Sindhi Channel

Sindhi Channel Welcome to Sindhi Channel, Please subscribe our youtube channel https://youtube.com/

09/10/2025
ڌرتيءَ جي ڌيءَ ۽ ڦري ويل ٻڪريهڪ هٿ ۾ ڪڪڙ، ٻئي هٿ ۾ لٺ، مٿي تي ٻه فُٽ جو ڦاٽل پيلو رئو، ڪنڌ ۾ ڪنڊڙو، ۽ اکين ۾ بي وسيءَ جو...
09/10/2025

ڌرتيءَ جي ڌيءَ ۽ ڦري ويل ٻڪري

هڪ هٿ ۾ ڪڪڙ، ٻئي هٿ ۾ لٺ، مٿي تي ٻه فُٽ جو ڦاٽل پيلو رئو، ڪنڌ ۾ ڪنڊڙو، ۽ اکين ۾ بي وسيءَ جو بار — ٻنيءَ ۾ بيٺل هي ڌنار ڇوڪري ميهڙ جي ڌرتيءَ جي آهي۔

ڪالهه هن جي اکين آڏو ئي چورن سندس هڪڙي ٻڪري ڦري کڻي وئي۔ ٻڪري ڇا وئي، ڄڻ سندس سيني مان دل هلي ويئي۔ اکين مان ڳوڙها ٽپا ڏيئي وهي پيا، پر دانهن ڏيڻ لاءِ ڪو نه هو، ٻڌڻ وارو ڪو نه۔

هن جي هٿ ۾ لٺ ۽ ڪڪڙ بدران قلم ۽ ڪتاب هجڻ گهرجن ها، پر نصيبن کيس اهو به نه ڏنو، ۽ هاڻي ٻڪري به هتان کسي وئي۔ هي ماڻهو ڪيڏا بي رحم ٿي ويا آهن، جن وٽ نه رحم رهيو، نه احساس۔

هي معصوم ڇوڪري نه ٿاڻي تي دانهن ڏيڻ جيترا پئسا رکي ٿي، نه پريس ڪانفرنس ڪرڻ جيترو وس۔ هن وٽ صرف ڳوڙها آهن، جيڪي سندس ڳلن تي لڙهي، ميلن ڪپڙن ۾ لڪجي وڃن ٿا، ۽ اسين بس ڏسندا رهجي وڃون ٿا۔

هي منظر رڳو ميهڙ جي ڪنهن ٻنيءَ جو نه آهي — هي ته سڄي سنڌ، سڄي ڌرتيءَ جي حقيقت آهي، جتي معصوميت، غربت ۽ بي وسي گڏجي هڪ سوز ڀريو داستان بڻجي چڪا آهن۔

سماج جي بي حسي جو اهو عالم آهي جو چوري ٿيل ٻڪريءَ سان گڏ هن نياڻيءَ جو بچپن، سندس خواب ۽ اميدون به ڦري ويون۔ ۽ رياست، جيڪا تحفظ ڏيڻ لاءِ آهي، اڃا تائين خاموش آهي۔

ڇا اهو وقت نه اچي ويو آهي جو اسين انهن نياڻين لاءِ آواز اٿاريون؟ جن جي هٿن ۾ لٺ جي جاءِ تي قلم هجڻ گهرجي، ۽ جن جي اکين ۾ ڳوڙهن بدران خواب چمڪڻ گهرجن؟

شايد اهو ڏينهن تڏهن ايندو، جڏهن هي ڌرتي پنهنجي هر ڌيءَ کي اهو حق ڏئي سگهندي، جيڪو هن جو آه — تعليم، عزت ۽ تحفظ۔
اُن ڏينهن تائين، هيءَ ڌنار ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي اسان سڀني جي ضمير تي قرض بڻيل رهندي۔

28/09/2025



هڪ تصوير ٻه ڪھاڻيون..ڏيکاريل نوٽيفڪيشن ۾ واضح لکيل آهي ته 31 جولائي کانپوءِ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي %63 جي بجاءِ صرف %15 ...
25/09/2025

هڪ تصوير ٻه ڪھاڻيون..
ڏيکاريل نوٽيفڪيشن ۾ واضح لکيل آهي ته 31 جولائي کانپوءِ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي %63 جي بجاءِ صرف %15 پينشن مراعتون ملنديون جڏهن ته وزيراعلي سنڌ ميٽنگ ۾ بلاول ڀٽو کي ٻڌائي رهيو آهي ته ڪابه ڪٽوتي ڪونه ٿي ٿئي بس ملازم جذبات ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو هڻڻ لاءِ روڊن تي نڪتا آهن..

اڙي جاھل وڏيرا توکي ڪھڙي خبر سنڌ جا شاگرد ڪھڙن  ڏک تڪليفن ۾ بکون ڪاٽي تعليم پراين ٿا پرأڊو گاڏين ۾ چڙھي انھن جي تزليل ٿ...
24/09/2025

اڙي جاھل وڏيرا توکي ڪھڙي خبر سنڌ جا شاگرد ڪھڙن ڏک تڪليفن ۾ بکون ڪاٽي تعليم پراين ٿا پرأڊو گاڏين ۾ چڙھي انھن جي تزليل ٿو ڪرين .باري پتافي خلاف سڄي سنڌ کي سراپا احتجاج ٿيڻ گھرجي وري ڪنھن جاھل وڏيري کي ھمت نه ٿئي مظلوم شاگرد کي چماٽ ھڻڻ جي.

هُن پوتيءَ جي پاندن مانسڀ سڱ سياپا ڇوڙياگهر کان درياھ تائينپيرن جي جُتيءَ سانبيوسيءَ جو پنڌ ڪيائينپوءِ ڌيءَ "ڀليءَ" جونر...
03/07/2025

هُن پوتيءَ جي پاندن مان
سڀ سڱ سياپا ڇوڙيا

گهر کان درياھ تائين
پيرن جي جُتيءَ سان
بيوسيءَ جو پنڌ ڪيائين

پوءِ ڌيءَ "ڀليءَ" جو
نرڙُ چميائين

۽ ڪُمھلِي درياھ ۾ لھِي وئي

چون ٿا
هوءَ ڪنڌيءَ تي
پوتي ۽ ٻہ پادر ڇڏيائين

وقت ايندو
انھيءَ پوتيءَ مان
پرچم ٺھندو

۽ پادر
حڪمرانن جي منھن تي لڳندا.

-- علي آڪاش

گدڙ چڙھيا گھوڑي تي, لومڙين لوڏي ٻانهن، بندر بڻيا بادشاھ, قاضي بڻيا ڪانء،ڪنھن کي ڏجي دانھن؟منصف ۽ منافق سڀيئي گڏ ٿيا.
25/05/2025

گدڙ چڙھيا گھوڑي تي, لومڙين لوڏي ٻانهن،
بندر بڻيا بادشاھ, قاضي بڻيا ڪانء،
ڪنھن کي ڏجي دانھن؟
منصف ۽ منافق سڀيئي گڏ ٿيا.

21/12/2024

Adh Qalandar Chokri - Saif Samejo (SLF 2023)

21/12/2024

Musafir Mann - Saif Samejo (SLF 2023)

Address

Makli
Thatta
73130

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Channel posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sindhi Channel:

Share

Who Is A Sindhi ??

By Prof. Dr. Satish Rohra

Sindhis, wherever they are, are Sindhis.

Sindhis, in whichever place they are, are Sindhis.

Sindhis, in whichever country they reside, are Sindhis