29/07/2026
بريڪنگ نيوز
26 ورهين جي نوجوان پپو ملاح جي مبينا قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن تحت بي سيڪشن پوليس نامزد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ٻئي طرف نوجوان پپو ملاح جو لاش ٻن ڏينهن جي مسلسل ڳولا کانپوءِ ڦليلي ڪينال مان هٿ ڪيو ويو، جنهن بعد علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.
وارثن الزام هنيو آهي ته جوابدار مبينا طور نوجوان کي نشو پياري ڦليلي ڪينال ۾ ڌڪو ڏئي قتل ڪيو.
مقامي ماڻهن ۽ سفت ريسڪيو ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان لاش واهه مان ڪڍيو ويو، جڏهن ته اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 امدادي ڪارروائي شروع ڪري لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو.
ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ اسلامي روايتن موجب غسل ۽ ڪفن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
ٻن ڏينهن جي بيچيني کانپوءِ لاش هٿ اچڻ سان وارثن جو انتظار ختم ٿي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ ڏک ۽ غم جي فضا ڇانيل رهي.
امدادي ڪارروائي دوران ريسڪيو عملي ۽ مقامي رضاڪارن اهم ڪردار ادا ڪندي لاش کي محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍيو.
نوجوان پپو ملاح جي المناڪ فوتگي تي ملاح برادري ۽ علائقي واسين گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
پوليس نامزد جوابدار کي گرفتار ڪري واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪيس جا وڌيڪ اهم پهلو سامهون اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.