Sindhi News

Sindhi News هرخبرسڀ جي نظر

سکر () آلٽرنيٽو ريسرچ انيشيٽو (ARI) ۽ ناري فائونڊيشن جي سهڪار سان ICMA سکر ڪيمپس ۾ آگاھي سيمينار بعنوان "سگريٽ نوشي کان ...
26/10/2025

سکر () آلٽرنيٽو ريسرچ انيشيٽو (ARI) ۽ ناري فائونڊيشن جي سهڪار سان ICMA سکر ڪيمپس ۾ آگاھي سيمينار بعنوان "سگريٽ نوشي کان پاڪ پاڪستان" منعقد ڪيو ويو۔ سيمينار جي صدارت ميڊم سائره لاشاري، انچارج ICMA سکر ڪيمپس، ۽ جناب فياض علي آجن، پرنسپل گورنمينٽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ بوائز سکر ۽ فوڪل پرسن IMC سکر ريجن، ڪئي۔
مهمانِ خاص طور تي ARI مان جناب جعفر مهدي ۽ جنيد خان شرڪت ڪئي، جڏهن ته ناري فائونڊيشن سکر مان شازيه عباسي، عبدالوحيد ۽ فرحان علي پڻ هن تقريب ۾ موجود هئا۔

سيمينار جي شروعات ۾ ناري فائونڊيشن جي پروگرام مينيجر شازيه عباسي ٻڌايو ته "سگريٽ نوشي کان پاڪ پاڪستان" پروگرام جون سرگرميون ملڪ جي 12 ضلعن ۾ جاري آهن۔ هن مهم جو بنيادي مقصد نوجوانن کي تمباڪو ۽ سگريٽ جي موذي اثرن بابت آگاهه ڪرڻ آهي۔ هن چيو ته پروگرام تحت ڪميونٽي ميٽنگز، تعليمي ادارن ۾ سيمينار ۽ سگريٽ نوشي ڪندڙ ماڻهن سان آگاهي سيشنز ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ميڊيا ذريعي به آگاهي جي مهم جاري آهي۔

ARI جي نمائندي جنيد علي خان شاگردن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 10 لک ماڻهو تمباڪو ۽ سگريٽ استعمال ڪن ٿا، ۽ هي تعداد ڏينهن به ڏينهن وڌي رهي آهي۔ هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن گهر جو وڏو سگريٽ نوشي ڪري ٿو ته گهر ۾ ٻار ۽ عورتون به ان جي اثر هيٺ اچي وڃن ٿيون۔ هن وڌيڪ چيو ته ٽوباڪو ڪنٽرول لاءِ قانون ته موجود آهن، پر انهن تي عملدرآمد جو شديد فقدان آهي۔

مقررن زور ڏنو ته اسان سڀني کي گڏجي سگريٽ نوشي جي روڪٿام لاءِ عملي ڪوششون ڪرڻ گهرجن۔ سيمينار جي پڄاڻي تي شاگردن کان عهد ورتو ويو ته هو تمباڪو ۽ سگريٽ جي وڌندڙ نقصانن بابت آگاهي پيدا ڪندا ۽ پنهنجي چوڌاري ماحول کي سگريٽ نوشي کان پاڪ بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندا۔

26/10/2025

ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن سکر/اجلاس ڪمشنر سکر ڊويزن/ 26 آڪٽوبر 2025ع

*درخواست براءِ نيوز ٽڪرز*

*ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي جي صدارت ھيٺ سنڌ حڪومت جي آبادگارن لاءِ ڪڻڪ پوکيو سپورٽ پروگرام 2025ع سان لاڳاپيل اهم گڏجاڻي ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس ھال ۾ منعقد*

سکر: گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ون محمد عامر انصاري، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو محمد حاجن، ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد، ڊپٽي ڪمشنر خيرپورميرس فياض حسين راھوجو، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي منظور احمد ڪنراڻي، ٽنھي ضلعن جا ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز، ڪنزرويٽر فاريسٽس سکر، ڊائريڪٽر زراعت سکر ۽ ٻيا شريڪ

سکر: ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي سنڌ حڪومت جي ڪڻڪ پوکيو سپورٽ پروگرام 2025ع تي بريفنگ ورتي

سکر: ھاري ڪارڊ اسڪيم کان علاوھ ڪڻڪ پوکيو سپورٽ پروگرام 2025ع صوبائي حڪومت طرفان آبادگارن جي معاشي سڌاري، غذائي تحفظ ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ احسن قدم آهي، ڪمشنر سکر

