Thatta News

Thatta News Thatta News Sindhi News Sindhi Media

ٺٽو: ڪيٽي بندر ۽ شاھبندر ۾ ھڪ ارب 35 ڪروڙ جي لاڳت سان مني فش ھاربرز ۽ ٻئي مرحلي ۾ مڪمل بندرگاه قائم ڪئي ويندي : وزيراعلي...
19/10/2025

ٺٽو: ڪيٽي بندر ۽ شاھبندر ۾ ھڪ ارب 35 ڪروڙ جي لاڳت سان مني فش ھاربرز ۽ ٻئي مرحلي ۾ مڪمل بندرگاه قائم ڪئي ويندي : وزيراعلي سيد مراد علي شاھ

ٺٽو: جهرڪ ڀرسان ملاڪاتيار پل تي ٽول ٽيڪس لڳائڻ خلاف احتجاج ،سنڌ جي ناليواري محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي وڏي ڀاءُ رٽائر...
19/10/2025

ٺٽو: جهرڪ ڀرسان ملاڪاتيار پل تي ٽول ٽيڪس لڳائڻ خلاف احتجاج ،سنڌ جي ناليواري محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي وڏي ڀاءُ رٽائرڊ استاد هاشم جماري, سندس ڀاڻج ٺٽي جي لائبريري انچارج عبدالمجيد جماري, جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شورو, سماجي اڳواڻ انور جماري ۽ حاجي محمد خان چانگ خلاف جهرڪ ٿاڻي تي ڦر جو ڪيس داخل

ٺٽي ۾ ٽول ٽيڪس ذريعي عوام کي لٽڻ جو آزار ،ٺٽو: چليا ٽول ٽيڪس کانپوء ٺٽي ۾ جھرڪ مُلاڪاتيار پُل وٽ ٽول ٽيڪس قائم ٿيڻ خلاف ...
14/10/2025

ٺٽي ۾ ٽول ٽيڪس ذريعي عوام کي لٽڻ جو آزار ،
ٺٽو: چليا ٽول ٽيڪس کانپوء ٺٽي ۾ جھرڪ مُلاڪاتيار پُل وٽ ٽول ٽيڪس قائم ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراھ تي ڌرڻو

حيدرآباد: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وڏي ڪرپشن، ايف آءِ اي جو ٽنڊي باگي ۾ ڇاپو، سليڪون تي ٺهيل آڱوٺن جا نشان، 23 لک رپي...
12/10/2025

حيدرآباد: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وڏي ڪرپشن، ايف آءِ اي جو ٽنڊي باگي ۾ ڇاپو، سليڪون تي ٺهيل آڱوٺن جا نشان، 23 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن

12/10/2025

افغانستان جي سرحد پار تي بنا جواز فائرنگ تي پاڪستاني فوج جواب ۾ 19 افغاني چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪري پاڪستاني جهنڊا ڦڙڪائي ڇڏيا

10/10/2025

ٺٽو: صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي جي سالي اظھار شاھ شيرازي تي فائرنگ ڪرڻ ۽ سندس ملازم راول ملاح کي قتل وارو معاملو جي سي سي وي وڊيو

ٺٽو : صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي جي سالي ۽ سئوٽ اظھار شاھ شيرازي تي فائرنگ ڪرڻ ۽ سندس ملازم راول ملاح کي قتل وارو معامل...
10/10/2025

ٺٽو : صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي جي سالي ۽ سئوٽ اظھار شاھ شيرازي تي فائرنگ ڪرڻ ۽ سندس ملازم راول ملاح کي قتل وارو معاملو، پوليس سان جهيڙي، پوليس مُقابلي واري ڪيس ۾ گرفتار ڇهن جوابدارن کي ٺٽي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس 14 ڏينھن جي رمانڊ تي مئجسٽريٽ بدين جيل روانو ڪري ڇڏيو آهي

