Hum SALU Waly

  • Home
  • Hum SALU Waly

Hum SALU Waly Hum SALU Waly
(1)

12/07/2025

انسان تنہائی کا شکار اس لیے ہے کہ اُسے سب سمجھانے والے ملتے ہیں سمجھنے والا کوئی نہیں ملتا.
➖ فیوڈور دوستوفسکی

12/07/2025

دل... هڪ اهڙو لفظ، جيڪو فقط ٽن اکرن تي مشتمل آهي، پر ان جي اندر سمائجي ويل جذبات، احساس، خواهشون، يادون، خواب، ۽ درد هزارين نه، پر لکين به ٿي سگهن ٿا. ڪڏهن دل خاموش هوندي آهي، پر اندر ئي اندر طوفان برپا ٿيندو آهي. اکيون مسڪائينديون آهن، پر اندر جو جهان ڀڳو ڀڳو ٿيندو آهي. انسان ٻين کي ظاهر سان خوش ڏسندو آهي، پر اصل حقيقت دل جي انهن هزار ڳالهين ۾ لڪيل هوندي آهي، جيڪي ڪنهن سان به ونڊڻ جي همت نه ٿيندي آهي.اهي ڳالهيون ڪڏهن ڪنهن جي ياد ۾ ٿين ٿيون، ڪڏهن بي وفائيءَ جو درد ٿين ٿيون، ته ڪڏهن اڻپوري محبت جو حصو. ڪڏهن اهڙا راز، جيڪي زباني نٿا چئي سگهجن، فقط دل ۾ ئي دفن رهن ٿا. ھر انسان جي دل وٽ پنهنجي هڪ دنيا هوندي آهي، جنهن ۾ هو پنهنجا خواب پالي ٿو، اميدن جا گل وکري ٿو، ۽ دردن جا ڪنڊا به پنهنجي ئي هٿن سان چُنبهي ٿو. محبت، غم، خوشي، مايوسي، سڀ دل جون ئي ته ڳالهيون آهن. پر هر ڳالهه لفظن ۾ آڻي نٿي سگهجي. دل جي ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ دل گهرجي، لفظ نه.سچ ته هيءَ دل، ڪنهن ڪتاب جيان آهي، جنهن جا صفحا اڻ پڙهيل، تحريرون اڻ لکيل، ۽ باب اڻ کليل آهن. هن دل جي ڪهاڻيءَ کي مختصر نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته واقعي "ٻه ٽي ته ناهن، هزار ڳالهيون آهن

12/07/2025

ڪامريڊياڻي جو قصو – قسط 01

هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ محفل پروگرام رکيو ويو، جنهن ۾ شفي فقير، نزاڪت فقير ۽ ٻيا ڪجھ صوفي فنڪار شريڪ هئا. انٽرٽينمينٽ لاءِ ڪجھ مزاحيه فنڪار به گهرايا ويا هئا.

منهنجي ڪجه دوستن کي به انهيءَ محفل جي دعوت هئي، تنهنڪري شام جو ساگر مون کي فون ڪري چيو:
"يار، اڄ شام جو يونيورسٽيءَ ۾ پروگرام رکيل آهي، هل ته گڏجي هلون."
مون پڇيو: "ڪهڙا فنڪار آهن؟"
چيائين: "صوفي راڳي آهن."
مون کلندي چيو: "نه يار، مان نه ايندس. جيڪڏهن منهنجو يار عمراڻي هجي ها ته پڪ سان هلان ها. تون ته ڄاڻين ٿو، صوفي فنڪارن سان منھنجي نٿي لڳي، ان ڪري مان نٿو اچان. توهان وڃو."

