14/01/2023
ڪلام؛
ٿهل..
الله نالي آء !! تون سهڻا: الله نالي آء
ڀري ڀاڪر اڄ پاء: الله نالي آء
سک صبح نه شام آهي!!
وڻندو نه ڪوئي طعام آهي!!
گڏ گراهن ٻه کاء: الله نالي آء
ماڻھون پڇن ٿا روز تنهنجو!!
مٿو خراب ڪن ٿا منهنجو !!
ڪنهن کي چوان ڀلاء:الله نالي آء
اورنگزيب جا سڻ تون سڏڙا !!
اڏ اچي ڪي ويجهو پکڙا!!
جي ۾ تو لاء جاء: الله نالي آء
(اورنگزيب خان جروار)