16/02/2024
عمرڪوٽ/ صوفي فقير ڪيٽل فارم ۽ ٿري تجرباتي ڪيٽل فارم نبر سر تباھي جي ور چڙھيل.!!
ڪيٽل فارم صوفي فقير تي احمد علي سنگراسي، محبوب منڱريو پاران فارم جي سئو ايڪڙ زرعي زمين تي ٻڪرين لاءَ گاھ پوکڻ بدران غيرقانوني طور 10 ايڪڙن اسپنگر، 13 ايڪڙن ڪڻڪ ۽ 17 ايڪڙن تي توريو پوکيو آھي، جڏھن تہ گاھ صرف 3 ايڪڙن تي پوکيو آھي ڪيو ڪولھي برادري جي ماڻھن کي پئسن عيوض وڪرو ڪيو ويو آھي، ٻئي پاسي صوفي ڪيٽل فارم جون 50 کان 60 ٻڪريون جيڪي ٿر تجرباتي ڪيٽل فارم نبي سر روڊ واري فارم تي موڪلي ڇڏيون آھن، ذريعن ٻڌايو تہ غيرقانوني فصل ھر سال پوکيو ويندو آھي جيڪا رقم احمد سنگراسي مٿي عملدارن تائين ايمانداري سان پھچائيندو آھي،
ساڳيو حال وري نبي سر روڊ جي ڪيٽل فارم جو آھي جتي ٿري نسل جي ڍڳين جي نسل کي بچائڻ جو ڪم ٿئي ٿو، جتي ٽن حصن ۾ زمين ورھايل آھي مين شاليوا 12 سئو 23 ايڪڙ، 2 راڄاري 1 ھزار 70 ايڪڙ زمين، 3 راڻاوا 19 سئو 66 ايڪڙ زمين آھي جنھن تي غيرقانوني طور توريو، ڪڻڪ،وڏف ۽ اسپنگر پوکيل آھي جيڪا سپريڊنٽ نور الدين ميمڻ صاحب، ڊيري سيڪشن انچارج انيل ميگھواڙ، اسٽور انچارج اڪبر چانڊيو، اڪائونٽنٽ حفيظ گشڪوري سميت اعليٰ عملدارن جي آشيرواڌ سان زمين جو پوکيل فصل ڪٽي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندا آھن جڏھن گڻيش ڪمار پڻ انھي فارم ڪافي رقم ھڙپ ڪري چڪو آھي، فارم تي 214 ڍڳيون ڏٺيون جن جي حالت رحم جوڳي آھي. فارم جا ٽريڪٽر ۽ ھڪ گاڏي تباھ ٿريشر تباھ لکن جا جنريٽر تباھ ٿي چڪا ساليانہ ڪروڙن ج بجيٽ باوجود فارم جي مرمت نہ ٿيڻ ڪري حالت خراب
15 کن آئوٽ ڊسٽرڪٽ ملازم ويزا تي ويل انھن جي جاءِتي ڇاڙتا مقرر ڪيل آھن، فصل تيار ٿي ويو ڪٽائي شروع ٿي چڪي آھي،
ڪٿي آھي صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ؟
ڪٿي آھي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ؟
ڪٿي آھي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ نوبت خان کوسو ڇا انھن کي ايڏي وڏي تباھي ۽ غيرقانوني طور پوکيل فصل نظر نٿو اچي يا سموري چين ڪم ڪري ٿي ۽ حصو پتي پھچي ٿي وڃي انھي سوال جو جواب انتظاميا کي ڏيڻ کپي.!!