ساگر چيو: "ڪڏهن يونيورسٽيءَ جي پروگرامن ۾ ويو آهين؟"
مون چيو: "نه يار، ڪڏهن به نه، ۽ نه ئي ويندس."
ساگر چيو: "ڇڏ ضد کي، ضرور هلنداسين. مونکي خاص دعوت مليل آهي."
مون چيو: "اهو ته تمام سٺو، پر اها ته دعوت توکي آهي نه؟"
چيائين: "ها، پر مان ته توکي به گڏ وٺي هلڻ ٿو چاهيان."
مون چيو: "چلو سائين، تنهنجي دعوت اکين تي، پر يار ٿوري دير ويهي پوءِ نڪري اينداسين؟"
چيائين: "ها، جلدي اينداسين."

رات جو هوٽل تي ماني کاڌي سون، پوءِ نڪتاسين. پروگرام رات جو نائين وڳي کان پوءِ شروع ٿيڻ وارو هو. جڏهن نَو لڳڻ لڳا ته اسين به وڃي پهتاسين. ڏسون ته ماحول ڏاڍو بهترين، رش جام هئي. ڇوڪريون ڇوڪرا ايترا هئا جو سڃاڻڻ مشڪل هو ته ڪير يونيورسٽيءَ جا آهن، ڪير ٻاهر کان آيل آهن—بس رش ئي رش!

اسين گاڏي بيهاري ڪنڊ طرف ويٺاسين. ساگر موبائيل ڪڍي ڪنهن کي ميسج ڪيو. ٿوري دير بعد هڪ ڇوڪري ٻه پاڻيءَ جون بوتلون کڻي آئي، اسان سان ملي چيائين:
"اندر اچو نه!"
ساگر کيس سڃاڻي چيو: "هي منهنجو دوست نويد آهي، هي اندر نٿو اچي."
ته ڇوڪري ويجهو ٿي مون کان پڇيو:
"ڇو، اندر ڇو نٿا هلو؟"
مون وراڻيو: "ها، ضرور اينداسين. پروگرام شروع ته ٿئي."

چيائين: "ها، پروگرام شروع ٿئي ته ضرور اچجو."
مون چيو: "جي ها."
اها ڇوڪري هلي ويئي.
ساگر چيو: "ڏٺئي؟ ان جي خاص دعوت هئي. انڪار ڪيئن ڪري سگهيس ٿي ڀلا؟"
مون چيو: "هممم... انڪار ڪرڻ به نه کپي ھا، ڇو ته ماڻهون ئي اهڙو آهي."

خير، محفل شروع ٿي. پهرين شفي فقير صاحب اچي ٽراڄا ڪڍيا شيخ اياز جي شاعريءَ سان شروعات ڪئي:
"سکي پيا کي ملين ته چيئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي..."

محفل کي ڄڻ ته چار چنڊ لڳي ويا. سڀ ماڻهو جھومڻ لڳا. اسين به ٿورو اڳيان ٿي وياسين. ڇوڪريون ڇوڪرا فنڪارن مٿان پئسا اڇلائي رهيا هئا. مون ساگر کي چيو:
"هل ته پاڻ به حصو وٺون، ته ثبوت ته هجي جو اسين به آيا ھئاسين!"
اسين اسٽيج طرف وڌڻ لڳاسين ته اها ڇوڪري وري ڊوڙي آئي، چيائين:
"ڪاڏي ٿا وڃو؟"
اسان چيو: "گهور ڪرڻ."
چيائين: "ته پوءِ هلو ته ھلون، مان اوهان جي انتظار ۾ هيس."
اسين ٽئي گڏ وياسين. هاڻ هوءَ اسان جي مٿان پئسا گهوري رهي هئي، ۽ اسين هن جي مٿان! نه فقط اسين، پر سڀئي ائين ئي ڪري رهيا هئا—فنڪار بدران هڪ ٻئي تي گهور ڪري رهيا هئا، ڇوڪرا ڇوڪرين مٿان، ڇوڪريون ڇوڪرن مٿان.
اسان به اهو ئي ڪيو.

