Thatta News

Thatta News واٽس ايپ تي ٺٽه نيوز کي فالوو ڪريو
https://whatsapp.com/channel/0029VaCX5gZ9sBI1U7u7e81W

09/08/2026

1 کان 4 گريڊ جي نوڪرين جو ڪو ميرٽ ناهي هوندو جنهن کي مرضي ڏيو ،صوبائي وزير علي حسن زرداري صاحب جو بيان..

09/08/2026

ٺٽو : پيٽرول مھانگو ٿيڻ خلاف ھمراھ تاج پيٽرول پمپ وٽ نئين موٽر سائيڪل کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو

ملڪ ۾ روز روز تيل اگهن ۾ ڦيرڦار خلاف گڊز ٽرانسپورٽر اتحاد جو 8 آگسٽ کان اڻڄاتل مدي تائين ملڪ گير هڙتال جو اعلان ،اڄ جماع...
03/08/2026

ملڪ ۾ روز روز تيل اگهن ۾ ڦيرڦار خلاف گڊز ٽرانسپورٽر اتحاد جو 8 آگسٽ کان اڻڄاتل مدي تائين ملڪ گير هڙتال جو اعلان ،اڄ جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۾ پيٽرول جي مهانگو ڪرڻ خلاف عورتن جو مارچ

ٺٽو: ڪينجهر ڍنڍ تي جھيڙو، خنجر لڳڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا زخميٺٽو: ڪينجهر ڍنڍ تي سير لاءِ آيل ڪراچي واسين ۽ مقامي ترڪ برادر...
03/08/2026

ٺٽو: ڪينجهر ڍنڍ تي جھيڙو، خنجر لڳڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا زخمي

ٺٽو: ڪينجهر ڍنڍ تي سير لاءِ آيل ڪراچي واسين ۽ مقامي ترڪ برادري جي ڪجهه نوجوانن وچ ۾ مبينا طور تڪرار پيش آيو. ڄاڻ موجب ڪراچي واسين عورتن جي ويجهو اچڻ کان منع ڪرڻ تي ڳالهه وڌي وئي، جيڪا بعد ۾ جھيڙي جي صورت اختيار ڪري وئي ،جھيڙي دوران خنجر لڳڻ سبب نتاشا، محمود ۽ زيشان زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتان طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي

31/07/2026

ایک لیٹر پیٹرول پر 125 روپے ٹیکس! 8500 ارب عوام سے ابتک لیوی کی مد میں وصول ، عوام پھر بھی خاموش

جڏهن سائنسدان پهريون ڀيرو زم زم جي کوهه ۾ لٿاته جيڪو هنن ڏٺو، تنهن کين حيران ۽ خاموش ڪري ڇڏيومڪي شريف جي سخت گرم ريگستان...
31/07/2026

جڏهن سائنسدان پهريون ڀيرو زم زم جي کوهه ۾ لٿاته جيڪو هنن ڏٺو، تنهن کين حيران ۽ خاموش ڪري ڇڏيو

مڪي شريف جي سخت گرم ريگستان ۾، جتي اڄ به گرميءَ جي شدت ساهه کڻڻ ڏکيو بڻائي ڇڏي ٿي، اتي هڪ اهڙو چشمو وهي رهيو آهي، جيڪو صرف چوڏهن نه پر هزارين سالن کان انسانيت جي اڃ اُجهائيندو اچي رهيو آهي ،هي ڪو عام کوهه ناهي ،هي آبِ زم زم آهي ،اهو پاڻي جنهن بابت رسول الله ﷺ فرمايو:"زم زم جو پاڻي جنهن نيت سان پيتو وڃي، اهو ان ئي مقصد لاءِ فائدي وارو ٿئي ٿو." هر سال دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين مسلمان بيت الله پهچن ٿا. هر ٻولي، هر نسل ۽ هر رنگ جا ماڻهو هڪ ئي آرزو سان زم زم جو هڪ ڍڪ پيئن ٿا. ڪو شفا گهري ٿو، ڪو رزق، ڪو اولاد، ڪو مغفرت، ۽ ڪو رڳو الله جي رضا.

پر ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ،آخر هن کوهه جي اندر ڇا آهي؟
چار هزار سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود هن جو پاڻي ڇو نٿو ختم ٿئي؟ هي پاڻي آخر ڪٿان اچي ٿو؟
اهي ئي سوال سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي به حيران ڪندا رهيا.

جڏهن پهريون ڀيرو ڪئميرا زم زم جي اندر لاٿو ويو...

