پوئي خاموشي سان دروازو بند ڪر ۽ ويجھي ٿي ته جيئن آئون ساھ کڻي سگھان !
جمشو!

02/01/2026

The Verse (5:67)
يَا أَيُّهَا الرَّسُولُ بَلِّغْ مَا أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ ۖ وَإِن لَّمْ تَفْعَلْ فَمَا بََلَغْتَ رِسَالَتَهُ ۚ وَاللَّهُ يَعْصِمُكَ مِنَ النَّاسِ ۗ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْكَافِرِينَ
"O Messenger, convey what has been revealed to you from your Lord, and if you do not, then you have not conveyed His message. And Allah will protect you from the people. Indeed, Allah does not guide the disbelieving people."
13 رَجَبُ المُرَجَّب
مولا علِی علیہ السلام مُقدس و مُتَبَرِّک
ولادتِ با سعادت بُہت بُہت مُبارک ہو♥️

میکسم گورکی جي ناول ”ماں“ ۾ جڏهن پاول ولاسوف جي ماءُ هن کان ۽ هن جي ساٿين کان پڇيو ته، ”مون ٻڌو آهي ته اوهين خدا کي   نٿ...
01/01/2026

میکسم گورکی جي ناول ”ماں“ ۾ جڏهن پاول ولاسوف جي ماءُ هن کان ۽ هن جي ساٿين کان پڇيو ته، ”مون ٻڌو آهي ته اوهين خدا کي نٿا مڃيو ؟“
پاول ولاسوف جواب ڏنو ته، ”اي ماء ! اسين ان خدا جي ڳالهه نه ٿا ڪريون جيڪو تنهنجي دل ۾ آهي، جيڪو رحيم ۽ ڪريم آهي، شفيق آهي ۽ پنهنجن ٻانهن سان محبت ڪندڙ آهي.“
اسان ته ان خدا جي ڳالهه ٿا ڪريون جيڪو پادرين ۽ مُلن اسان تي مڙھي ڇڏيو آهي، جيڪو هر وقت ڏنڊو کڻي ٻانهن کي هڪليندو آهي ۽ هر وقت کين سزا ڏيندو آهي.
اي ماء !! هڪڙي ڏينهن اسين پنهنجي خدا کي انهن پادرين ۽ مُلن جي قبضي مان ڇڏائينداسين. پوءِ ان کي پنهنجي دل ۾ وھارينداسين ۽ هن جي ساراهه جا گيت ڳائينداسين.
(میکسم گورکی جي ناول ”ماں“ مان اقتباس)

تون هئين ۽ رڻ اندرراتڙيون روشن هيونتون هئين ننگر ٺٺوجلپرن جي ڳالھ هوپاڻ جو ملهار جيئنوڏ ڦڙي جھڙو وطنتون نريڙي ڍنڍھ تيڪون...
28/12/2025

تون هئين ۽ رڻ اندر
راتڙيون روشن هيون
تون هئين ننگر ٺٺو
جلپرن جي ڳالھ هو
پاڻ جو ملهار جيئن
وڏ ڦڙي جھڙو وطن
تون نريڙي ڍنڍھ تي
ڪونج جي ڪرلاوَ جيئن
ڄڻ هنياءَ جي گهاوَ جيئن
مونکي کائيندو وطن
ڪير ڀائيندو وطن

27/12/2025

_The voice still echoes in hearts of many.._ | 27 Dec😪

21/12/2025

جڏهن تون نہ هوندي، تڏهن بہ آئون هر روز، ساڳين ئي رستن تي، توکي ڏسڻ لاءِ ايتري ئي شدت سان نڪري پوندس، جيئن حضرت موسي طورسينا جبل تي خدا کي ڏسڻ جو خواهشمند هوندو هيو. پر کيس خدا جون فقط نشانيون ئي ملنديون هيون.

تو رڳو ايترو پڇيو:ايترا ڏهاڙا ڪٿي هئينءَ؟مون کي ياد آيااُهي رستاجن ۾ ڀَٽڪندي رهيساُهي اونداهيون ڪُنڊونجن ۾ سَٿِي پئي رهي...
15/12/2025

تو رڳو ايترو پڇيو:
ايترا ڏهاڙا ڪٿي هئينءَ؟

مون کي ياد آيا
اُهي رستا
جن ۾ ڀَٽڪندي رهيس

اُهي اونداهيون ڪُنڊون
جن ۾ سَٿِي پئي رهيس

ياد آيو پنھنجو ڀَور ڀَورُ ٿيڻُ

پوءِ بہ کِلي وراڻيم:

تو ڏانھن ئي تہ پئي آيس.

-- ترجمو

سنڌو _____________تون جڏهن واپس ورندي آهينته مونکي لڳندو آهي سنڌ پنجابي قبضاگيري، کان آجي ٿي آئي آهي.!۽ جڏهن تون هلي وين...
15/12/2025

سنڌو
_____________

تون جڏهن واپس ورندي آهين
ته مونکي لڳندو آهي
سنڌ پنجابي قبضاگيري،
کان آجي ٿي آئي آهي.!
۽ جڏهن تون هلي ويندي آهين
ته لڳندو آهي سنڌ تي
فلسطين وانگر ولار ٿي آهي
۽ آئون پنهنجو وطن بچائڻ لاء،
پنهنجي ئي ڌرتي تي
جلاوطن رهندو آهيان.!

اڀي.

13/12/2025

ڪڏهن فقط هڪ شخص پوري ڪائنات لڳندو هو.🫀

11/12/2025

❤️ تولدتون🎂 مبارک دختر نبی ص، همسر ولی و مادر حسنین ع🫶🏻 سیده فاطمه زهرا س❣️ و روز مادر مبارک ❤️

Address

Sukkur

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Hum SALU Waly posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share