پئسا گهوري واپس ٿياسين ته مون ساگر کي چيو:
"هل يار، هاڻ پاڻ نڪري ھلون."
چيائين: "هڪ منٽ، مان ماروي کان پڇي اچان، پوءِ هلون ٿا."
مون چيو: "ماروي کي ٻاهر، مون ڏانهن وٺي اچجان."
مان ٻاهر نڪري آيس. ٻن منٽن کان پوءِ ساگر ۽ ماروي ٻاهر آيا. مون چيو:
"سوري، اوهان کي موڪلائڻ لاءِ تڪليف ڏني. هاڻ اجازت ڏيو، اسين هلون ٿا."
ماروي چيو: "پر ايترو جلدي ڇو يار؟"
مون چيو: "ٻئي پاسي ٿورو ڪم آهي، اُتي وڃڻو آهي، سو توهان محفل کي ڀلي انجواءِ ڪريو. ڪو مسئلو ناهي."
وري ٻي دفعو ملبو

(هلندڙ...)

حڪيم لقمان چوي ٿو تہ"مون پنهنجي زندگي ۾ مختلف دوائن سان ماڻهن جو علاج ڪيو آهيپر هن تجربي کان پوءِ، مون سکيو آهيته انسان ...
11/07/2025

حڪيم لقمان چوي ٿو تہ
"مون پنهنجي زندگي ۾ مختلف دوائن سان ماڻهن جو علاج ڪيو آهي
پر هن تجربي کان پوءِ، مون سکيو آهي
ته انسان لاءِ بهترين دوا پيار ۽ عزت آهي."
ڪنهن پڇيو
"جيڪڏهن هي ڪم نه ڪري ته پوءِ.....؟"
حڪيم لقمان مسڪرائيندي چيو
"پوءِ دوا جي مقدار وڌايو.

اپنی اصل کہانی اُسی لڑکی کو سنانا، جو پڑھی ہوئی کتابیں سنبھال کر رکھتی ہو ♥️
09/07/2025

اپنی اصل کہانی اُسی لڑکی کو سنانا، جو پڑھی ہوئی کتابیں سنبھال کر رکھتی ہو ♥️

آئون تو ساڻ، تون ڪٿي جانان!ھن گھڙي ھاڻ، تون ڪٿي جانان!زندگي زلزلي ۾ ڦٿڪي پئي،ڪيڏي ڇڪتاڻ! تون ڪٿي جانان!ٿي سگھي جي ته مون...
08/07/2025

آئون تو ساڻ، تون ڪٿي جانان!
ھن گھڙي ھاڻ، تون ڪٿي جانان!

زندگي زلزلي ۾ ڦٿڪي پئي،
ڪيڏي ڇڪتاڻ! تون ڪٿي جانان!

ٿي سگھي جي ته مونکي ميڙي وٺ،
زندگي واڻ، تون ڪٿي جانان!

آئون تو منجھه مئو پيو آھيان،
پاڻ تون پاڻ، تون ڪٿي جانان!

چپ منھنجا نه سُڪن پيا ساگر تي،
اک آلاڻ، تون ڪٿي جانان!

ڪھڙي ڪُنڊ ڪائنات جي وڃي ورتئي؟
پاڻ کي آڻ، تون ڪٿي جانان!

ڪنھن گھڙيءَ منجھه تون گُھمين پيئي،
ڪو سفر ساڻ، تون ڪٿي جانان!

آئون رِڻ ۾ رَڙي سڙي ويندس،
مان ٿيس پاڻ، تون ڪٿي جانان!

منھنجي سيني ۾ تنھنجي سھڪي جو،
آ لڳل ٻاڻ، تون ڪٿي جانان!

جسم تنھنجي، جي گونجندڙ گرمي،
ڪيڏي ڪوساڻ! تون ڪٿي جانان!

