
19/04/2025
سبزي تورڻ وقت جيڪڏهن مک ترازيءَ تي ويهي رھي ته ڪوبه فرق نٿو پوي. اها ئي مک جيڪڏهن سونَ توريندي وقت ترازيءَ تي ويهي ته — ان جي قيمت 10، 5 هزار وڌي وڃي ٿي. هتي وزن جو ڪوبه مطلب ناهي، پر اها جاءِ اهم آهي جتي تون ويٺو آهين. انڪري سٺين محفلن ۾ ويهندا ڪريو ۽ پنهنجو وقار قائم رکو.