سنڌ صوبو سچن صحافين لاءِ مقتل گاھ بڻيل ،ميرپور ماٿيلي ۾ صحافي طفيل حيدراڻي هٿياربندن جي حملي ۾ شهيد ،صحافي طفيل حيدراڻي ...
08/10/2025

سنڌ صوبو سچن صحافين لاءِ مقتل گاھ بڻيل ،ميرپور ماٿيلي ۾ صحافي طفيل حيدراڻي هٿياربندن جي حملي ۾ شهيد ،صحافي طفيل حيدراڻي جي صدمي ۾ معصوم ڀائيٽي به فوت ٿي وئي

08/10/2025

ٺٽو : ميرپور ساڪرو ويجهو مهرن واري روڊ تي خوفناڪ حادثو ،ڳوٺ عمر هُليو وٽ تيز رفتار آئل ٽينڪر باگڙي برادري جي شيون کپائيندڙ ٻن عورتن کي چيپاٽي ماري ڇڏيو جڏهن ته ڪجه ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ، آئل ٽينڪر ڪلٽي ڊرائيور فرار ٿي ويو

چين دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ، چين پورو ريلوي اسيشن 1500 مزدورن جي مدد سان صرف 9 ڪلاڪن۾ اڏي ورتو
06/10/2025

چين دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ، چين پورو ريلوي اسيشن 1500 مزدورن جي مدد سان صرف 9 ڪلاڪن۾ اڏي ورتو

پوليو ورڪرز ۽ ويڪسينٽرز اوهانجي ٻارڙن جي صحت جا محافظ انهن کي عزت ۽ مان ڏيوقومن جا وڏا علمي، ادبي ۽ سائنسي ڪارناما تڏهن ...
05/10/2025