سکر: ڪمشنر سکر پاران ڊپٽي ڪمشنرز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي زراعت کاتي سان رابطي ۾ رهي ويٽ گروئر سپورٽ پروگرام-2025ع لاءِ رجسٽريشن جو عمل جلد اڪلائڻ جي هدايت

سکر: ڪڻڪ پوکيو پروگرام تحت لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو تائين رجسٽريشن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، ڊپٽي ڪمشنرز خيرپورميرس/ گھوٽڪي/سکر

سکر: باقي رھندڙ ڪم پڻ 2 کان 4 ڏينهن تائين مڪمل ڪيو ويندو. ڊپٽي ڪمشنرز جي گڏجاڻي کي آگاھي

سکر: سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ سپورٽ پروگرام تحت 1 کان 25 ايڪڙ زرعي ايراضي وارن آبادگارن کي في ايڪڙ تي 1 ٻوري ڊي اي پي ۽ 2 ٻوريون يوريا ڀاڻ جي قيمت نقد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڊائريڪٽر زراعت سکر جي اجلاس کي آگاھي

سکر: هي سھولت رڳو ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ هوندي، ڊائريڪٽر زراعت سکر

سکر: پروگرام جي شفافيت برقرار رکڻ لاءِ زمين تي فصل جي تصديقي عمل کانپوءِ ڪڻڪ جي آبادگارن کي رقم ٽرانسفر ٿيندي، ڊائريڪٽر زراعت سکر

اروڙ يونيورسٽي سکر ۽ پاڪستان نيوي جي گڏيل آرٽ نمائش ۽ سندن ورهائڻ جي تقريب ميرٽائم ميوزيم ڪراچي ۾ منعقداروڙ يونيورسٽي آف...
25/10/2025

اروڙ يونيورسٽي سکر ۽ پاڪستان نيوي جي گڏيل آرٽ نمائش ۽ سندن ورهائڻ جي تقريب ميرٽائم ميوزيم ڪراچي ۾ منعقد

اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊيزائن اينڊ ھيريٽيچ، سکر پاران پاڪستان نيوي جي سهڪار سان پينٽنگ ۽ مجسمه سازيءَ جي نمائش جو اهتمام ميرٽائم ميوزيم، ڪار ساز ڪراچي ۾ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ مارڪۀ حق ۽ بُنيانُ المرصوص آپريشنز جي حوالي سان سندن ورهائڻ جي تقريب پڻ ٿي۔

تقريب جا خاص مهمان ڪموڊور مدثر خورشيد، ستاره امتياز (ملٽري) ھئا، جن آرٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تخليقي صلاحيتن ۽ فني محنت جي واکاڻ ڪئي۔

ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ، وائس چانسلر اروڙ يونيورسٽي ۽ مهمانِ اعزاز پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اروڙ يونيورسٽي تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي۔ ھن زور ڏنو ته يونيورسٽي جديد دور جي ضرورتن مطابق نون خيالن، تخليقيت ۽ ڪاروباري مهارت سان ليس گريجوئيٽس تيار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔

تقريب جي پڄاڻي تي معزز مهمانن وچ ۾ يادگاري تحفا مٽايا ويا، جڏهن ته شاگردن کي مارڪۀ حق وال ۽ آرٽ نمائش ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي سندون پيش ڪيون ويون۔

اروڙ يونيورسٽي پنهنجي طرفان جناب منصور زبيري، ناميارا مصور ۽ پروفيسر آف پريڪٽس، جو شڪريو ادا ڪيو جن قومي سطح تي شاگردن کي پنهنجو فن ۽ صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ قيمتي موقعا فراهم ڪيا۔

يونيورسٽي طرفان فئڪلٽي آف ويژوئل آرٽس جي استادن — جناب حبيب الرحمان (چيئرمين اِن چارج)، جناب شوڪت منگي، جناب ڪاشف منگي، محترمه عاقصه احد ۽ ٻين ساٿين — جي به واکاڻ ڪئي وئي، جن شاگردن جي رهنمائي ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔

آخر ۾، اروڙ يونيورسٽي پنهنجي معزز مهمانن — جناب عامر حيدر بٽ، جناب عدنان ڪهر، جناب فيصل خواجه، جناب حمير سومرو ۽ ٻين معزز شرڪت ڪندڙن — جو ٿورائتو رهي جن پنهنجي موجودگيءَ سان تقريب کي ڪامياب ۽ يادگار بڻايو۔

چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر جو 13 ھون اجلاس منعقد ٿيو.سکر 24 آڪٽوبر 2025...
24/10/2025

چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر جو 13 ھون اجلاس منعقد ٿيو.
سکر 24 آڪٽوبر 2025: چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر جو 13 ھون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي سيد ڪميل حيدر شاھ چيو ته مونکي اڄ تمام گھڻي خوشي ٿي رھي آھي ته اسان جيڪوغريب شاگردن لاءِ css جي تياري ڪرڻ وارو پروگرام شروع ڪيو ھو اھو اڄ بھتر نتيجه ڏئي رھيو آھي ھن سال جيڪي سي ايس ايس جي تياري وارا شاگرد امتحان ۾ ويٺا ھئا انھن مان شروعاتي نتيجن مطابق 12 شاگرد پاس ٿيا آھن. اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايئر ايمبولينس جي سهولت انهن سنجيده مريضن کي ڏني ويندي آھي جنھن کي لاڳاپيل ڊاڪٽر رفر ڪندو آهي ۽ ھن وڌيڪ چيو ته سکر ضلعي جي تفريح ماڳن کي بھترکان بھتر ڪيو پيو وڃي ته جيئن ھتي جي عوام کي تفريح جا موقعا فراھم ڪري سگھجن. چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاھ ٽائون چيئرمينن کي ھدايت ڪندي چيو ته جو پنھنجي لاڳاپيل آفيسرن سان ميٽنگ ڪري عوام جا مسئلا حل ڪرائن ۽ سکر ضلعي جي ٽن ٽائون لا۽ سيد ناصر حسين شاه جي حڪم تي سالڊ ويسٽ مينجمينٽ کي لکت ۾ ڏنو آھي ته اھي انھن جي صفائي سٿرائي جا انتظام بھتر ڪن. ھن وڌيڪ چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ڪميٽي جي ميمبرن م تبديلي ڪئي ويندي ۽ غريب نياڻن ۾ سلائي مشينون پڻ ورھايون وينديون ته جيئن ھو پنھنجو با عزت روزگار حاصل ڪري سگھن. ڊسٽرڪٽ چيئرمين سردار تقي خان ڌاريجو کي چيو ته امن امان جي حوالي سان ھڪ ڪميٽي ٺاھي وڃي جيڪي ماڻهن سان ملن جتي برادري جھيڙا ھلي رھيا آھن ته انھن کي ختم ڪرائي سگھجي .ڪميل حيدر شاھ چيو ته ھوجمالو ٽرين لاءِ پنوعاقل اسٽاپ لاءِ تجويزون مليون آهن جن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي ۽ هوجمالو ٽرين ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبرن کي 20 فيصد ٽيڪيٽ جي رعايت پڻ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر جي ميمبرن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين جي حق ۾ ڪردار منظور ڪندي ان تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪيو. اجلاس ۾ ميمبرن پنھنجي پنھنجي تڪن ۾ڪمن بابت بريفنگ ڏني. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين ضلعي سکر ۾ جاري ڪمن جو پڻ جائزو ورتو ۽ صاف پاڻي جي فراهمي ڊرينج سسٽم جو جديدي نظام ٽٽل رستن کي ٻيهر ٺاهڻ، صحت ۽ تعليم جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون ۽ رهيل ڪمن کي وقت سر پورو ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون اجلاس ۾چيف آفيسر، ٽائون ڪميٽين جا چيئرمين وائس چيئرمين.ضلعي ڪائونسل جا ميمبر ۽ ميڊيا جا نمائندن سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

18/10/2025

سکر: سول اسپتال جي هائوس آفيسر نوجوان ڊاڪٽرن جو چوٿين ڏينهن به پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج جاري

سکر (رپورٽ) سول اسپتال سکر ۾ ڪم ڪندڙ هائوس آفيسر نوجوان ڊاڪٽرن پاران ڇهن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف چوٿين ڏينهن به احتجاج جاري رهيو. ڊاڪٽرن ايم ايس آفيس جي سامهون ڌرڻو هنيو ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا.

احتجاج جي اڳواڻي ڊاڪٽر عبدالله ميتلو، ڊاڪٽر شيراز پنهور، ڊاڪٽر فاطمہ، ڊاڪٽر زويا ۽ ٻين ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير جي پگهارون جاري ڪيون وڃن ته جيئن ڊاڪٽرن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته، “اسان ايمرجنسي، آپريشن ٿيٽر، او پي ڊي ۽ وارڊن سميت اسپتال جي هر شعبي ۾ ذميواري سان ڊيوٽيون ڪري رهيا آهيون، ان باوجود ڇهن مهينن کان اسان کي هڪ رپيو به نه مليو آهي.”

احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن سندن جائز مسئلو حل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن، سکرسکر، 16 آڪٽوبر 2025ع: سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجی...
16/10/2025

ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن، سکر

سکر، 16 آڪٽوبر 2025ع: سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجیل انعام میمن چيو آهي ته آغا سراج دراني هڪ خوش اخلاق ۽ سٺو پارليامينٽيرين هو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو بئيلنس اسپيڪر رهيو؛ اسپيڪر طور سندس خدمتون شاندار هيون. هي لمحو سندن لواحقين لاءِ انتهائي ڏکئي گھڙي آهي، الله پاڪ مرحوم کي مغفرت عطا فرمائي. بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر تي ميڊيا سان خطاب دوران سينيئر وزير شرجیل انعام میمن ٻڌايو ته نوابشاهه ۾ پي ايم ايل اين جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ۽ صدر آصف علي زرداري جي وچ ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ ملاقات کان پوءِ ٻنهي پاسيءَ جون بيانن ۾ نرم ٿي چڪيون آهي. هن چيو ته ڪچي ۾ امن امان تڏهن ئي بحال ٿي سگهندو جڏهن سنڌ پنهنجو ۽ پنجاب پنهنجو ڪچّو وارو علائقو گڏيل آپريشن ذريعي ڪنٽرول ڪندا؛ ڇو ته گڏيل آپريشن جي صورت ۾ جرم پيشه ماڻهن کي لڪجڻ جي جڳهه نه ملندي. گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته پنجاب حڪومت به گڏجي آپريشن ڪري. سنڌ حڪومت هڪ قدم کنيو آهي ته جيڪو ڊاڪو رضاڪارانه طور تي سرنڊر ڪندو ان سان الڳ نموني نمٽيو ويندو؛ بهتر اهو آهي ته ڊاڪو پاڻ رضاڪارانه سرنڊر ڪن ته جيئن ڪنهن پوليس مقابلي ۾ جان جو نقصان نه ٿئي. سڀني جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي. شرجیل انعام میمن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪو به غير قانوني افغان شهري مقيم آهي ته حڪومت ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري رهي آهي. ڪراچي ۾ غيرقانوني مقيم افغان شهرين جون ڪيتريون ئي گرفتاريون عمل ۾ آيون آهن ۽ گرفتاري کان پوءِ ڪي ماڻهو ڊي پورٽ به ڪيا ويا آهن. غيرملڪين بابت حڪومت جي پاليسي مڪمل طور واضح آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجن سڀني پاڙيسري ملڪن سان چڱا لاڳاپا برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر دور ۾ پاڪستاني حڪومتن افغانستان جي مدد ڪئي آهي. هن خبردار ڪيو ته جڏهن ڪو ٻئي ملڪ ۾ ويهي ڪنهن جو پراڪسي بڻجي اسانجي معصوم شهرين تي حملا ڪرائيندو ته فوجي جوابي ڪارروائِي سڀني لاءِ پيغام هوندي ته اسان پرامن قوم آهيون پر پاڪستان سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙ ڇااڙ برداشت نه ڪئي ويندي؛ جيڪڏهن ڪو شروع ڪندو ته پاڪستان ان کي منھ ٽوڙ جواب ڏيندو، البتہ پاڪستان ڪڏهن شروعات نه ڪندو پر اختتام ضرور ڪندو. شرجیل انعام میمن چيو ته سنڌ حڪومتِ ڪراچي کان سکر تائين فاسٽ ٽرين هلائڻ جي خواهش رکي ٿي ۽ ان لاءِ ٽرانسپورٽ کاتو بين الاقوامي سيڙپڪارن سان گفتگون ڪري رهيو آهي.

سکر: ھائيڊرو يونين جو احتجاج رنگ آڻي آيو، ڊي گريڊ واپڊا ملازمن کي بحال ڪيو ويو۔چار مهينن کان ڊي گريڊ ٿيل واپڊا ملازمن جي...
16/10/2025

