25/11/2025
مٽياريءَ ضلعي جي ڏاهي برادري سميت سمورن برادرين ۾ احترام جو مقام رکندڙ، وفاداري، نياز نوڙت ۽ عاجزي جا روشن مثال سردار محبوب عالم جمالي صاحب جي شخصيت ئي سندن ساندرتا جو ثبوت آهي. اوڙي پاڙي سان شفقت ڀريو رويو هجي يا سمورن برادرين سان دوستي نڀائڻ سردار محبوب عالم جمالي سدائين اُهو مقام حاصل ڪيو آهي جيڪو رڳو عمل اخلاق ۽ وفاداري سان ئي ملي ٿو. تازو ڪاڪا برادري جي معززن پاران مخدوم جميل الزمان سائين جي مان ۾ دعوت دوران سردار محبوب عالم جمالي صاحب جي پاڪستان پيپلزپارٽي مرڪزي اڳواڻ مخدوم جميل الزمان ملاقات دوران تصوير به انهي سياسي ۽ تنظيمي وابستگيءَ جو اظهار آهي. جيڪا برادري وٽ سدائين پارٽي ڏانهن محبت اعتماد ۽ ساٿ جي صورت ۾ موجود رهي آهي. جمالي برادري جو وفاداري، احترام ۽ سياسي وابستگيءَ ۾ استقامت جيئن سڄي تَر ۾ مشهور آهي، تيئن سردار محبوب عالم جمالي پنهنجي نرم خوئي، عاجزي ۽ خدمتگار طبيعت سبب عوام جي دلين ۾ خاص جاءِ رکن ٿا.
Cp from Senior Journalist Qaim Ali Khan