پوليو ورڪرز ۽ ويڪسينٽرز اوهانجي ٻارڙن جي صحت جا محافظ انهن کي عزت ۽ مان ڏيو

قومن جا وڏا علمي، ادبي ۽ سائنسي ڪارناما تڏهن ئي ممڪن ٿين ٿا، جڏهن انهن جا ٻار صحتمند هجن، ڇو⁠ته صحتمند نسل ئي ايندڙ دؤر جي روشن مستقبل جو ضامن آهي. ٻارن جي حفاظت لاءِ جيڪي ڪردار ڏينهن رات بي لوث محنت ڪن ٿا، سي نه ڪنھن اسٽيج تي تقرير ڪندڙ سياستدان آهن، نه وڏين آرامده ڪرسين تي ويٺل آفيسر, جيڪي شھرن، ڳوٺن جي ڊگھن رستن، ٿڌ توڙي گرمي ۾ گهٽين، اسڪولن ۽ ڪميونٽي سينٽرن جي ننڍين ڪنڊن ۾ پنهنجو پگھر وهائي پورهيو ڪن ٿا، سي قومي ھيرو ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ويڪسينٽرز آھن ، بگ ڪيچپ ، ميزلس مهم هجي يا ايڇ پي وي ويڪسين مهم هجي يا پوليو مهم، يا وري ٻارڙن جي صحت لاءِ ڪا ٻي قومي جدوجهد، ھن طبقي جون قربانيون ۽ ڪوششون هر دفعي نمايان نظر اچن ٿيون، ليڊي هيلٿ ورڪرز يا ويڪسينٽرز ئي آھن جيڪي ڪٺن مشڪلاتن باوجود پنهنجي فرض کان پوئتي ناھن هٽندا. ليڊي هيلٿ ورڪر ماءُ جي حمل کان وٺي ٻار جي پنجن سالن تائين هر قدم تي حفاظتي ذميواري نڀائيندي آهي، جڏهن ته ويڪسينٽر روزانو سوين ٻارن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ويڪسين فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.ھي اهي بي آواز سپاهي آهن، جيڪي نه صرف عورتن يا ٻارن کي محفوظ ڪن ٿا، پر پوري قوم جي صحتمند مستقبل کي يقيني بڻائين ٿا.
ليڊي هيلٿ ورڪرز صبح سوير هٿ ۾ ڪاپي، عورتن ۽ ٻچڙن جا نالا ۽ دل ۾ قومي ذميواري جو احساس سانڍي عورت ۽ ٻار جي صحت جي ضامن بڻجي حفاظت جي جنگ ۾ سڀ کان اڳيان مورچي تي بيٺل هوندي آهي.
پر الميو اهو آهي ته جيڪي ٻارڙن جي صحت جا ضامن آهن، سي پاڻ ڪنهن به قسم جي ضمانت کان محروم آهن. نه سندن لاءِ سفر جي سهولت آهي، نه ئي تحفظ جو پڪو بندوبست، نه عزت افزائي ،ڪيترائي ڀيرا کين تکا کٽا لفظ ٻڌڻا پوندا آهن، ڪڏهن دروازي کان ئي واپس موٽڻو پوي ٿو،
اڪثر ليڊي هيلٿ ورڪر جڏھن گهر گهر وڃي ٿي ته سندس ڀاءُ، پٽ يا ڪو ٻيو خاندان جو مرد ساڻس گڏ هوندو آهي،رڳو ان لاءِ ته هوءَ محفوظ رهي.پر جنھن وٽ ڪو مرد موجود نه ھجي جو پاڻ ئي سڀني مسئلن کي منھن ڏيئي گھر جو چلھو ٻارڻ جي ڪوششن ن رڌل رھندي آھي،ايئن ئي ويڪسينٽرز جي منهن تي بہ هڪ ئي ڳڻتي هوندي آهي ته “اسان ماڻهن جي حفاظت لاءِ ته قربانيون ڏيون ٿا، پر ماڻهو اسان کي موٽ ۾ ڇا ڏين ٿا؟”
ويڪسينٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز جا مسئلا رڳو سهولتن جي کوٽ تائين محدود ناهن، پر ماڻهن جي روين ۾ به وڏو امتحان لڪل آهي ، ڪڏهن ڪنهن دروازي تي دستڪ ڏين ٿا، ته سامهون کان ٿڌو چهرو يا تکو لفظ ملندو آهي ،جڏهن ڪنهن گھٽي يا محلي مان لنگهن ته رستن ۾ بيٺل ڪتا ھنن لاءِ خطرو بڻجي پون ٿا. ڪيترائي ورڪر ڪتن جي چڪ پائڻ سبب زخمي ٿيندا رھندا آھن.ماڻھو بي يقينيءَ سان چوندا آھن ته اسان کي ويڪسين جي ضرورت ئي ناهي، اھڙا رويا، تمسخر، ۽ بي عزتي ڪندڙ لفظ سندن حوصلو پڻ ٽوڙيو ڇڏين ٿا.