سکر: ھائيڊرو يونين جو احتجاج رنگ آڻي آيو، ڊي گريڊ واپڊا ملازمن کي بحال ڪيو ويو۔

چار مهينن کان ڊي گريڊ ٿيل واپڊا ملازمن جي حق ۾ جاري ھائيڊرو اليڪٽرڪ يونين جو احتجاج آخرڪار ڪامياب ٿي ويو۔ حڪومت 52 ڊي گريڊ ڪيل ملازمن کي سندن پراڻي اسڪيل ۾ بحال ڪندي ٻيهر ساڳين پوسٽن تي مقرر ڪري ڇڏيو آھي۔واضح رهي ته چار مهينا اڳ حڪومت طرفان واپڊا جي 52 ملازمن کي مختلف سببن جي بنياد تي ڊي گريڊ ڪيو ويو ھو، جن جي خلاف ھائيڊرو يونين جي اڳواڻي ۾ ملڪ ڀر ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا۔ حڪومت طرفان مطالبا تسليم ٿيڻ بعد واپڊا ملازمن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي۔ان موقعي تي ملازمن ھائيڊرو يونين جي اڳواڻ شجاع گھمرو کي گلن جا هار پارايا ۽ کيس ڪاميابي تي مبارڪ ڏني۔ ملازمن جو چوڻ ھو ته هي ڪاميابي اتحاد ۽ لڳاتار جدوجهد جو نتيجو آھي، ھائيڊرو يونين ھميشه ملازمن جي حقن جي حفاظت لاءِ اثرائتي آواز اٿاري آھي۔

16/10/2025

سول اسپتال سکر ۾ هائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرن کي ڇهن مهينن کان پگهارون نه مليون، ڪم ڇڏ هڙتال جاري

سکر (رپوٽ) سول اسپتال سکر ۾ هائوس جاب ڪندڙ نوجوان ڊاڪٽرن کي ڇهن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ٻئي ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرو جاري رهيو. ڊاڪٽر شيراز پنهور، ڊاڪٽر عبدالله ميتلو، ڊاڪٽر شاهد، ڊاڪٽر زويا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هائوس آفيسرن ايم ايس آفيس آڏو ڌرڻو هڻي رستو بند ڪري ڇڏيو ، احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته، "اسين ايمرجنسي، او ٽي، او پي ڊي سميت اسپتال جي سمورن وارڊن ۾ ڊيوٽيون ڪري رهيا آهيون، پر ان باوجود اسان کي گذريل ڇهن مهينن کان پگهارون نه ڏنيون ويون آهن ، ڊاڪٽرن شڪايت ڪئي ته، "ايم ايس وٽ وڃڻ تي هو پرنسپل ڏانهن موڪلي ٿو ۽ پرنسپل وري ايم ايس ڏانهن واپس موڪلي ٿو، جنهن سبب اسان کي بي يقيني ۽ مالي ڏکن جو منهن ڏسڻو پيو پوي ، ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته جيسيتائين کين پگهارون نه ڏنيون وينديون، تيستائين ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاج جاري رکيو ويندو.

سکر (رپورٽ) سکر ۾ ناري فائونڊيشن جي ڪوششن سان  غذائيت، ٻارن کي ٿَڃ پيارڻ ۽ جامع مڪاني حڪمرانيءَ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ضلعي...
11/10/2025

سکر (رپورٽ) سکر ۾ ناري فائونڊيشن جي ڪوششن سان غذائيت، ٻارن کي ٿَڃ پيارڻ ۽ جامع مڪاني حڪمرانيءَ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ضلعي ايڊوائزري اينڊ ايمپليمينٽيشن پينل جو قيام عمل ۾ آندو ويو، هڪ سال جو ائڪشن پلان تيار، ساڃاھ وندن اهڙي عمل کي اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. ناري فائونڊيشن سائن پروجيڪٽ تحت انٽرنيشنل ريسڪيوڪاميٽي (آءِ آر سي) ۽ يورپي يونين جي مالي سهائتا سان هڪ ڏينهن واري صلاحڪار گڏجاڻي ڪوٺائي. گڏجاڻي جو مقصد ضلعي سطح تي غذائيت سان لاڳاپيل شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ مستقبل لاءِ واضح لائحه عمل طئي ڪرڻ هو. شرڪت ڪندڙن عزم کي ورجائيندي چيو ته فورم غذائيت سان لاڳاپيل حقن، جامع شرڪت ۽ پائيدار حڪمرانيءَ کي ضلعي سطح تي اڳتي وڌائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندو، جيئن سنڌ ۾ هر ٻار، عورت ۽ خاندان لاءِ وڌيڪ صحت مند ۽ غذائيت سان ڀرپور سماج تعمير ٿي سگهي. سکر جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 بشريٰ منصور گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي. بشريٰ منصور صدارتي تقرير ڪندي ضلعي سطح تي غذائيت بابت قانونن جي ڄاڻ ۽ کاتن جي هم آهنگي لاءِ پينل جي قيام کي اهم قدم قرار ڏيندي چيو ته اهو عمل مقامي سطح تي جوابدهي ۽ ايڊووڪيسي کي هٿي ڏيندو. انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي (آءِ آر سي) جي نمائندي فتح جدون چيو ته پينل جو ماڊل غذائيت ۽ حڪمرانيءَ کي پائيدار بڻائڻ لاءِ مؤثر پليٽ فارم آهي، جيڪو ضلعي سطح تي عملداريءَ کي مضبوط ڪندو. اسٽرينٿننگ پارٽيسپيٽري آرگنائيزيشن (ايس پي او) جي ارشاد سومرو سائن پروجيڪٽ جي سفر تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته ڪيئن سول سوسائٽي تنظيمن گڏجي، انهن کي ادارتي طور تي مضبوط بڻايو ته جيئن هو غذائيت ۽ صحت جي شعبن ۾ مؤثر ڀائيواري ڪري سگهن. ورڪشاپ جي سهولتڪار ڪاشف صديقي تفصيلي رهنمائي ڪندي گروپ بحثن ذريعي هڪ سالا ايڪشن پلان فائنل ڪرايو. پراجيڪٽ مئنيجر شازيه جهانگير سڄي تقريب جي ڪارروائي سنڀالي. ضلعي ايڊوائزري اينڊ ايمپليمينٽيشن پينل جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ غزالا انجم ناري فائونڊيشن جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ۽ ضلعي ايڊوائزري اينڊ ايمپليمينٽيشن پينل جي ڊپٽي ڪنوينر انور علي مھر شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.

