Safeer Hussain Shar

Safeer Hussain Shar Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Safeer Hussain Shar, Village Haji Muhammad Luqman Shar, Thari.

28/12/2025

ٿڌ ۾ زرداري تي لعنت ڪندا وڃو


غني امان چانڊيو  کي آزادي جون مبارڪون
29/11/2025

غني امان چانڊيو کي آزادي جون مبارڪون

غلام مرضيٰ شاھ (جي ايم سيد) جي آخري تقرير. عزيز ڀائرو ۽ ڀينرو!آءٌ توهان سڀني جو شڪر گذار آهيان جو توهان منهنجي 92هين سال...
25/11/2025

غلام مرضيٰ شاھ (جي ايم سيد) جي آخري تقرير.
عزيز ڀائرو ۽ ڀينرو!
آءٌ توهان سڀني جو شڪر گذار آهيان جو توهان منهنجي 92هين سالگرهه تي اچي شريڪ ٿيا آهيو. مون کي اهو احساس آهي ته اڄ سنڌ مختلف اندروني ۽ بيروني سازشن جي آماجگاهه بڻيل آهي ۽ هرڪا ڌر سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي حالت کي وڌيڪ سقيم بنائڻ لاءِ سرگردان آهي.
عزيزو! جڏهن به ڪا قوم، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن وسيلن کان لاتعلقي ۽ بيپرواهي اختيار ڪندي آهي ته ان قوم جي سر زمين، ثقافت، ٻولي، اقتصادي وسيلا ۽ اقتدار اعليٰ سازشن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ اهو ئي ڪجهه اڄڪلهه سنڌ سان ٿي رهيو آهي.
آءٌ عمر عزيز جو تمام وڏو حصو، سنڌي قوم جي وسيلن ۽ سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي ڌارين جي قبضي خلاف وڙهندو ۽ ڦورن ٽولن جي مڪروهه ارادن ۽ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو آيو آهيان. اها جدوجهد اڃا به جاري آهي ۽ جاري هندي. پر ان لاءِ لازمي آهي ته سنڌي قوم هن لاتعلقيءَ ۽ بيپرواهيءَ واري روش کي ختم ڪري ۽ پنهنجيءَ ڌرتيءَ ۽ ان جي وسيلن تي پنهنجي مالڪيءَ جي دعويٰ لاءِ، مستقل مزاجيءَ سان اڳتي وڌي جدوجهد ڪري، ڇو ته آزادي ۽ انصاف، ڪڏهن به پنڻ وسيلي ۽ بيپرواهي سان پلئه نه پوندا آهن. جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه ٻڌي ۽ ان تي ايمان آڻي، عمل ڪيو ته آءٌ پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ يقين سان چوان ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم، هن مشڪل وقت مان ضرور پار پئجي ويندي.
اوهان مان گهڻن پڙهيو هوندو ته رسول ڪريم صلعم، مڪي جي پهاڙ تي چڙهي عربن کي اهو چيو ته “پهاڙ جي هن طرف وڏو لشڪر اوهان کي ڳڙڪائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي جيڪڏهن توهان منهنجيءَ ان ڳالهه کي سچ سمجهو ٿا ته پوءِ منهنجي چوڻ تي هلو، نجات اوهان جو مقدر آهي.“
آءٌ به اڄ سن جي هن جابلو ۽ اتاهين ڌرتيءَ تان اوهان کي پڪاريان ٿو ته جيڪڏهن توهان ايندڙ خطرن ۽ طوفانن جي ان ادراڪ ۽ احساس کي پنهنجي دل ۾ ايئن محسوس ڪيو، جيئن مون محسوس ڪيو ۽ ڏٺو آهي ته پوءِ توهان ڪامياب ۽ ڪامران هوندؤ. ٻيءَ صورت ۾ غافل، ڪاهل ۽ لالچي قومن فردن جو انجام تاريخ جي صفحن ۾ عبرتناڪ ٿيندو آهي. منهنجي دعا آهي ته شال، سنڌي قوم اهڙي انجام سان دوچار نه ٿئي ۽ سنڌ سدائين آزاد ۽ خوشحال ملڪ رهي!

ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن!
(اياز)

عزيزو! هيءُ ڊگهو بحث آهي ته قومون ڪيئن ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن ۽ نسل ڪيئن هڪ ٻئي ۾ ضم ٿيندا ويندا آهن. ان جي باوجود آءٌ هن موقعي تي، سنڌ ۾ مستقل آباد اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ايترو چوندس ته هيءَ ڌرتي، مختلف مذهبن، نظرين ۽ تهذيبن جو خوبصورت گلدستو رهي آهي. قدرت توهان کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ کان ڌڪجڻ کانپوءِ هڪ اهڙي سر زمين جي گود نصيب ڪئي آهي، جيڪا پيار، محبت، رواداريءَ ۽ ڀائيچاري جو مثالي مرڪز رهي آهي. ان ڪري توهان کي تاريخ جي ان سونهري موقعي جو فائدو وٺي هتي جي اصلوڪن رهاڪن سان کير کنڊ ٿي، هتي جو حصو ٿي وڃڻ گهرجي.
آءٌ هن موقعي تي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي چوڻ چاهيان ٿو ته وڏي ماڻهپي، ليڊري، خسيس مفاد پرستيءَ ۾ گروهه بازيءَ کان بالاتر ٿي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آزاديءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي “ذرو” بنائي ڇڏيو. اسان جي قوم تحريڪ جون روايتون صوفيانه رهيون آهن. اسان وٽ تاج، تخت، لشڪر، سپاهه دولت، دٻدٻي، نمائش ۽ ڏيکاءَ جي حيثيت ذري برابر به نه رهي آهي.
آئون هن وقت عمر جي اهڙيءَ منزل تي آهيان جو ان کي چراغ سحري چئي سگهجي ٿو. پوءِ به مون نه همت هاري آهي، نه منهنجي ارادي ۾ ڪا ڪمي آئي آهي ۽ نه ئي مون اميد جو دامن هٿ مان ڇڏيو آهي. منهنجي جدوجھد ته جنمن جي جدوجھد آهي. جنمن تائين جاري رهندي ۽ مون کي اسان جي هڪ قومي ڪارڪن جو هيءُ شعر ڏاڍو اتساهه ڏياريندو آهي ته:

