Bhawand lakha Times

Call Directions Contact the business

Bhawand lakha Times "Bhawand Lakha Times – سچ، بي خوف، بي ڌڙڪ! مقامي ۽ عالمي خبرون، تجزيا ۽ اپڊيٽس، هتي سڀ ڪجهه ملي ٿو. اسان جي نظر، توهان جي خبر!"

انا لله وانا اليه راجعون 🥀نهايت ڏک ۽ افسوس سان اطلاع ڏجي ٿو ته مرحوم وڏيري محمد اسماعيل ڏيپر جي گهر واري، ۽ حضور بخش، ال...
31/08/2026

انا لله وانا اليه راجعون 🥀

نهايت ڏک ۽ افسوس سان اطلاع ڏجي ٿو ته مرحوم وڏيري محمد اسماعيل ڏيپر جي گهر واري، ۽ حضور بخش، الله بخش، حسين بخش، پٺاڻ، مير سعيد ۽ کبڙ خان جي والده محترمه هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

مرحومه جي جنازي نماز اڄ صبح 11:15 وڳي ادا ڪئي ويندي. 01/9/26

الله پاڪ مرحومه کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، سندن مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي هي وڏو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين يا رب العالمين 🤲

دعا جي اپيل. 🥀

🚨 مبارڪون هجي يوسي لاکا جي چيئرمين صاحب کي! 🚨ڳوٺ ڀاوندا لاکا جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي مين گيٽ تي هڪ شاندار "بد...
03/08/2026

🚨 مبارڪون هجي يوسي لاکا جي چيئرمين صاحب کي! 🚨
ڳوٺ ڀاوندا لاکا جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي مين گيٽ تي هڪ شاندار "بدبوءِ ۽ بيمارين جو تحفو" ڏيڻ تي اسان يو سي لاکا جي چيئرمين ۽ ٽائون انتظاميا جا انتهائي احسان مند آهيون! 👏

واه سائين واه! اسڪول جي مين گيٽ سامهون گندگي ۽ ڪچري سان ڀريل نالي ٻڌائي پئي ته اسان جي علائقي جي چونڊيل نمائندن کي تعليم ۽ معصوم ٻارن جي صحت سان ڪيتري "محبت" آهي! ٻار کڻي پڙهن يا بيمار ٿين، بس توهان جي بي حسي ۽ هٿ تي هٿ رکي ويهڻ واري ادا قائم رهڻ گهرجي. 💔

معصوم ٻار روزانو انهي بدبودار نالي ۽ مڇرن جي وچ مان لنگهي اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن. ڇا تحفي ۾ ڏنو اٿو ٻارن کي صحتمند ماحول!

👉 يو سي چيئرمين صاحب ۽ انتظاميا وارا سائين!
خدا جي واسطي پنهنجي جادوئي خواب مان جاڳو ۽ هن نالي جي فوري صفائي ڪرايو! معصوم ٻارن تي هيترو ظلم به ٺيڪ ناهي.

سوال: ڇا اسان جا ٻار تعليم پرائين يا بيماريون سنڀالين؟

مطالبو: اسڪول گيٽ وٽان گندگي جو فوري خاتمو ڪيو وڃي!

✨ صاف ماحول، صحتمند ٻار — جيئن ته توهان جي ذميواري آهي، هاڻي نڀايو به صحيح!

(دوستو! هن پوسٽ کي وڌ ۾ وڌ شيئر ڪريو تاڪيجو "غافل" انتظاميا تائين اهي طنزيه لفظ ۽ سچائي پهچي سگهي!) 📢

🚨 اهم خبر 🚨تنوير احمد پنھور جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي۔ مرڪزي جوابدار سمير عرف ڪٽورو سميت وڌيڪ ٻه جوابدار به قمبر پ...
04/03/2026

🚨 اهم خبر 🚨
تنوير احمد پنھور جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي۔ مرڪزي جوابدار سمير عرف ڪٽورو سميت وڌيڪ ٻه جوابدار به قمبر پوليس هٿان گرفتار ڪيا ويا آهن۔
پوليس موجب ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، ۽ سڀني جوابدارن کان جاچ جاري آهي۔ اميد آهي ته قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انصاف جا تقاضا پورا ٿيندا۔
الله پاڪ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر عطا ڪري۔ 🤲