سکر () ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي پنهنجي آفيس ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن، سائيٽ سکر ۽ انڊسٽريز جي آفيسرن سان نوج...
06/10/2025

سکر () ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي پنهنجي آفيس ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن، سائيٽ سکر ۽ انڊسٽريز جي آفيسرن سان نوجوانن جي ڪيريئر ڪونسلنگ توڙي سندن لاءِ روزگار جا موقعا تلاش ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. انھيءَ موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي انڊسٽريز توڙي سنڌ سمال انڊسٽريز ۽ سائيٽ سکر جي آفيسرن کي يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سکر جي صنعتي ادارن جا اسٽڊي ٽوئر ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هن چيو تہ مختلف ھنڌن تي سيمينار منعقد ڪري نوجوانن کي آگاهي ڏني وڃي تہ سندن لاءِ اڳتي صنعتي شعبي ۾ روزگار جا ڪهڙا موقعا موجود آهن، هن چيو تہ نوجوانن کي اسڪل ڊولپمينٽ جي ڪورسز کان علاوھ شارٽ ڪمپيوٽر ڪورسز ڪرائڻ جو ارادو رکون ٿا، ۽ انھي سلسلي ۾ نوجوانن کي فري شارٽ ڪورسز ڪرائڻ لاءِ مختلف سماجي تنظيمن جو سھڪار پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڪمشنر سکر چيو تہ هتان جا کارڪن، اچار، ديسي گيھ، انبن ۽ ٻين شين جو آن لائن ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو، جڏهن تہ عورتون دستڪاري، رلي، سنڌي ٽوپي، قالين ۽ ٻين هٿ جي ٺاهيل شين مان گھر ويٺي بهتر منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي چيو تہ نوجوانن کي انسٽاگرام، فيس بوڪ پيج ۽ واٽس ائپ بزنس جو استعمال سکڻ گھرجي، هن چيو تہ خيرپور جي بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ ۾ شارٽ ڪورسز ۾ مفت داخلا ۽ مفت ٽرانسپورٽيشن فراهم ڪري سگهجي ٿي، نوجوانن لاءِ خيرپور ميرس جي هن يونيورسٽي ۾ بهتر فئڪلٽي جي خدمتن سان بهتر ڪم ٿي رهيو آهي. ڪمشنر سکر چيو تہ هي دور هنرمندي جو آهي، نوجوانن کي روزگار لاءِ ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ نه هئڻ گھرجي، ۽ تيزي سان وڌندڙ آبادي واري ملڪ جي نوجوان جو فقط سرڪاري نوڪري تي انحصار ڪرڻ ناسمجھي چئبي. ڪمشنر سکر چيو ته پلمبر، اليڪٽريشن، موبائيل مڪينڪ ۽ ٻيا هنر سکي نوجوان خود ڪفيل ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته موجودھ دور ۾ صنعت بي روزگاري جي مسئلن جو واحد حل آهي، اسان سڀني کي گڏجي ڪري نوجوانن کي انٽرپرينيورشپ تحت هنر ۽ ذاتي ڪاروبار ڏانھن به مائل ڪرڻو پوندو، هن چيو تہ جيڪڏهن سرڪاري يا خانگي اداري ۾ نوڪري نه ٿي ملي، تنھن باوجود بہ ڪيترائي موقعا موجود آهن، اڄ جي دور ۾ نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ تمام ضروري آهي. ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي هدايت ڪئي ته سڀ آفيسر هڪٻئي سان گڏجي ڪري بھتر ڪوآرڊينيشن سان هڪ فريم ورڪ تيار ڪري آگاهي ڏين ته اسان نوجوانن لاءِ ڇا ڪجھ ڪري سگهون ٿا، ھن چيو تہ تيار ڪيل فريم ورڪ تي جلد ئي هڪ ٻيو اجلاس سڏايو ويندو، جنھن ۾ اسٽيوٽا ۽ ڪمپيوٽر ڪورس ڪرائيندڙ مرڪزن جي منتظمين کي پڻ سڏايو ويندو. هن چيو ته اسٽيوٽا آفيسرن ۽ ڪمپيوٽر سينٽرز جا منتظمين جو مختلف يونيورسٽين جي شاگردن سان انٽريڪشن ڪرائبو ڪمشنر سکر چيو ته اوھان جي تعاون ۽ ڪردار سان تمام گھڻو ڪجھ ڪري سگهجي ٿو، سرڪاري طور تي پليٽ فارم ته موجود آهي، بس اسان کي سنجيدگي ڏيکاري پوندي. انھيءَ موقعي تي انڊسٽريز، سنڌ سمال انڊسٽريز ۽ سائيٽ سکر جي آفيسرن ڪمشنر سکر جي هن مقصد ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو عزم ورجايو ۽ آفيسرن گڏيل فريم ورڪ تيار ڪري جلد پيش ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي. اجلاس ۾ سائيٽ سکر جو ڊائريڪٽر عبدالڪريم ملاڻو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انڊسٽرينز ذڪاءالله دراني، ائڊيشنل ڊائريڪٽر سنڌ سمال انڊسٽريز سکر محمد محسن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. #

