ایران پر حملو-ں کے پہلے ہی دن میناب شہر میں ایک پرائمری اسکول پر تبا-ہ کن بمباری ہوئی، جس میں 156
افراد مار-ے گئے، جن میں 120 کم عمر بچے شامل تھے۔
امریکا نے اب تک اس کی ذمہ داری قبول نہیں کی، حالانکہ جاری تحقیقات نے کئی ماہ پہلے ہی امریکا کو اس میں ملوث قرار دیا تھا۔
یہ ہول-ناک جرم خاموشی سے نظر انداز نہیں کیا جا سکتا
آدم اسمتھ: امریکی رکن کانگریس
20/05/2026
یہ خان صاحب کی حکومت کی بات ہے جب پیٹرول 140 روپے لیٹر تھا ۔ آٹا 50 روپے کلو تھا ایک وزیر ایک روٹی لے کر اسمبلی پہنچ گئے تھے کہ غریب عوام کا گزارہ مشکل ہے۔
اب ان کی حکومت میں پیٹرول 415 رپیہ لیٹر ہے آٹا 140 رپیہ کلو لیکن اب ان کو عوام یاد نہیں کیونکہ ان کا کرسی ملنے کا مطلب پورا ہو گیا ہے ۔
20/05/2026
ڪنهن جي چوڻ تي زال کي نه ڇڏيندڙ معروف
ڊاڪٽر سارنگ پنهنجي جان وڃائي ويٺو.
ڪراچي ۾ ڪجهه هفتا اڳ پيش آيل قتل جي واقعي جي اصل ڪهاڻي ڊاڪٽر سارنگ جو تعلق بدين سان هو ۽ هو ڪراچي ۾ پريڪٽس ڪندو هو. سندس زال رمينه به ڊاڪٽر هئي ۽ هوءَ به هڪ اسپتال ۾ پريڪٽس ڪري رهي هئي.واقعي واري ڏينهن ڊاڪٽر سارنگ ڊيوٽي کانپوءِ پنهنجي ساهرن جي گهر پهتو، اتان زال کي ساڻ ڪري پنهنجي رهائشگاهه ڏانهن هڪ رڪشي ۾ روانو ٿيو.
جڏهن رڪشو مهران هوٽل جي ويجهو هڪ انڊرپاس تان لنگهي رهيو هو ته هڪ گاڏي اوورٽيڪ ڪري کين روڪيو ۽ ان مان هڪ هٿياربند نقاب پوش نوجوان ٻاهر نڪتو. هن اچي ڊاڪٽر سارنگ کي رڪشي مان لهڻ لاءِ چيو، پر انڪار ڪرڻ تي هن مٿس گوليون هلائي ڏنيون. هڪ گولي ڊاڪٽر سارنگ جي ڇاتيءَ ۾ جڏهن ته ٻيون ٽي گوليون ڄنگهن ۾ لڳيون. واردات ڪرڻ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. ڊاڪٽر سارنگ جي زال راهه ويندڙن جي مدد سان کيس هڪ ٻئي رڪشي ۾ وجهي ويجهي اسپتال کڻي وئي، جتي ڪجهه دير کانپوءِ ڊاڪٽر سارنگ فوت ٿي ويو.
پوليس جي شروعاتي پڇا ڳاڇا جي نتيجي ۾ ڪو به پيرو کڻي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته نه ڊاڪٽر سارنگ جي ڪنهن سان دشمني هئي، نه ڪو ڏيڻ وٺڻ جو تڪرار هو ۽ نه ئي ڪو گهريلو جهڳڙو هو. ڊاڪٽر سارنگ ۽ ڊاڪٽر رمينه هڪ خوشحال زندگي گذاري رهيا هئا. جڏهن پوليس آڏو هي ڪيس هڪ انڌو قتل بڻجي ويو ته ٻين رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي.
پوليس شڪ جي بنياد تي مقتول جي زال جو ڪال ڊيٽا ڪڍرايو ته هڪ اهڙو نمبر جيڪو موبائل ۾ سيو (Save) ٿيل نه هو، ان تان بار بار ڪالز جو اچڻ ۽ ان نمبر تي واپس ڪالز وڃڻ ثابت ٿي ويو. ايتري تائين جو واقعي کان اڳ ۽ پوءِ به ان نمبر واري شخص جو ڊاڪٽر رمينه سان رابطو رهيو هو. جڏهن ان بابت پڇيو ويو ته ڊاڪٽر رمينه ڪو به اطمينان جوڳو جواب نه ڏئي سگهي. رڪارڊ ڪڍرايو ويو ته معلوم ٿيو ته اهو هڪ سرڪاري آفيسر جو نمبر هو، جنهن سان ڊاڪٽر رمينه گذريل ڏيڍ سال کان رابطي ۾ هئي.
ان دوران بدين مان مقتول جو ڀاءُ به پهچي ويو، جنهن انڪشاف ڪيو ته ڪجهه مهينا اڳ ڊاڪٽر سارنگ جي بدلي ٿي هئي ۽ هن ڪجهه مهينا گوادر جي هڪ اسپتال ۾ گذاريا هئا. پوليس جڏهن ڊاڪٽر رمينه کي ٿاڻي منتقل ڪيو ته هن بنا دير جي سڄي ڪهاڻي تان پردو کڻي ڇڏيو.
قصو ائين هو ته جن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر سارنگ گوادر ۾ هو، تڏهن حسيب نالي هڪ سرڪاري آفيسر ڊاڪٽر رمينه جي زندگيءَ ۾ آيو ۽ سندس حسن تي عاشق ٿي پيو. ان شخص ڊاڪٽر رمينه تي مهربانين جي برسات ڪري ڇڏي ۽ ڊاڪٽر رمينه به ڏانهس مائل ٿي وئي، پر اهو شخص جنوني نڪتو. هو چاهيندو هو ته ڊاڪٽر رمينه سارنگ کان طلاق وٺي هن سان شادي ڪري.
