03/10/2024
ٽنڊو محمد خان ۾ بدامني عروج تي پوليس خاموش تماشائي بڻيل ڪلهه تاريخ 2 آڪٽوبر 2024 ڏينهن ڏٺي جو 3 کان 4 بجي جي درميان تي پوليس ڪانسٽيبل نويد احمد جمالي ولد مختيار جمالي ايم سي بي بئنڪ مان 10 لک رپيا کڻي گهر اچي رهيا هئا ته اسان جي شڪ ۾ بئنڪ مان ئي ڪي ماڻهون هنن جي پويان لڳا جنهن چئنل روڊ لڳ محبت ڀرڳڙي ويجهو هنن کي ڌڪ هڻي موٽر سائيڪل تان ڪرائي زخمي ڪري ڇڏيو تنھن کان پوءِ 10 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا جيڪڏهن پوليس وارا ئي محفوظ ڪون آهن ته عام عوام جو حال اوھان سمجهي سگهو ٿا اسان ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان شرجيل انعام ميمڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جناب سيد مراد علي شاه کي اپيل ٿا ڪريون ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کي پابند ڪيو وڃين ته هن وڌندڙ بدامني خلاف ايڪشن کڻن ٻي سورت ۾ عوام ايڪشن ۾ ايندي پرامن احتجاج ڪري حيدرآباد ٽو بدين روڊ بند ڪيو ويندو ...