(عبدالصمد)

سکر: ميڊيا ورڪرز جي نمائندي تنظيم پاڪستان ميڊيا ڪائونسل جي تعلقي آفيس جو افتتاح روهڙي ۾ ڪيو ويو، جنهن جا خاص مهمان پاڪست...
06/10/2025

سکر: ميڊيا ورڪرز جي نمائندي تنظيم پاڪستان ميڊيا ڪائونسل جي تعلقي آفيس جو افتتاح روهڙي ۾ ڪيو ويو، جنهن جا خاص مهمان پاڪستان ميڊيا ڪائونسل سنڌ جا جنرل سيڪريٽري حاجي محمد رياض کوکر هئا. ان موقعي تي تنظيم پاڪستاني جا ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، پاڪستان ميڊيا ڪائونسل ضلعي سکر جا محمد عمران مغل ۽ تعلقي روهڙي جو صدر عبدالرفيق چوهاڻ، جنرل سيڪريٽري شيخ عدنان ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد رياض کوکر خطاب ڪندي چيو ته ميڊيا ورڪرز خلاف تشدد جي واقعن ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي. پاڪستان ميڊيا ورڪرز کي سچ ۽ انصاف جي آواز بلند ڪرڻ تي شهيد ڪيو ويو آهي، پر ميڊيا ورڪرز هميشه عوام جي بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي ۽ ڪندا رهندا. اسان جي اڳواڻ، پاڪستان ميڊيا ڪائونسل جي مرڪزي صدر، مهر حميد انور جي اڳواڻي ۾، ​​سڄي پاڪستان مان 40,000 کان وڌيڪ ميڊيا ورڪرز سچ ۽ انصاف جي آواز بلند ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ ميڊيا ڪائونسل جي ميمبرن جو تعداد وڌي رهيو آهي. اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان جا سڀئي ميڊيا ورڪر، پاڪستان ميڊيا ڪائونسل جي مرڪزي صدر مهر حميد انور جي اڳواڻي ۾، ​​هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيندا ۽ عوام جي آواز، جنهن ۾ اسان جا مسئلا به شامل آهن، ايوانن تائين پهچائيندا.

