03/01/2021
نئون سال (نظم)
نئون سال آيو نئون نينهن لايون....................................
نوان جوش جذبا ۽ منزل آ ساڳي
اسان جي وطن ۾ ٿي ڏسجي سجاڳي
وئي رات گذري اٿيا جوان جاڳي
صبح ڄاڻ آيو ۽ ساعت سڀاڳي
اچو پاڻ گڏجي نئون سج اڀاريون
نئون سال آيو نئون نينهن لايون..................................
نئين سال ساٿي سند يسو سڻايو
دغا، ظلم، زوري ملي سڀ مٽايون
ڪري منٿ ميڙيون رٺل کي ريجھايون
چڱن ساڻ گڏجي برن کي ڀڄايون
ڀلي پوءِ خادم خلق جا چوايون
نئون سال آيو نئون نينهن لايون..........................................
اميدن سندي سج اجھو منهن ڪڍيو آ
اسان جي تنوارن ئي تنهن کي سڏيو آ
نئون صبح آيو ۽ اونده لڏيو آ
۽ ظلمت جو پردو اچي تنهن وڍيو آ
سڄاڳي جا گڏجي اچو گيت ڳايون
نئون سال آيو نئون نينهن لايون............................................
نوان خيال آهن ۽ جذبا نرالا
ادب کي وڌايون سينگاريون سنواريون
ته گلشن ادب ۾ اچن ڪي بهاريون
ڪري علم حاصل نئون روپ ڌاريون
سنيها سجاڳي جا هرجا رسايون
نئون سال آيو نئون نينهن لايون.........................................
نئون سال سائين اسان لاءِ آيو
پري ناه منزل قدم کي وڌايو
ڪريو ماڳ پهچڻ جي ساٿي ڪو سعيو
گلي سان ملو ۽ دلين کي ملايو
ڏسون جو اداسي تنهن کي کلايون
نئون سال آيو نئون نينهن لايون
الهورايو بهڻ اداسي