12/08/2026
صادق آباد: ويجهو چؤڪ چڍڙ ۾ گهر تي هٿياربندن جو حملو، 3 ڄڻا قتل
پنجاب جي علائقي چوڪ چڍڙ ۾ هٿياربندن هڪ گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سردار مير عالمگير خان ڪوش، سندس گارڊ معشوق ڪوش ۽ گهر مالڪ ياسين ڪوش جو پٽ ناظم ڪوش مارجي ويا.
پوليس ٽنهي ڄڻن جا لاش تحصيل اسپتال صادق آباد منتقل ڪري ڇڏيا