ڪراچي(رپورٽ) سنڌ جا پارليامينٽرين غذائيت بابت قانونن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ پرعزم ٿي ويا. ناري فائونڊيشن ,ايس پي او ۽  ...
06/10/2025

ڪراچي(رپورٽ) سنڌ جا پارليامينٽرين غذائيت بابت قانونن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ پرعزم ٿي ويا. ناري فائونڊيشن ,ايس پي او ۽ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪاميٽي (آءِ آر سي) جي سهڪار سان ڪراچي ۾ ٿيل هڪ صوبائي مشاورت واري گڏجاڻي ۾ مختلف لاڳاپيل ڌرين گڏجي سنڌ بريسٽ فيڊنگ اينڊ ينگ چائلڊ نيوٽريشن ايڪٽ 2023، سالٽ آئيڊائيزيشن ايڪٽ 2013 ۽ سنڌ فوڊ فورٽيفڪيشن ايڪٽ 2021 تي وڌيڪ اثرائتي عملدرآمد لاءِ اتفاق ڪيو، جيئن سنڌ ۾ غذائي کوٽ جو مقابلو ڪري سگهجي. هن اجلاس ۾ پارليامينٽيرين، سرڪاري آفيسرن، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ ترقياتي ساٿين شرڪت ڪئي. اسٽيڊنگ ڪاميٽي آن وومين ڊولپمينٽ جي چيئرپرسن ۽ وومين پارلياماني ڪاڪس جي سيڪريٽري فرح سهيل عزم ظاهر ڪيو ته هوءَ سنڌ اسيمبلي ۾ غذائيت کي ايجنڊا طور اجاگر ڪندي. هن اهو به اعلان ڪيو ته ڪاڪَس جي اندر هڪ سب ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي جيڪا قانونن تي عملدرآمد جي نگراني ڪندي، بجيٽ ۾ اضافي لاءِ سفارشون ڪندي ۽ غذائيت کي صوبائي ترجيحن ۾ شامل رکندي. وومين پارلياماني ڪاڪس جي ميمبرڪرن مسعود، يورپي يونين جي فنڊ سان هلندڙ غذائيت واري پروجيڪٽ جي واکاڻ ڪئي. هن زور ڏنو ته غذائي کوٽ تي ختم ڪرڻ، مائرن ۽ نون ڄاول ٻارن جي صحت لاءِ پيدائش ۾ مناسب وقفي کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. ناري فائونڊيشن جي ايگزيڪٽو ڊئريڪٽر انور علي مهر غذائيت جي کوٽ کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ غذائيت سان لاڳاپيل قانونن تي عملدرآمد بابت اڳڀرائي ۽ چيلينجز پيش ڪيا، جتي آگاهي، نگراني ۽ نفاذ ۾ موجود کوٽن کي اجاگر ڪيو ويو. هُن پارليامينٽيرين بين الاقوامي ريسڪيو ڪاميٽي جي ڪوششن جي پڻ واکاڻ ڪئي، جنهن سنڌ ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ تحقيق تي ٻڌل ايڊووڪيسي، صلاحيت وڌائڻ ۽ ڪميونٽي جي شموليت وسيلي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن چيو ته آءِ آر سي جي شراڪت پاليسي ۽ عملي قدمن جي وچ ۾ پُل جو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مائرن ۽ ٻارن لاءِ حقيقي فائدا حاصل ٿي رهيا آهن.
آءِ آر سي جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر راڻو مل ڪاڪَس جي غذائيت کي سنڌ جي پاليسي ايجنڊا ۾ اڳتي وڌائڻ واري واعدي کي اجاگر ڪيو. هُن پارلياماني نگراني کي وڌائڻ، مناسب بجيٽ رکڻ ۽ مختلف شعبي وارن ادارن جي گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ، جيئن آئيوڊائيزڊ لوڻ کي عام ڪرڻ، خوراڪ جي لازمي فورٽيفڪيشن ۽ بريسٽ فيڊنگ کي فروغ ملي سگهي. سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي سيڪريٽري طارق حسين مهر، ناري فائونڊيشن, ايس پي او، آءِ آر سي ۽ سول سوسائٽي تنظيمن جي پارلياماني ميمبرن کي غذائيت جي مسئلن ۾ شريڪ ڪرڻ واري ڪوششن کي ساراهيو. هن شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته مشاورت مان نڪتل سفارشون ايندڙ پاليسي عملدرآمد فريم ورڪ ۾ شامل ڪيون وينديون، جنهن کي جلد اسيمبلي ۾ پيش ڪري منظور ۽ نافذ ڪيو وڃي.

Address

Sukkur
PIPULL

Telephone

+923112129203

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sindhi News:

Share