02/03/2026

📚 GBPS Bhawand Lakha
الحمدالله وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ته GBPS Bhawand Lakha ۾ سالانه امتحان 2025–2026 اڄ بتاريخ 2 مارچ 2026 کان باقاعده طور تي شروع ٿي چڪا آهن۔
اڄ ڪلاس چوٿون (IV) ۽ ڪلاس پنجون (V) جي شاگردن پنهنجا امتحان وڏي محنت ۽ تياري سان ڏئي رهيا آهن۔
اسڪول جو ماحول علم، محنت ۽ اميدن سان ڀرپور نظر اچي رهيو آهي۔
اسان دعا ٿا ڪريون ته الله پاڪ سڀني شاگردن کي امتحان ۾ ڪاميابي عطا فرمائي، سندن محنت قبول ڪري ۽ سندن مستقبل روشن بڻائي۔ آمين 🤲
استادن جي محنت ۽ والدين جي دعا سان يقين آهي ته شاگرد بهترين نتيجا حاصل ڪندا ۽ پنهنجي اسڪول ۽ ڳوٺ جو نالو روشن ڪندا۔




💔 دل ڏکائيندڙ خبر 💔ڪجهه ڏينهن اڳ لاپتا ٿيل نوجوان تنوير احمد پنهور کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو آهي. سندس لاش کڏ مان هٿ پي...
28/02/2026

💔 دل ڏکائيندڙ خبر 💔
ڪجهه ڏينهن اڳ لاپتا ٿيل نوجوان تنوير احمد پنهور کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو آهي. سندس لاش کڏ مان هٿ پير ٻڌل حالت ۾ مليو آهي. هي خبر ٻڌي سڄو علائقو ڏک ۽ صدمو ۾ اچي ويو آهي.
تنوير هڪ غريب، معصوم ۽ محنتي نوجوان هو، جيڪو پنهنجي گهر جو سهارو هو. افسوس جو اهڙي بيدردي سان هڪ غريب گهر جي خوشي هميشه لاءِ کسي وئي.
😢 هن جي امڙ جو رو رو ڪري بُرو حال آهي. جيڪو پٽ محنت ڪري گهر جو سهارو بڻيل هو، اڄ اهو ئي پٽ بيگناهه ظلم جو شڪار ٿي ويو.
🙏 الله پاڪ کان دعا آهي ته مرحوم تنوير احمد پنهور کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس گهر وارن کي صبر جميل عطا ڪري.
اختيارين کان پرزور مطالبو آهي ته هن ظالماڻي قتل ملوث ماڻهن کي جلد کان جلد سخت سزا ڏني وڃي .




#سنڌ

🚨 ضروري اطلاع – مهرباني ڪري شيئر ڪريو 🚨مير جي هوٽل تي صفائي جو ڪم ڪندڙ نوجوان تنوير احمد پنهور گذريل رات کان گم آهي. نه ...
27/02/2026

🚨 ضروري اطلاع – مهرباني ڪري شيئر ڪريو 🚨
مير جي هوٽل تي صفائي جو ڪم ڪندڙ نوجوان تنوير احمد پنهور گذريل رات کان گم آهي. نه هو هوٽل تي واپس آيو، نه ئي پنهنجي گهر پهتو. گهر وارا سخت پريشاني ۾ آهن.
هو هڪ معصوم، غريب ۽ محنتي ٻار آهي، جيڪو پنهنجي گهر جي سهاري لاءِ ايمانداري سان ڪم ڪندو هو. سندس اوچتو لاپتا ٿيڻ سبب سندس گهر ۾ بيچيني ۽ انتظار آهي.
🙏 جيڪڏهن ڪنهن وٽ به تنوير احمد پنهور بابت ڪا ڄاڻ هجي ته مهرباني ڪري فوراً هيٺ ڏنل نمبرن تي رابطو ڪيو:
📞 0301-2117875
📞 0321-1101146
توهان جي هڪ شيئر سان هڪ گهر جي خوشي واپس اچي سگهي ٿي. مهرباني ڪري هن پيغام کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو.





