14/11/2025
اَلحَمد اللہ
مَخدوم مُعين ٺَٽوي ڊِجيٽل لائبريري پريس ڪلب ٺٽو جي ڪاميابي بَعد پريس ڪلب ٺَٽي ۾ ڊِجيٽل اِسٽوڊيو جو قَيام عَمل ۾ آندو ويو جَنھن ۾ وفاقي حڪومت جي اِطلاعات و نَشريات کاتي جي سَھڪار سان ڊِجيٽل اِسٽوڊيو جي لاءِ اَڪيوئپمينٽس موڪليا ويا ۽ ڊِجيٽل اسٽوڊيو جَديد طرز تي ٺاھيو ويو آھي جنھن ۾ صَحافتي پيشي سان لاڳاپيل ورڪينگ جَرنلسٽ کي فِري لانس تربيت سَميت پنھنجي صَحافتي ڪم ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني فراھم ٿيندي ۽ مُختلف اشوز تي پروگرام پُڻ ڪيا ويندا، مُلڪ جي ۲۲ پريس ڪلبن کي ڊجيٽل اسٽوڊيوز ڏنا ويا آھن جن ۾ پِريس ڪلب ٺَٽو بہ شامل آھي. اُن وَقت جي وَفاقي سيڪريٽري اِطلاعات وَ نَشريات سُھيل خان، ڊاريڪٽر جَنرل اِطلاعات و نَشريات گورنمنٽ آف پاڪستان حافظ مَنظور ميمڻ ۽ شاھرہ شاھد جا مَشڪور آھيون جيڪي ھن تاريخي ۽ قَديمي اِداري جي بَھتري لاءِ سَھڪار ڪرَي رَھيا آھن. ھِن سَڄي عَمل جو ڪِريڊٽ حافظ مَنظور ميمڻ ڏانھن وَڃي ٿو جَنھن پَنھنجي ڪيل واعدي کي عَملي جامو پارايو. اللہ پاڪ جي فَضل و ڪَرم سان ٻين شُعبن تي بہ ڪَم ھَلندڙ آھي جيڪي پائپ لائين ۾ آھن انشاءاللہ تعالي جَلد اُنھن ۾ بہ ڪاميابي ماڻينداسين.