18/08/2023
*بریڪنگ نیوز*
مهانگائي خلاف پاڪستانين جو سخت ردٖ عمل. تاريخي احتجاج.
تفصيلي خبر موجب ڪلھ رات هڪ تاريخي احتجاجي جلوس ٽوئيٽر گيٽ تان نڪتو
مهانگائيء خلاف سخت نعرن جي گونج ۾ احتجاجي جلوس واٽسپ بازار پهتو. جتي سوشل ميڊيا جي سرموڙن مهنگائي خلاف ڳالهايو. انسٽاگرام چوڪ تي احتجاجي جلوس تي گلن جي برسات ڪئي وئي. فيس بڪ باغ تي پهچي نامور ليڊرن لائيو وڊيو ٺاهيون ۽ ملينز لائيڪ ورتا
ان موقعي تي يوٽيوب احتجاجي ڌنون وڄايون
ٽڪ ٽاڪ پاران انتظام ڪيل لنگر کائڻ کانپوء سڀ پر امن طريقي سان گهر گهراڻي ڪري ويا.