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.
ختم اونداهه ٿي ويندي، چنيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
(جمن دربدر)

آئون هڪ ڀيرو وري اوهان جو ٿورو مڃان ٿو ۽ سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي دعا ڪريان ٿو.
غلام مرتضيٰ سيد

(هي تقرير سائين جي ايم سيد 17-جنوري 1995ع تي پنهنجي 92 هين سالگره جي موقعي تي سن ۾ ڪئي. جيڪا سندس زندگيءَ جي آخري تقرير ثابت ٿي.)

(اقتباس : الوداعي تقرير - پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون) )

جيو, جنگ ۽ اي آر وائي کي بنا تصديق جي غني امان ۽ سرمد کي دھشتگرد چوڻ جو ليگل نوٽيس جار.
05/11/2025

جيو, جنگ ۽ اي آر وائي کي بنا تصديق جي غني امان ۽ سرمد کي دھشتگرد چوڻ جو ليگل نوٽيس جار.

شاھ لطيف جي پارکو ۽ قومپرست شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو کي آزاد ڪيو
30/10/2025

شاھ لطيف جي پارکو ۽ قومپرست شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو کي آزاد ڪيو

30/09/2025

استادن جو احترام ڪندي ٽرمپ شريف آمريڪي وائٽ هائوس ڇڏي استادن جي احتجاج ۾ شريڪ. مراد شاه کي اڃان ڪوبه احتجاج نظر نہ آيو ☺️😊

جيڪا ڀلا سنگت جي صلاح
22/09/2025

جيڪا ڀلا سنگت جي صلاح

ھڪ ھمراھ ٻي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو سڀ معاملا طئي ڪري ڇڏيائين جمعي واري ڏينهن نڪاح جو پروگرام مقرر ڪري۔ گھر موٽي آيوھ...
19/09/2025

ھڪ ھمراھ ٻي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو سڀ معاملا طئي ڪري ڇڏيائين جمعي واري ڏينهن نڪاح جو پروگرام مقرر ڪري۔ گھر موٽي آيو
ھوڏانھن ڪنهن ظالم سندس پھرين گھر واري کي سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو ھو

جمعي واري رات ھن کي پنهنجي گھر واري جو موڊ مختلف ۽ ڪاوڙ ۾ نظر آيس تنهن ڪري پاسو ورائي سمھي پيو
اڳئين صبح جو ٿوري دير تائين ستل ھو جيئن ئي اک کليس تـ بنا چپل جي گنگنائيندو باٿ روم ڏي ھليو ويو

وھنجي ٻاھر نڪتو تـ وري به گنگنائيندي وارن کي ڦڻي ڏيڻ لڳو تـ پويان گھر واري پڇيس ته ڪيڏانهن جي تياري ڪئي اٿئي؟
مڙس چيس ظاھر آهي جمعي جو ڏينهن آهي مسجد نماز پڙھڻ ويندس
زال چيس توکي ننڊ جون گوريون ڏنيون ھئم تون 2 ڏينھن لاڳيتو ستل ھئين اڄ آچر جو ڏينهن آهي
آئندا اھڙو سوچيئي تـ قيامت واري ڏينهن ننڊ مان اٿندين 😁😁

30/08/2025

ٺري ميرواه هڪ ملي سان مسجد جي اندر شاگردن زوري زنا ڪري ڇڏي افسوس وڊيو وائرل ڪري ڇڏيو

سنگت هي سڪو ڪيئن ٿو لڳي..
28/08/2025

سنگت هي سڪو ڪيئن ٿو لڳي..

06/08/2025

الا الا😭💔او ابا منهنجي سڪيلڌي پُٽ کي ماريو ويو آهي.پيرسن عورت جي پٽ ابراهيم مغيري کي تعلقي ٿاڻي لاڙڪاڻي جي حد ۾ زمين جي معاملي تان قتل ڪيو ويو، پيرسن عورت جون اُڀ ڏاريندڙ دانهون..!

04/08/2025

سکر جي ڪچي ۾ پوليس جي ڊرون جي ڪڍ ڪچي وارن جي وٺ وٺان

Address

Village Haji Muhammad Luqman Shar
Thari
66150

Telephone

+923043350962

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Safeer Hussain Shar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Safeer Hussain Shar:

Share