سعودي عرب 1979 ۾ حرمين شريفين جي انتظام هيٺ زم زم جي کوهه جي صفائي ۽ تفصيلي جاچ ڪئي وئي. هن منصوبي جي نگراني مشهور هائيڊرولاجسٽ انجنيئر يحيٰ ڪوشڪ ڪئي.
صدين کان پوءِ پهريون ڀيرو جديد اوزارن ۽ خاص ڪئميرائن جي مدد سان کوهه جي اندروني حصن جو بارڪيءَ سان جائزو ورتو ويو.
ماهر ڄاڻڻ چاهيندا هئا ته هي پاڻي ڪٿان اچي ٿو، کوهه جي تري جي بناوت ڪهڙي آهي، ۽ لڳاتار استعمال باوجود پاڻيءَ جو وهڪرو ڪيئن برقرار رهي ٿو ،جڏهن ڪئميرا آهستي آهستي کوٽائي ۾ لٿو ته سڀني جون نظرون اسڪرين تي ڄمي ويون.
جيڪو منظر سامهون آيو ،سڀ کان پهرين شيءِ جنهن ماهرن کي حيران ڪيو، اها پاڻيءَ جي غيرمعمولي شفافيت هئي ،پاڻي ايترو صاف هو جو کوهه جي تري تائين پٿر ۽ بناوت چٽيءَ طرح نظر اچي رهي هئي ،عام طور صدين پراڻن کوهن ۾ گپ، ڪائي ۽ ٻيون تهون جمع ٿي وينديون آهن، پر زم زم جي اندروني حالت بلڪل مختلف هئي.
تحقيقي ٽيم کوهه جي ڀتين، قدرتي پٿرن ۽ پاڻيءَ جي وهڪري جو تفصيلي مشاهدو ڪيو.
تاريخ به هن کوهه ۾ محفوظ هئي ،صفائي دوران کوهه مان مختلف دورن جون ڪجهه تاريخي شيون به مليون ،انهن ۾ پراڻا ڏول، ڌاتوءَ جا ٿانوَ ۽ سڪا شامل هئا، جيڪي ان ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته صدين کان دنيا جي مختلف ملڪن جا زائر هن ئي کوهه مان پاڻي حاصل ڪندا رهيا آهن ،اهي سڀ شيون ڄڻ تاريخ جا خاموش باب هئا.
آخر پاڻي ڪٿان اچي ٿو؟ تحقيق مان معلوم ٿيو ته زم زم جو پاڻي ڪنهن هڪ چشمي يا سوراخ مان نٿو نڪري. بلڪه قدرتي پٿرن جي ڪيترين ئي ڏارن ۽ زمين هيٺان وهندڙ آبي رستن مان مسلسل کوهه ۾ داخل ٿيندو رهي ٿو ،انهيءَ ڪري لکين ماڻهن جي استعمال باوجود به ان جو وهڪرو جاري رهي ٿو ،هي الله تعاليٰ جي قائم ڪيل قدرتي نظام جو حصو آهي، جنهن کي انسان رڳو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو، پيدا نٿو ڪري سگهي.
جڏهن پمپ هلايا ويا ،جاچ دوران کوهه مان وڏي مقدار ۾ پاڻي پمپ ذريعي ڪڍيو ويو ته جيئن تري جو مڪمل جائزو وٺي سگهجي ، جيئن ئي پاڻي گهٽ ٿيو، مختلف قدرتي ڏارن مان ٻيهر پاڻي وهي اچڻ صاف نظر آيو ،هن مشاهدي مان ظاهر ٿيو ته زم زم هڪ زنده قدرتي آبي نظام سان ڳنڍيل آهي، جيڪو ان کي مسلسل پاڻي فراهم ڪندو رهي ٿو.
پر زم زم جو سڀ کان وڏو معجزو سائنس نه آهي...
زم زم جي اصل عظمت ان جي کوٽائي، بناوت يا وهڪري ۾ ناهي ،ان جي اصل عظمت ان نسبت ۾ آهي جيڪا الله تعاليٰ ان کي عطا فرمائي. هي اهو ئي پاڻي آهي جيڪو ان وقت جاري ٿيو، جڏهن هڪ ماءُ پنهنجي شيرخوار ٻار جي اڃ سبب بيقرار هئي ،حضرت هاجرهؑ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ست ڀيرا ڊوڙيون.نه ڪو کوهه هو...نه ڪا ندي...
نه مينهن...رڳو الله تي مڪمل ڀروسو هو ، پوءِ الله تعاليٰ حضرت جبرائيلؑ کي موڪليو، ۽ الله جي حڪم سان زمين مان اهو پاڻي ڦٽو، جنهن کي اڄ دنيا زم زم جي نالي سان سڃاڻي ٿي ،ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ،لکين نه پر ڪروڙين ماڻهو هن مبارڪ پاڻي مان فيض حاصل ڪري رهيا آهن.ن ،رسول الله ﷺ زم زم بابت ڇا فرمايو؟ رسول الله ﷺ فرمايو:
"زم زم جو پاڻي جنهن نيت سان پيتو وڃي، اهو ان ئي مقصد لاءِ فائدي وارو ٿئي ٿو." هڪ ٻي حديث ۾ پاڻ ﷺ فرمايو: "زمين تي سڀ کان بهترين پاڻي زم زم آهي، ان ۾ غذا به آهي ۽ شفا به."
تنهنڪري هر مسلمان جڏهن زم زم پيئي ٿو ته هو صرف پاڻي نٿو پيئي ،هو اميد پيئي ٿو...رحمت پيئي ٿو... دعا پيئي ٿو ۽ الله تي پنهنجو يقين تازو ڪري ٿو ،زم زم اسان کي ڇا سيکاري ٿو؟ جڏهن دنيا جا سڀ رستا بند ٿي وڃن ،جڏهن هر در بند نظر اچي جڏهن انسان پاڻ کي بي وس سمجهي...
تڏهن به الله جي رحمت جا دروازا بند ناهن ٿيندا.
حضرت هاجرهؑ ڪوشش ڪئي ۽ الله تعاليٰ معجزو عطا فرمايو ، اهو ئي زم زم جو سڀ کان وڏو پيغام آهي ،يا الله! اي الله! جيئن تو حضرت هاجرهؑ لاءِ ناممڪن کي ممڪن بڻايو، تيئن اسان جي زندگين جون سڀ مشڪلاتون به آسان فرماءِ ، اسان کي بار بار بيت الله جي حاضري نصيب فرماءِ.
آبِ زم زم نصيب فرماءِ ،اسان جون دعائون قبول فرماءِ، اسان جا گناهه معاف فرماءِ، اسان جي والدين تي پنهنجي بي شمار رحمتون نازل فرماءِ، ۽ اسان کي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي عطا فرماءِ

