06/12/2025
*سکر؛ثقافتي عيد ڏهاڙي جي مک تقريب سکر پريس ڪلب آڏو ڪوٺائي ويندي, سريلا فنڪار ۽ فنڪارائون پنهجي فن جو مظاهرو ڪندا.*
مختلف سياسي/ سماجي/مذهبي/ قومپرست/ برادرين ۽ سول سوسائٽي جون تنظيمون مختلف علائقن کان ريلين جي صورت ۾ سکر پريس آڏو مک تقريب ۾ شريڪ ٿينديون، سنڌي ميڊيا جي سمورن ادارن پاران گڏيل طور تي اعلانيل تقريب ۾ سنڌ جا ناليوارا سريلا فنڪار ۽ فنڪارائون قومي، ثقافتي گيتن ذريعي پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان محبت جو اظهار ڪندا،
سنڌ جي شاندار تهذيب سان پيار ڪندڙ سمورن ساڃاھ وند سکر واسين کي ثقافتي عيد ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏجي ٿي 🙏🥰
نوٽ: ثقافتي ڏڻ جي نسبت سان ڪوٺائي ويندڙ تقريب 7 ڊسمبر آچر جي ڏهاڙي صبح جو 10 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.
پاران
سکر پريس ڪلب سکر