ڊاڪٽر رمينه حسيب کي سمجھايو ته ائين طلاق آسانيءَ سان نه ملندي، ان لاءِ ڪو سبب گهرجي جيڪو مون وٽ ناهي، جيڪڏهن تون واقعي مونکي حاصل ڪرڻ چاهين ٿو ته پاڻ ڪو بندوبست ڪر. ان تي حسيب ڊاڪٽر سارنگ کي مختلف طريقن سان ڊيڄاري طلاق ڏيارڻ چاهي، پر ڊاڪٽر پنهنجي سهڻي زال کي طلاق ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيو، بلڪه زال سان گڏ ملڪ ڇڏي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ جو سوچڻ لڳو. ان تي حسيب هڪ خطرناڪ پلان جوڙيو.
واقعي واري ڏينهن ملزم هڪ گاڏي رينٽ (ڀاڙي) تي حاصل ڪئي، رمينه جي ڏنل معلومات تي ڊاڪٽر سارنگ جي لوڪيشن جو پتو لڳايو ۽ پوءِ انڊرپاس ۾ کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پنهنجي مڙس جي قتل ۾ ٻانھ ٻيلي بڻيل ڊاڪٽر رمينه کان علاوه پوليس حسيب کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، جن جو چالان تيار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان کين جيل موڪليو ويو آهي.
منقول: وسيم الطاف
زنائي شا يسرا رائيٽرز
19/05/2026
بلوچ اسانجا ڀائر آھن۔بلوچن سان اسانجي تاريخي برادري آھي۔سنڌ ۾ رھندڙ اڌ سنڌي بلوچن جون بلوچستان ۾ رشتيدارين سان گڏ جنم ڀومي آھي۔اسان سنڌين ڪڏھن به ھتان جي سنڌي بلوچن توڙي بلوچستان ۾ رھندڙ بلوچن سان ڪو تعصب نه ڪيو آھي نه ئي سنڌ ۾ اچڻ ۽ مستقل رھائش پذير ٿيڻ تي ڪو اعتراض ڪيو آھي۔ڪيترن سنڌي گھراڻن ۾ بلوچ نياڻيون پرڻيل آھن۔بلوچ ڀائرن کي به سنڌين ۽ سنڌي بلوچن کي بلوچستان ۾ روزگار ڪرڻ ۽ رھڻ۔ڪاروبار ڪرڻ يا ملڪيت خريد ڪرڻ تي اعتراض نه ڪرڻ گھرجي۔اڳم به سنڌ جي بروھي مزدورن کي بلوچستان ۾ قتل ڪيو ويو۔جيڪو به مجبوري ۾ پيٽ پالڻ لاء بلوچستان جھڙي پسمانده علائقي ڏانھن وڃي ٿو اھو بلوچن جو دشمن نه آھي۔بلوچ سرمچار فوري طور مغوي سنڌين کي آزاد ڪن۔سنڌين سان بلوچ سرمچارن جو اھو رويو رھيو ٻنھي قومن ۾ نفرتون وڌنديون۔بلوچ ڀائر سمجھي ڇڏين ته سندن آزادي جي تحريڪ ۾ سنڌي ڪا به رڪاوٽ نٿا بنجن۔بلوچستان کي سنڌين لاء ممنوعه علائقو بنائيندا ته سنڌي به اھڙو فيصلو ڪري سگھن ٿا۔سنڌي ھر لحاظ کان بلوچستان جي بلوچن کان اڳتي آھن۔Dilshad Bhutto
19/05/2026
رھڙڪي: دربار جو مشھور روحاني پيشوا سائين سنت ساڌ رام جِي ديھانت ٿيڻ بعد نصيرآباد شھر ۾ پوج ھندو پنچائت پاران سوڳ ۾ پنھنجو سمورو ڪاروبار بند رکيو. ۽ جڏهن ته ھندو پنچائت ھال جي بيٺڪ تي به تڏو ڪيو ويو۔ اُن موقعي تي سموري ھندو برادري شرڪت ڪئي۔
19/05/2026
زال کان سواء پنج منٽ به نه ٿو رهي
هڪ مجبور مُڙس جي درد جي دانهن.!
19/05/2026
اياز لطيف پليجو جون هي ڳالهيون ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ جوڳيون هن.
19/05/2026
سنڌ جي صالح ۽ صدوري پُٽ سائين ساڌرام جي وڇوڙي تي اَمُن آشتي ۽ انسانيت جي سَڀني پيروڪارن سان ڏُک، اَفسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪَجي ٿو- ھُو واقعي بہ ھِڪ نفيس رُوح ھو- ھُن جي وڇوڙي تي سنڌو درياءَ جي ٻنھي ڪنارن تي آباد اصلوڪا رَھواسي ۽ ڏُور ھِند جا ماڻھو ڏُکارا آھن- آئون پاڻ کي غمگين مَحسوس ڪري رھيو آھيان.منقول😥
19/05/2026
مورو شهيد عرفان لغاري ۽ شهيد زاهد لاشاري جي ورسي تي جلسو عام سڀاڻي ڪيو ويندو. سنڌ جي ڪومل.
19/05/2026
هڪڙو ٺڳ ۽ ڪوڙو مُلان ٿو چئي ته سنڌ آزاد ته ڪرائي ڏسو. جسم چيئرمين رياض چانڊيو.
Be the first to know and let us send you an email when The Expert - MEDIA posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.