حسن درس

9 محرم الحرام آج کا دن شہزادہ علی اکبر سے منسوب ہے، آپ امام حسینؓ کے بیٹے ہیں، آپ ہم شکل ہمارے پیارے نبی حضرت محمدؐ کے ت...
05/07/2025

9 محرم الحرام
آج کا دن شہزادہ علی اکبر سے منسوب ہے، آپ امام حسینؓ کے بیٹے ہیں، آپ ہم شکل ہمارے پیارے نبی حضرت محمدؐ کے تھے، مولا کو آپ سے بےحد محبت تھی، مولا نے جب آپ کو شہادت کی اجازت دی تو آپ کے گھوڑے کے پیچھے چلتے رہے، علی اکبر جب میدان میں پہنچے تو آپ نے کافی دشمنوں کو جہنم واسل کیا، جب میدان خالی ہوا تو آپ نے کہا کون آئے گا، ابنِ سعد نے جنگی حربہ اپنایا اور اپنے چہرے پر دکھ اور پریشانی کے تاثرات ظاہر کیے اور کہا یہاں تم اتنا اچھا جنگ لڑ رہے لیکن وہاں پیچھے جو منظر میں دیکھ رہا شہزادے نے جیسے ہی پیچھے مڑ کر دیکھا تو اس نے آپ کے گھوڑے پر سوار ہو کر آپ کے ماتھے پر بُرد ماری اور نیزہ آپ کے سینے میں پیوست کیا جس کی انی آپ کے کلیجے میں ٹوٹ گئی۔ آپ نے اس لمحے بابا کو پکارا. میدان میں اتنا گھوڑا تھا کہ امام حسینؓ گھٹنوں کے بل چلتے آپ تک پہنچے، آپ نے کہا اکبر بابا بوڑھا ہو گیا ہے، شہزادے نے بابا سے کہا یہ انی تکلیف دے رہی ہے. یہ صبر کا وہ مقام تھا جہاں پر جوان بیٹے کے سینے سے ٹوٹی انی نکالنے کیلئے باپ نے بیٹے کے سینے کی طرف ہاتھ بڑھایا اور اُس انی کو نکالا۔😭💔

💔
02/07/2025

💔

23/06/2025

ايئن ڪيستائين رهندين؟”“جيستائين توکي وڃائڻ جو درد سمايل رهندو.”کن پل جي خاموشيءَ کان پوءِ سنڌوءَ پڇيو، “تون وڃائڻ ڇاکي ٿو چوين؟”چيم، “مون کي خبر ناهي.”پڇيائين، “ظاهري قربت کي باطن جي قربت کان وڌيڪ اهم ٿو سمجھين؟”ڇيم، “مون کي فقط ايتري خبر آهي ته منهنجي هر اُها تحرير جيڪا مقدس هٿن مان نڪتي آهي، تنهن ڪو به اثر نه ڇڏيو آهي.”“۽ مون کي فقط ايتري خبر آهي ته ظاهري طرح توکان پري وڃڻ کان پوءِ به مان تنهنجي آهيان. فقط تنهنجي آهيان.” سنڌوءَ چيو، “مان توکان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٿي نه سگهي آهيان.”“ڪو غم خوشيءَ جي پاڇي کانسواءِ ۽ ڪا خوشي غم جي پيوند کانسواءِ مڪمل نه ٿيندي آهي.” چيم، “منهنجا غم ۽ منهنجيون خوشيون اهڙيون ئي آهن.”امر جليل

22/06/2025

Honestly, my mental health is not okay. When you wake up in the morning, you're tired, you're stressed. Sometimes it becomes unproductive and my day was unmotivated. The toxic people around me are increasing. When the night came anyway, I was worried about my future, and things things that happen in the world. Sometimes I'm thinking about giving up, but I always find a reason to fight. So you, I understand what you are going through because even I am not okay right now, but I hope you choose to keep going and fight. Better days will come. Everything will be okay.

مونکي هن ڌرتي جو قسم، جيڪا منهنجي پالڻھار آهي، مون توکي ڏاڍي شدت سان چاهيو آهي، تنهنجي پوڄا ڪئي آهي.رولاڪ ليکڪ
21/06/2025

مونکي هن ڌرتي جو قسم، جيڪا منهنجي پالڻھار آهي، مون توکي ڏاڍي شدت سان چاهيو آهي، تنهنجي پوڄا ڪئي آهي.

رولاڪ ليکڪ

Address


Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Hum SALU Waly posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Opening Hours
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share