Malmari Adabi Forum

Malmari Adabi Forum This is the only forum of the intellectuals of Malmari who're publishing papers & books on history.

مالماڙي ادبي فورم جي باني محمد الياس ”همغم“ جوکيو سان ننگر ادبي گھر ٺٽو پاران 2016ع ۾ رھچايل رھاڻ جو ذڪرفورم جي باني ٺٽي...
14/07/2026

مالماڙي ادبي فورم جي باني محمد الياس ”همغم“ جوکيو سان ننگر ادبي گھر ٺٽو پاران 2016ع ۾ رھچايل رھاڻ جو ذڪر
فورم جي باني ٺٽي جي جھوني استاد اديب سائين محمد الياس همغم جوکيو جون ادبي خدمتون تاريخ ۾ سنھري لفظن سان لکڻ جوڳيون آھن. گذريل 70 سالن کان سندس جيڪي مختلف ڪتاب شايع ٿيا آھن، اھي سنڌي ادب جي تاريخ، ٻارن جي ادب، ادبي ڪالمن، مختصر مضمونن ۽ شاعري جي ميدان ۾ ڪنھن بي مثال شاھڪار کان گھٽ بنھه ناھن. ان کان سواءِ سندس تخليقي ذهن ۽ قلم سان لکيل 500 کان وڌيڪ ادبي مقالا ۽ ليک مختلف معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آھن.
ان سلسلي ۾ ننگر ادبي گھر ٺٽو طرفان 30 جولاءِ 2016ع تي مڪلي جئمخاني، مڪلي ضلعي ٺٽي سنڌ ۾ سندس اعزاز ۾ هڪ شاندار رھاڻ جو اهتمام ڪيو ويو. ان تقريب جي صدارت نامور مؤرخن ۽ شاعرن ڪئي ۽ ضلعي ٺٽي جي ھن نامور ليکڪ کي شاندار مان ڏنو. جنھن جون خبرون مختلف معتبر اخبارن ۽ رسالن ۾ به شايع ٿيون.
محترم سائين عبدالحميد مھراڻوي جا لک قرب ٿورا💓💓💓

27/12/2025
27/12/2025

Address

Thatta

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Malmari Adabi Forum posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share