ٻارن جو پائوڊر ٺاھيندڙ جانسن اينڊ جانسن ڪمپني خلاف 69 هزار ڪيس، ڪمپني 5.5 ارب ڊالر ادا ڪرڻ تي راضي ٿي وئي ، ڪمپني تي ھزا...
28/07/2026

ٻارن جو پائوڊر ٺاھيندڙ جانسن اينڊ جانسن ڪمپني خلاف 69 هزار ڪيس، ڪمپني 5.5 ارب ڊالر ادا ڪرڻ تي راضي ٿي وئي ، ڪمپني تي ھزارين عورتن الزام ھنيو تہ پائوڊر استعمال ڪرڻ سان کين ڪينسر جو مرض مبتلا ٿيو آھي

پنجاب مان 45 لک ۽ سنڌ مان 6 لک ٽن ڪڻڪ غائب ٿيڻ جو انڪشافاسلام آباد: ملڪ ۾ ڪڻڪ جي اسٽاڪ بابت حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيو...
28/07/2026

پنجاب مان 45 لک ۽ سنڌ مان 6 لک ٽن ڪڻڪ غائب ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪڻڪ جي اسٽاڪ بابت حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيو آهي، جنهن موجب پنجاب مان 45 لک ٽن ۽ سنڌ مان 6 لک ٽن ڪڻڪ غائب هجڻ جي رپورٽ سامهون آئي آهي. لاڳاپيل اختيارين معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ٺٽو: 2 آگسٽ تائين ڳوٺ عارب سولنگي ۾ پوليس گردي سميت ملوث روينيو آفيسرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، صوبائي وزير علي حسن ز...
25/07/2026

ٺٽو: 2 آگسٽ تائين ڳوٺ عارب سولنگي ۾ پوليس گردي سميت ملوث روينيو آفيسرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، صوبائي وزير علي حسن زرداري

25/07/2026

ٺٽو: پ پ جو صوبائي اڳواڻ سابق ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ڳوٺ عارب سولنگي تي ٿيل پوليس گردي جي مذمت ڪندي، پوليس جي گردي وڌندڙ واقعن کي چونڊيل نمائندن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

Address

Thatta

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Thatta News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share