29/10/2025
هوءَ خاموشيءَ جو مجسمو هئي
جنهن جي هر ساهه سان ڪو نه ڪو راز ٽٽندو هو.
هوءَ ڳالهائيندي نه هئي
پر سندس چپن جي ڪنڊ تي
ڪنهن پراڻي دعا جو ڇنڊو رهيل هو
هن جي اکين ۾ شام جهڙي هلڪي اداسي هئي
جهڙوڪ دنيا جون سڀ ڳالهيون
هاڻي فقط سندس اندر ۾ ڳوڙهن جي صورت ۾ رهجي ويون هجن
مان هن جي ويجهو ويهي محسوس ڪندو هئس
ته وقت جو ڪو ٽڪرو منهنجي هٿن مان ريت وانگر لڙي رهيو آهي
۽ دنيا جو هر شور
سندس چپ تي اچي خاموش ٿي ويندو هو
هوءَ اهڙي هئي
جيئن ڪنهن پراڻي مندر ۾ ڦاٿل گھنڊ جو آواز
جيئن ڪنهن بيمار شاعر جي ڪتاب ۾ اڌ لکيل نظم
يا ڪنهن ويرانگهر ۾ ٽٽل آئينو
۽ مان
هر دفعي هن ڏانهن ڏسندي
پنهنجو چهرو وساري ڇڏيندو هئس
ڇاڪاڻتہ هوءَ
ڪنهن وسريل مقدس نالي جي ياد وانگر هئي
جنهن کي ڏسڻ سان
سڀ ڪجهه ٿوري وقت لاءِ روشن ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ وري اونداهه اچي بيهندي آهي
ديوان سنڌي