پر ھاڻي حڪومت ۽ سماج ٻنهي لاءِ سوچڻ جو وقت آهي ته ڇا اسان صرف ويڪسينيشن جا فائدا وٺي انهن هٿن کي نظرانداز ڪندا رهنداسين جيڪي اسان جي ٻارن جي صحت جا محافظ آھن؟
ڇا اسان جو ڪم رڳو تکا لفظ چوڻ آهي، يا احترام ڪرڻ به اسان جو فرض و ذميواري آهي؟
پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 125,000 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪم ڪن ٿيون.
هر ورڪر اوسطاً 100 گهرن (800–1000 ماڻهن) جي ذميواري سنڀاليندي آهي.
اهي ملڪ جي لڳ ڀڳ 60% آبادي تائين بنيادي صحت جون سهولتون پهچائن ٿيون.
شهري علائقن ۾ انهن جو ڪردار نسبتاً گهٽ آهي، پر ڳوٺاڻن ۽ پسمانده علائقن ۾ انهن جي موجودگي ئي بنيادي صحت جو وڏو ذريعو آهي.
جڏھن ته تقريباً 14,000 کان وڌيڪ ويڪسينٽرز سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ ڪم ڪن ٿا.
هر ويڪسينٽر وٽ روزانو 50–200 ٻارن تائين ويڪسين ڏيڻ جي ذميواري هوندي آهي.
پوليو مهمن ۾ هڪ مهم دوران لڳ ڀڳ 300,000 ورڪرز ۽ ويڪسينٽرز ميدان ۾ نڪرن ٿا.
ايڇ پي وي ويڪسين مهم ۾ به هزارين ويڪسينٽرز اسڪولن ۽ ڪميونٽي سينٽرن ۾ مقرر ٿيا آھن.
هڪ سروي مطابق لڳ ڀڳ 70% ليڊي هيلٿ ورڪرز پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿيون جڏهن هوءَ گهر گهر وڃي ڪم ڪن ٿيون.
مختلف رپورٽن موجب، گذريل ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ 90 کان وڌيڪ هيلٿ ورڪرز ۽ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن (خاص طور تي پوليو مهمن دوران).
اسان جا ٻار صحتمند آهن ته قوم جو مستقبل محفوظ آهي. پر ان مستقبل جي حفاظت ڪندڙ بي آواز سپاهي ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ويڪسينٽرز پاڻ هر روز خطري ۾ جيئندا آهن. رستن جا خطرا توڙي خدشا، ماڻهن جا تکا رويا، ٽرانسپورٽ جي کوٽ، ۽ سيڪيورٽيءَ جي غير يقيني جھڙي سنگين صورتحال سندن روزمره جي ساٿين وانگر بڻجي ويون آهن.
اهي ماڻهو قومي سلامتي جا بي آواز سپاهي آهن، ۽ انهن جي مشڪلاتن جو حل ئي اسان جي ايندڙ نسلن جي صحت جي ضمانت آهي.
جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته پوليو، ايڇ پي وي يا ٻارڙن جي صحت بابت ڪا به مهم ڪامياب ٿئي، ته پوءِ انهن ورڪرز جي مسئلن جو حل عملي طور ڳولڻو پوندو.
هر ورڪر کي محفوظ رکڻ رياست جي ذميواري آهي. حڪومت کي لازمي طور تي ليڊي هيلٿ ورڪرز لاءِ انشورنس پاليسي جاري ڪرڻ گهرجي، جيئن ڪنهن حادثي يا حملي جي صورت ۾ سندن خاندان لاءِ مالي تحفظ موجود هجي. ساڳئي وقت، هر مهم دوران ورڪرز سان گڏ سيڪيورٽي گارڊ يا پوليس اهلڪار هجڻ لازمي هجي.
جيڪي ورڪرز ڳوٺن ۾ پيادل هلن ٿيون، انهن لاءِ اسڪوٽي ٻي يا سرڪاري گاڏيون مهيا ڪيون وڃن. ويڪسينٽرز لاءِ جديد فرج، بجليءَ جو متبادل بندوبست ۽ ويڪسين جي اسٽوريج جون عالمي معيار جون سهولتون ڏيڻ ضروري آهي.
