30/08/2026
سجاول آمڙا اسٽاپ لڳ واريالو اسٽاپ ڳوٺ حاجي ولي محمد سومرو جو رھواسي محرم علي سومرو پنھنجي 11 سالن جي معصوم نياڻي سيما سومرو جي اک جي عجيب ۽ غريب بيماري وڌي وڻ ٿي رھي آھي ۔۔۔
سندس اھا حالت گذريل ٽن سالن کان کيس سخت پريشان ڪري رهي آهي جنھن جي ڪري نياڻي سيما سومرو سخت پريشان آهي ۔۔۔۔
گذريل سالن کان ڪراچي جي وڏين اسپتالن ۾ به هن معصوم نياڻي جو علاج نه ٿي سگهيو جناح اسپتال وارن سيما سومرو جي والد کي ھڪ سال لاءِ ڪراچي ۾ رھائش جو انتظام ڪرڻ لاء چيو ھو , پر غريب پيءُ محرم علي سومرو پنهنجي نياڻي جي علاج خاطر پنهنجو سڄو مال ملڪيت وڪرو ڪري ڇڏيو , سو ڪراچي ۾ ڪرائي جو گھر ڪيئن وٺي ٿي سگھيو ۔۔۔۔
جنھن جي ڪري افسوس نياڻي جو علاج اڃان تائين ممڪن نه ٿي سگهيو آهي ۽ معصوم نياڻي عذاب واري زندگي گذاري تڙپي رھي آھي اسان سوشل ميڊيا تي سماجي تنظيمن مخير حضرات وس وارن انسان دوستن سماجي اڳواڻ مورڙو مرڪز جي نوجوان دوستن ڊاڪٽر اقبال ميمڻ سجاول ضلعي جي سرگرم اڳواڻ بھترين شخصيت ڀاء لطيف ميمڻ سابق ڊپٽي اسپيڪر ادي ريحانہ لغاري ايم پي اي ادي ھير سوھو لائيو اسٽاڪ فشر فوڪل پرسن کاتي جو وزير رئيس محمد علي خان ملڪاڻي صاحبان جن کي اپيل ٿا ڪريون تہ معصوم نياڻي کي سرڪاري خرچ تي ڪراچي جي وڏي اسپتال ۾ اک جو علاج ڪرائيڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ۔۔۔
رابطي لاء
محرم علي سومرو
موبائل نمبر
03190017456
سوشل ورڪر خميسو ميمڻ
03113096731
في سبيل الله الله پاڪ جي راه ۾ ھن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو ته جيئن معصوم نياڻي سيما سومرو جي اک جو آپريشن ٿي سگھي
رپورٽ سوشل ورڪر نانگ گروپ سجاول