17/02/2026

ڳوٺ ڀاوندا لاکا ۾ هن وقت هلڪي برسات سبب موسم تمام خوشگوار ۽ سهڻي ٿي وئي آهي. ٿڌڙي هوا ۽ وسندڙ برسات دل کي سڪون ڏئي رهي آهي. الله پاڪ پنهنجي رحمتون جاري رکي ۽ سڀني کي خوشحال رکي. 🌧️🌿

#برسات




  👉 ھڪ ننڍڙو اسڪول جو شاگرد پنھنجي گھر مان سون جا ڇھ ڪنگڻ اسڪول ۾ کڻي آيو.👉 ھن اھي ڪنگڻ پنھنجي دوستن کي تحفي طور ڏيڻ شرو...
16/02/2026


👉 ھڪ ننڍڙو اسڪول جو شاگرد پنھنجي گھر مان سون جا ڇھ ڪنگڻ اسڪول ۾ کڻي آيو.
👉 ھن اھي ڪنگڻ پنھنجي دوستن کي تحفي طور ڏيڻ شروع ڪيا.
👉 اسڪول جي اسٽاف اھا ڳالھ ڏسي فوراً نرمي سان ڪنگڻ واپس وٺي ڇڏيا.
👉 بعد ۾ معلوم ٿيو ته اھي ڪنگڻ شاگرد جي ڀيڻ جا ھئا، جيڪي نوان خريد ٿيل ھئا.
👉 اسڪول انتظاميه ايمانداري سان ڪنگڻ محفوظ ڪري شاگرد جي ماءُ کي اطلاع ڏنو.
👉 شاگرد کي پيار سان سمجھايو ويو ته گھر جي شين کي اجازت کان سواءِ نٿو وٺجي.
✅ ھن واقعي مان سبق:
ٻار ڪڏهن ڪڏهن معصوميت ۾ اھڙا ڪم ڪندا آھن.
اسڪول جي ايمانداري ۽ ذميواري سٺي مثال آھي.
ٻارن کي شين جي قيمت ۽ اجازت وٺڻ سيکارڻ ضروري آھي.

#قمبر

الحمدلله رب العالمين 🌟خوشيءَ جو پل جڏهن اسان جي دوست غلام مصطفيٰ ڏيپر نئين CD موٽر سائيڪل 2026 خريد ڪري گهر آندو. اهڙيون...
16/02/2026

الحمدلله رب العالمين 🌟
خوشيءَ جو پل جڏهن اسان جي دوست غلام مصطفيٰ ڏيپر نئين CD موٽر سائيڪل 2026 خريد ڪري گهر آندو. اهڙيون خوشيون زندگيءَ ۾ محنت ۽ صبر کان پوءِ ملنديون آهن.
الله پاڪ کان دعا آهي ته هي نئين سواري سندس زندگيءَ ۾ آسانيون، ڪاميابيون ۽ خوشين جا نوان در کولي. هر سفر سلامتيءَ سان ٿئي ۽ سندس روزگار ۾ بي حساب برڪت ٿئي. 🤲
دل جي گهراين سان کيس واڌايون ۽ نيڪ تمنائون 🌹
الله پاڪ هميشه خوش ۽ آباد رکي.
#واڌايون #خوشي

08/02/2026

#قمبر
پاڪستان جي آزادي ۽ عمران خان جي آزادي هاڻي قوم جو مقدر بڻجي چڪي آهي. تحريڪ انصاف جي جدوجهد هاڻي صرف شهرن تائين محدود ناهي رهي، پر ڳوٺ ڳوٺ، وستي وستي نوجوانن، بزرگن ۽ ٻارن ۾ به سياسي شعور ۽ سجاڳي اچي چڪي آهي.
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ همدردن طرفان صدر نثار احمد ڏيپر جي اڳواڻي ۾ ڀرپور ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪري پنهنجي جذبي، اتحاد ۽ عزم جو اظهار ڪيو.
شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي خوشحالي، انصاف ۽ حقيقي آزادي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪيو ۽ ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ گڏجي هلڻ جو وچن ڪيو.
الله پاڪ پاڪستان کي هميشه سلامت رکي ۽ قوم کي اتحاد ۽ ترقي جي راهه تي قائم رکي. آمين 🤲🇵🇰






Address

Jeddah

Telephone

+966508981546

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Bhawand lakha Times posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Bhawand lakha Times:

Shortcuts

Share