انهن ورڪرز کي نه رڳو پگھارون وقت سر ملڻ گھرجن پر مهمن دوران کين الاؤنس، اوور ٽائيم ۽ بونس ڏيڻ جو باقاعده نظام ٺاهيو وڃي. جيڪڏهن هڪ ورڪر روزانو سوين ٻارن کي بيمارين کان بچائي ٿي، ته پوءِ سندس محنت جو قدر به مالي عزت سان ٿيڻ گهرجي.
سڀ کان وڏو امتحان ماڻهن جا منفي رويا آهن. حڪومت کي ڪميونٽي ليول تي آگاهي مهمون هلائڻ گهرجن، جتي استادن، مذهبي اڳواڻن ۽ سماجي اڳواڻن جي مدد سان ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته ورڪرز اسان جي دشمن ناهن، پر اسان جي ٻارن جي حفاظت لاءِ ڪم ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو ورڪرز سان بدتميزي ڪن يا مهم ۾ رڪاوٽ وجهن، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
اهي عورتون ۽ نوجوان جيڪي ڏينهن رات محنت ڪن ٿا، انهن لاءِ رڳو پگھار ڪافي ناهي. کين اعزاز، ايوارڊ ۽ عزت افزائيءَ جا موقعا ڏنا وڃن. ڪنهن ضلعي ۾ ڪامياب مهم هلائڻ کان پوءِ ورڪرز کي عوامي سطح تي سڃاڻپ ڏني وڃي. حوصلا افزائي ئي سڀ کان وڏو حوصلو آهي.
جيستائين ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ويڪسينٽرز محفوظ، مطمئن ۽ عزت يافته نه ٿيندا، تيستائين سڀ قومي صحت جون مهمون اڻپوريون رهنديون. اهي بي آواز سپاهي، جيڪي هر گهر، هر رستي، ۽ هر اسڪول ۾ ٻارن جي زندگيءَ جي حفاظت لاءِ بي لوث محنت ڪن ٿا، اسان جو قومي سرمايو آهن. جيئن اهي اسان جي ٻارن کي بيمارين کان محفوظ ڪن ٿا، تيئن اسان جو فرض آهي ته سندن زندگيءَ، عزت ۽ روزگار کي مڪمل تحفظ ۽ سهولت فراهم ڪريون.
اهي رڳو نوڪري نٿا ڪن پر اهي نسلن جي مستقبل جا نگهبان آهن، جن جي خوشحالي ۽ سلامتيءَ سان ئي قوم جو صحتمند مستقبل جڙيل آهي. جڏهن اهي محفوظ، خوش ۽ عزت يافته هوندا، تڏهن ئي اسان جا ٻار صحتمند ٿي سگهندا، ۽ جڏهن ٻار صحتمند ٿيندا، تڏهن ئي قوم جو مستقبل روشن، مضبوط ۽ بااختيار بڻجندو.
اسان جو فرض آهي ته انهن بي آواز سپاهين جي قربانيءَ کي نظرانداز نه ڪريون، پر انهن لاءِ سيڪيورٽي، مالي تحفظ، ٽرانسپورٽ جون سهولتون، اعزاز ۽ حوصلا افزائي فراهم ڪريون، جيئن اهي بي خوف ۽ پرعزم طريقي سان پنهنجو فرض نڀائي سگهن. ڇو⁠ته جن ماڻهن اسان جي ايندڙ نسل جي حفاظت ڪئي، انهن جي تحفظ کانسواءِ ٻارن جي حفاظت جو خواب اڌورو رهجي ويندو.

ٺٽو: درگاه گودڙ پير تي قدرتي چشمي مان پاڻي نڪري ٿو جيڪو درگاه تي موجود پرائيويٽ ماڻهون زائرين کي في 50/100 روپيه بالٽي ف...
05/10/2025

ٺٽو: درگاه گودڙ پير تي قدرتي چشمي مان پاڻي نڪري ٿو جيڪو درگاه تي موجود پرائيويٽ ماڻهون زائرين کي في 50/100 روپيه بالٽي فروخت ڪن ٿا ڇا پاڻي فروخت ڪرڻ جي انهن خدمت گارن کي ڪنهن طرفان ڪا اجازت مليل آهي ڊي سي ٺٽو ايس ايس پي ٺٽو محڪمه آثاره قديمه جي اختيارين کي گذارش ته فوري طور درگاه تي موجود پرائيويٽ ماڻهن خلاف سخت قانوني قدم کنيا وڃن جيڪي زائرين کي ڦري رهيا آهن

Address

Thatta

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Thatta News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share